ميان جي حاجي پيروز جروار باني ملا مڪتب (ملا اسڪول) صاحب خان جروار تعلقه ٽنڊوالهيار (يادگيريون) تحرير : عبدالله جروار منهنجو پڙڏاڏو ميان حاجي پيروز جروار جنهنجي شروعاتي تعليم بابت ڄاڻ ناهي ڪٿي حاصل ڪئي. پر بعد ۾ اسان جي عزيزن جي ڳوٺ مبارڪ جروار جي بزرگ استاد، شاعر سائين قاضي عبدالڪريم مجروح رح وٽ پڙهڻ لاء ويو. قاضي صاحب کي سرهندي پيرن جروار برادري جي معززين جيڪي سرهندي پيرن جا مريد هئا. انهن جي اولاد کي ديني توڙي دنياوي ڏيڻ خاطر هن ڳوٺ ۾ موڪليو هو. ڪجهه ميان عبدالڪريم کان ڪجهه عرصو تعليم حاصل ڪرڻ بعد مسو بوزدار لڳ کيسانو واه تي آباد ڳوٺ غلام حسين لغاري ۾ حافظ حيات لغاري وٽ پڙهيا. ديني توڙي دنوي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فارسي پڻ پڙهيا. سنڌي ٻولي سان گڏ فارسي ٻولي جا ڄاڻو هئا. حڪمت سان به دلچسپيءَ رکندا هئا. ان وقت اسان جي علائقي ۾ ٻه وڏا ڳوٺ هئا جيڪي شهر جو درجو رکندا هئا. جن جي نه رڳو وڏي آبادي هئي پر ڪاروباري مرڪز هئا. هڪ کوکر ڳوٺ جنهن ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول، ڍڪ، پوليس ٿاڻو پڻ هئا. ٻيو وڏو ڳوٺ همزو ٽالپر هو. جتي لوڪل بورڊ جو سرڪاري اسڪول هو. ٻنهي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ٻارن جو وڏو تعداد تعليم حاصل ڪندو هو. اهي ٻئي ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرا هئا. جنهنڪري ٻارن جو وڏو تعداد اسڪول پڙهڻ نه ويندو هو. ميان جي حاجي پيروز پنهنجي ڳوٺ جي پراڻي مسجد جيڪا اوڏڪي ڀتين ۽ گاري سان ٺهيل مٿان لڪ ڄاڻا وڌل انهن ۾ قرآن شريف ۽ سنڌي پڙهائڻ لڳو. جنهنجي ڄاڻ انگريز سرڪار کي پئي ته انگريز 1895ع ڌاري هن مڪتب کي ملا اسڪول جو درجو ڏنو. سندس پهرين شاگردن جو تعداد ان وقت حاضري رجسٽر موجب 25 کن هو. ميان جي پيروز تعليم ڏيڻ سان گڏ وگڏ پنهنجي توڙي ڀرواري ڳوٺن نڪاح توڙي غسل ڪفن توڙي جنازي نماز پڙهائڻ جو ڪم خدا ڪارڻ في سبيل الله ڪندو هو. کيسانو واه تي ڪجهه زمين به هئس. جتي مختلف جنسن جو باغ به هو. جتي سندس اوطاق هئي. هرلو لڳل هو. جنهن تي اٺ ٻڌي نار وهائي زمين آباد ڪئي ويندي هئي. پاڻ ان باغ تي هڪ کوه پڻ کوٽايائون جيڪو هاڻ به موجود آهي گهڻي وقت پاڻي استعمال نه ڪري خراب ٿي ويو آهي. ذڪر پئي ڪيم مسجد جي سنڀال، جنازي نماز خير جي ڪمن جو. پراڻي ڪو صدي يا سوا صدي اڳ سنڌ ۾ طاعون يا پليگ جي وبائي بيماري پکڙي هئي. جنهن وگهي وڏي تعداد ۾ سنڌ جا ماڻهو به مري ويا. جنهن کان اسان جو علائقو به محفوظ نه هو. هڪڙا ماڻهو قبرستان ۾ دفنايو ايندا هئا. ته پويان ٻيا جنازا نڪرندا هئا. (الله پاڪ معاف فرمائي) ڏاڏو مرحوم جنازي نماز غسل ڪفن جي ڪم ۾ هجڻ ڪري مڪتب توڙي ٻني ٻارو پڻ متاثر ٿيو. ان تي اسان جي برادي جي معززين فيصلو ڪيو. ميان جي گذر سفر مدد خاطر ٻه ويلا منجهند ۽ رات جو فقر جي ماني جو بندوبست ڪجي سرندي وارا ماني وغيره ڏين. اهڙي طرح مڪتب ۾ پڙهندڙ کٿابي ٻنهي ڳوٺن جي گهرن مان فقر جي ماني وٺي ايندا هئا. جيڪي اسان جي گهر وارا مڪتب جا ٻاهريان کٿابي ڪو ترسيل مسافر کائيندا هئا. فقر وٺڻ جو سلسلو وڏو عرصو هليو. جيئن جن اسڪولن ۾ ٻارن جو وڌيڪ تعداد هوندو هو اتي حڪومت سرڪاري استاد به موڪليندي هئي. انهن سرڪاري استادن ۾ منهنجي چاچي حاجي محمد عثمان جروار، سائين محمد عثمان ڀٽي (ٽنڊو الهيار)، سائين محمد بخش ڀٽي ( ٽنڊو غلام حيدر) سائين سعيد الله ابڙو صاحب (لاڙڪاڻو) سائين شاھ علي خان لنڊ، سائين محمد رحيم خاصخيلي (ڳوٺ مٺو خاصخيلي) مقرر ٿيا. جن پڻ تعليم ڏني. هن اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ لاء ڪافي استاد مقرر ٿيا. جن جو تفصيل ٻئي دفعي لکبو. ان زماني ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ لاء وڏي محنت ڪرڻي پوندي هئي. فائينل امتحان جي تياري جي سلسلي ۾ سائين محمد عثمان ڀٽي صاحب مرحوم جن جو وڏو نالو هو. ان سلسلي ۾ هن اسڪول جي شاگردن ٻاهر جا شاگرد به هتي تياري لاء ايندا هئا.