ڦٽين لهڻ جي مند. ڪالھ ۽ اڄ (وقت جا ڦيرا) تحرير : عبدالله جروار ننڍپڻ جو زمانو اڄ کان چاليھ پنجاھ سال پهرين نه روڊ رستا عام هئا نه ئي اڄ جهڙو مشيني دور هو. اهو زمانو 52 ماڊل وليز جيپن جو دور هو. ٻيو گول بانٽ جيپون هيون جيڪي اڪثر وڏن چند زميندارن وٽ هيون. باقي عام طور تي سواري لاء گهوڙا يا ٽانگا ٻهراڙي ۾ ڍڳي گاڏيون بار برداري کان سواء سواري لاء استعمال ڪيون وينديون هيون. جڏهن زرعي جنسن کي شهر تائين پهچائڻ لاء اٺ هوندا هئا. اهو زمانو شايد زميندار ۽ هارين لاء ڪجھ صبر وارو هو. وونئڻ جي مند ۾ ڦٽين کي ڀاندن ۾ گڏ ڪري پوء اٺين ڏهين ڏينهن انهن جي تور ڪري برڪيون ڀريون وينديون هيون. هر برڪي ۾ اندازن ٽي مڻ کن ڦٽيون هونديون هيون. جنهن ڏينهن ڦٽين جي تور ٿيندي هئي. ان ڏينهن زمينداري اوطاقن تي چڱي پهل هوندي هئي. ان زماني ۾ ڦٽين جي واپارين جي به زميندارن وٽ چڱي اچ وڃ هوندي هئي. ائين ئي جيئن اڄ ڪلھ ڪيلن جا واپاري عام ٿي پيا آهن. ٿوري گهڻي پئسي وارا حال سارو ڪيلن جا ٺيڪا کڻي رهيا آهن ته ڪي بيٺل ڪيلي جا سودا ڪري رهيا آهن. ان زماني ۾ هر هنڌ جنسن جي پيڍين ذريعي واپار جو رواج عام نه هو. هاڻ ته هر شهر ڳوٺ ۾ پيڍيون کلي ويون آهن. جيڪي زميندارن کي ڀاڻ ٻج وڪرو ڪن ٿا ۽ جنس به خريد ڪن ٿا. ان زماني ۾ ننڍا واپاري ڳوٺن مان زميندارن سان سودو ڪندا هئا. وڏن زميندارن جي ڪارخانن وارن سان سڏي ڏيتي ليتي هوندي هئي. اڄ کان چاليھ پنجاھ سال اڳ ٽنڊو الهيار ڦٽين جي ڪاروبار جو وڏو مرڪز هو. ٽنڊي الهيار شهر ۾ تقريبن هڪ درجن جي لڳ ڀڳ ڦٽين جا ڪارخانا هئا. جڏهن ته شهر ۾ ڪڪڙن مان تيل ڪڍڻ جا به ڪجھ ڪارخانا هئا. زميندار زمين مان لاهيارين جو ڦٽيون هٿ ڪانٽي تي توري لاهياري جو نالو (جيئن ته ڦٽيون عورتون چونديون تنهنڪري عورتون پنهنجي نالي لکائڻ بجاء مڙس، پٽ يائتي، ڀاڻيجي جي نالي سان لکائينديون آهن.) اڳ ۾ وڏي زميندار هجڻ جي صورت کري يا اوطاق تي هر هڪ هاري جو ڦٽيون ڌار ڌار رکيون وينديون هيون. زميندار وٽ تور جي مقرر ڏينهن ڦٽيون ڪاني ( ڪانٽي) تي ٽوڙيون وينديون هيون. اهو ڪاٺي جو ڪانو جنهن ٻنهي طرفن هم وزن رسي ٽڪر ٻڌي هڪ پاسي ڌڙو ( اڌ مڻي) ٻڌبي هئي ته ٻئي پاسي ڪپڙي ۾ ڦٽين جي ڀري. اهڙي نموني تور جي شروعات ٿيندي هئي. ڪاني يا ڪانٽي وارو هر ڌڙو توري آواز لڳائيندو هو پرڀرو ويٺل ڪمدار، منشي يا واپاري نوٽ ڪندو ويندو هو. . پهرين ڌڙي تي توريل ڌڙي کي برڪت، ٻئي کي 92، ٽئين ڌڙي تي 93 اهڙي طرح 99 تائين ڌڙا ڳڻي ۽ برڪي ۾ ڀريا ويندا هئا. ٽي مڻ في برڪي ۾ لڳايا ويندا هئا. اهڙي طرح انهن زمينداري ڦٽين جي تور ڪري اٺن يا ڍڳي گاڏين ذريعي شهر ڪارخانن تي موڪليو وينديون. في اٺ تي ٻه يا ٽي برڪيون رکيون وينديون هيون اسر ويلي اٺن جو قطارون روانيون ٿينديون هيون. اٺن کي چڙا ٻڌل جن جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪتي ۽ چيٽ ۾ فصل لهڻ وارو وقت وڏي چهل پهل ۽ خوشحالي وارو هوندو هو. ان زماني ۾ دڪانن تي کجور جي ڪتل جا پات ايندا هئا. ڪي شوقين انهي ڪتل ۾ ڏونگهيون وجهي ڪٽي کائيندا هئا. ڦٽين جي پئسن مان هاري ناري چڱي ڏيتي ليتي ڪري ڪپڙا وغيره ضرورت جي شئي وٺي سک جو ساه کڻي سگهندو هو.