ليکڪ رزاق کٽي شهنشاهيت جو ڇٽ مٿي تي رکڻ بعد، پارسا گاد جي خاموش واديءَ ۾ رضا شاهه پهلوي هڪ ڏينهن سائرس جي اڪيلائيءَ ۾ اچي خلل وڌو ۽ هيلي ڪاپٽر جي گوڙ ۾ وڏي شان ۽ مان سان پهتو. هيلي ڪاپٽر مان لٿو، چبوتري تي چڙهيو، سائرس جي قبر ۽ ان جي پيراندي پيل ٽي وي ڪيمرا ڏانهن منهن ڪري هو مخاطب ٿيو، اي عظيم الشان بادشاهه، اي بادشاهن جا بادشاهه، مان شهنشاهه ايران اوهان کي پنهنجي قوم جي طرفان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو، اسان اڄ اوهان جي سيرانديءَ تي صرف اهو چوڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته هاڻي اوهان اطمينان سان سمهي سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان جاڳي چڪا آهيون، هنن لفظن جي گونج اڃا فضا ۾ ئي هئي ته ايران جاڳي چڪو هو. ۽ اهڙو ٻڙڌڪ مچي پيو جو ڪوروش خواب ۾ رضاشاهه پهلوي کان پڇيو ته ”ايران ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي“ ماڻهن ڪورو ش اسٽور کي باهه ڏئي ڇڏي. ڪوروش بئنڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. خيابان ڪوروش ڪبير تي ڏهه لک ماڻهو گڏ ٿيا آهن، ۽ ”بادشاهه مردا باد“ جا نعرا هڻي رهيا آهن، ”اوهان چئو ٿا ته آرام سان سمهي پئو منهنجي ته ننڊ اڏامي وئي آهي“ هي سجاڳي آهي يا انقلاب؟ منهنجي ڀر ۾ ويٺل هندستان جي شهر فيض آباد جو صحافي دوست، منظر مهدي مونکي تاريخ جي ڪتاب مان ڌونداڙي ٻاهر ڪڍي ٿو، ۽ چوي ٿو ته پنهنجي پهرين منزل اچي وئي آهي. مان سوچيان ٿو ته انهيءَ سجاڳيءَ سان سائرس جي جرئت ۽ حڪمت جي بنيادن تي قائم ڪيل سلطنت کان پاڻ مرادي پهلوي خاندان جي حڪومت تائين ايران ۾ بادشاهت ۽ شهنشاهيت جو ڊگهو سلسلو اوچتو ختم ٿي ويو، سائرس ايران جو پهريون بادشاهه هو، ۽ رضا شاهه آخري بادشاهه، ڪاش مان ان ڏينهن تهران ۾ هجان ها، جنهن ڏينهن مٽيءَ جي هڪ مٺ هن جي حصي ۾ آئي هئي، ۽ هو روئيندو پنهنجي زال فرح ديبا کي جهاز ۾ وٺي روانو ٿي ويو هو، ان ڏينهن هو پاڻ جهاز جو پائليٽ هو . بادشاهه نه هو. هيءُ فرح ديبا جو محل آهي، مونکي امان الله شادي زئي ٻڌائي ٿو: رضا شاهه جا هن شهر ۾ اڌ ڊزن کن محل آهن جن ۾ هو رهندو هو، هن جو سڀ کان بهترين محل ”سفيد ڪاخ“ آهي، جيڪو تهران جي جبلن جي هنج ۾ ٺهيل آهي، فرح ديبا هن محل ۾ رهڻ لاءِ ايندي هئي، هن محل جو نالو”ناران“ آهي، هن محل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪافي پنڌ ڪرڻو پوي ٿو، انهيءَ کان پوءِ اوهان انهي محل ۾ داخل ٿيو ٿا، انهيءَ محل کي ايران سرڪار قومي ورثو قرار ڏيڻ بعد هن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هي محل انهيءَ حالت ۾ آهي جنهن حالت ۾ شاهه ايران هن کي ڇڏي ويو هو، روزانو هزارين سياح هن محل کي ڏسڻ اچن ٿا، پر اوهان کي هڪ لمحي به اهو احساس نه ٿيندو ته ايترا ماڻهو اچڻ جي باوجود هي محل ايترو ئي صاف ۽ نفيس آهي، جهڙو هن کي هئڻ گهرجي، ڪنهن گهڙي اوهان کي ائين لڳندو، ڄاڻ هو فرح ديبا ڏاڪڻن تان هيٺ لهندي! هن محل جون ٻه منزلون ڏسڻ وارن لاءِ کليل آهن، ممڪن آهي ته هن محل جو تهخانو به