تڏهن کير وڪڻڻ جو رواج عام ايترو عام نه ٿيو هو ، هر گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو کير لسي لپ ۽ مکڻ جو چاڻو موجود هوندو هو. کير وڪڻڻ کي عيب سمجهبو هو. رکي سکي توڙي تازي پاروٿي ماني لسي ڌونري سان کائي به چڱو وقت گذاريندو هو. نشو ايترو عام نه ٿيو هو. وڌ ۾ وڌ ڪو شوق خاطر سگريٽ پيئي ته پيئي. ڪٿي ڪٿي ڪو ٿاڌل جو موالي ڪنڊ پاسي ۾ گهوٽالو ڪري پي سڪون وٺندو هو. نسوار جو ڪو موالي هوندو هو. ڪچي نسوار وٺي ان ۾ چن ملائي گهوٽي ٺاهي رکندو هو. ان کي هڪ به ڏينهن استعمال ڪري وري تازي ٺاهيندو هو. گهڻو وقت پوء پٺاڻن نسوار جو پڙيون ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيو. منهنجي سانڀر ۾ ڪڻڪ جو ان به ايترو گهڻو نه هوندو هو ٻاجهر ۽ جوار به پوکبي هئي. اهڙي طرح ڪنهن ويلي ڪڻڪ ڪنهن ويلي جوار يا ٻاجهر پچندي هئي. سو ڳالھ ٿي ڪيم ڦٽين جي واپارين جي، وڏا زميندار وڏن سيٺيون ۽ ڪارخانيدار سان ڪاٻاڙو (شايد ٻول جو قسم هجي) جڏهن ته ننڍن زميندارن کان ڳوٺن ۾ ننڍا وڏا واپاري ڦٽيون خريد ڪندا هئا. منهنجي سانڀر 70 جي ڏهاڪي ۾ چاچا حاجي خير محمد پتافي ۽ چاچا حاجي اميد علي پتافي ڦٽين جو واپار ڪندا هئا. جنهن محنت ۽ مزدوري جي نتيجي لڳ ڀڳ 50 يا 60 ايڪڙ زمين خريد ڪيائون. چاچا حاجي خير محمد پتافي جي فرزندن ۾ ادا حاجي ڪريم ڀخش پتافي، ادا عبدالرحمان، مرحوم حافظ عالم خان ۽ مرحوم داد خان، وڏي ڳالھ ته چاچا حاجي خير محمد دين جي تعليم ۽ تعليم جو وڏو پرچارڪ هو. سندس ٻانهن ٻيلي چاچا اميد علي ۽ خاص طور ان وقت جو جيد عالم مولوي عبدالڪريم پتافي صاحب مرحوم به رهيا. ( مولوي عبدالڪريم جن جي شخصيت تي الڳ مضمون لکبو. انشاء اللہ) پنهنجي ڳوٺ بچل پتافي ۾ دين جي وڏي خدمت ڪيائين. چاچا اميد علي سندس عزيز ۽ ناٺي به هو. ٻنهي جا اولاد مولوي ۽ حافظ به ٿيا. خاص طور مولوي اسماعيل بڪيرا شريف ۾ مدرسو قائم ڪيو. ان دور ۾ ڦٽين جو ٻيو واپاري حاجي الھ بچايو لغاري هو جيڪو ڳوٺ داد جروار لڳ ڳوٺ صاحب خان لغاري جو رهواسي هو. جيڪو ننڍو زميندار هو ۽ واپار به ڪندو هو. سيئو مينگهواڙ ڳوٺ ڪئوڙو دائوداڻي جو رهواسي هو حال حيات آهي.اهو ڦٽين جو واپار ڪندو هو. جنهن ڦٽين جي ڪاروبار مان زمين به خريد ڪئي. پر اهو هاري زميندار جي صبر جو دور هو. ڦٽين کي کري يا اوطاق تي رکي ڇڏيندا هئا. آرام ۽ سڪون سان چڱي اگھ ملڻ تي وڪرو ڪندا هئا. هن دور مڻ اڌ ڦٽين جو اڃا وونئڻن مان نڪري ٿو اهو به کڻي شهر وڪرو ڪرڻ لاء ڀڄجي ٿو. مهانگائي خلق کي تنگ ڪري وڌو آهي. ان سان گڏ منشيات سميت فضول خرچي جهڙن فعلن خلق کي روزي ۾ تنگ ڪري ڇڏيو آهي.