ٺهيل هجي، پر ڪمرن جي آڏو وڏا شيشا ڏئي ان کي بند ڪيو ويو آهي جيئن ماڻهو ان ۾ داخل نه ٿي سگهن ۽ ٻاهر کان ئي ان کي ڏسي سگهن، هڪ هڪ ڪمري ۾ شين جي ترتيب ڏسڻ وٽان آهي، جهڙي ريت شيون فرح ديبا جي استعمال ۾ هيون انهن کي ائين جو ائين ئي رکيو ويو آهي، هڪ خوبصورت ڪنڊ ۾ پيل پيانو پنهنجي سيني ۾ هزارين ساز لڪايو ويٺو آهي، فرح ديبا جي آڱرين کان پوءِ هن کي ڪابه آڱر ڇهي نه سگهي آهي، مون سوچيو خانم گوگوش جيئري ته ضرور آهي پر هن لاءِ هاڻي ايران ۾ ڪابه جاءِ ناهي، انسان کان وڌيڪ ته شين جو بخت آهي، فرح ديبا کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه نه ملي. هن جي پيانو کي هن جي محل ۾ پناهه ملي وئي، پر هن پيانو کي سندس سيني مان ساز دريافت ڪرڻ لاءِ آڱريون نه ملي سگهيون آهن، جيڪڏهن هن پيانو کي سوچڻ جي حس هجي ها ته هو پنهجي بي معنيٰ وجود تي ملامت ضرور ڪري ها، هن محل ۾ اڃا تائين ذوالفقار علي ڀٽو، چو اين لائي، جون شاهه ايران سان گڏ نڪتل تصويرون پيل آهن چرچل ۽ آمريڪي صدر جون تصويرون لڳل آهن، نپولين بونا پارٽ جي تصويرن وارو ڊنر سيٽ تمام گهڻي خوبصورتيءَ سان سجايل آهي، اسان جي دوستن جو خيال هو ته هي سيٽ فرانس حڪومت پاران شاهه ايران کي تحفي طور ڏنو ويو هوندو، انتهائي قيمتي قالين ديوارن تي سجايل هئا. هڪ ڪنڊ تي ملڪا فرح ديبا جو پينسل اسڪيچ ٺهيل هو، عورت جي خوبصورتيءَ جي علامتن کي هر ڪنڊ ۾ ڏيکاريو ويو هو، ڪٿي قالين تي تصويرن جي صورت ۾ ڪٿي پتل جي ڌاتوءَ سان ٺهيل بتن جي صورت ۾موجود آهن، شهنشاهه ايران جو پيءُ رضا شاهه ڪبير جنهن قاچار شهنشاهيت جو تختو اونڌو ڪري پهلوي شهنشاهيت جو بنياد وڌو هو، ان جي به تصوير رکيل هئي، هن محل ۾ رضا شاهه پهلويءَ جي پهرين زال ثريا بختياريءَ جي تصوير ان ڪري به حيرانيءَ جو سبب هئي ته فرح ديبا پنهنجي محل ۾ انهيءَ تصوير کي ڪيئن برداشت ڪيو، ثريا تمام گهڻي سهڻي عورت هئي، هو ڪيترائي ڀيرا شاهه ايران سان گڏ پاڪستان به آئي هئي، پر هن مان اولاد نه ٿيڻ جي ڪري رضا شاهه کيس طلاق ڏئي ڇڏي هئي، ممڪن آهي هڪ ياد گار طور فرح ديبا ثريا جي تصوير لڳائڻ جي اجازت ڏني هجي، شاهه ايران جي پهرين شادي مصر جي بادشاهه فاروق جي ڀيڻ سان ٿي هئي، هن زال مان شاه ايران کي هڪ نياڻي جو اولاد هو، جنهن جو نالو شهناز هو، شهناز جي شادي جنرل زاهدي جي پٽ ارد شِر زاهديءَ سان ٿيل هئي، جنهن شاهه جي خلاف ٿيل هڪ بغاوت کي ناڪام بڻايو هو، مصر جي شهزادي، شاهه ايران کان انهي ڪري طلاق ورتي ته هن کي ايران جي موسم راس نه آئي ۽ هو واپس قاهره موٽي وئي. پر جنهن ملڪ لاءِ هو ايران ۽ پنهنجي مڙس کي ڇڏي وئي ان کي ان ملڪ جي مٽي به نصيب نه ٿي، مصر جي فوج جي سربراه جنرل نجيب ۽ ڪرنل جمال عبدالناصر بغاوت ڪئي ته هو به پنهنجي ڀاءُ سان گڏ اٽلي رواني ٿي وئي، ۽ زندگي جا باقي ڏينهن هن اتي ئي گذاريا. (شاهه ايران جي شريڪ حيات راڻين جو شايد اهو ئي مقدر هو)شاه فاروق جو هڪ جملو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو هو، ”دنيا ۾ صرف پنج بادشاه بچندا، هڪ برطانيا جو ۽ چار تاش جا“