(وکريل يادون) ٽنڊي الهيار جي ٻن مشهور فوٽو گرافرن انوار ۽ محمد علي جي جوڙي تحرير : عبدالله جروار انسان جي فطرت ۾ اها ڳالھ آھي. پنھنجي زندگي جي خوشگوار توڙي ناگوار گذرندڙ لمحن پنهنجي ذهن جي حافظي ۾ ياد ضرور رکندو آهي. اهڙي طرح زندگي جي اهڙن ئي سکين توڙي ڏکين لمحن يادگيرين کي ڪنهن زماني ۾ هٿ جي جي هنر فن ذريعي جترڪاري يا مصوري ذريعي به محفوظ ڪيو وينديون هيون. پر جيئن ته سائنس جي دنيا ۾ وڏيون ايجادات ٿيون جن مختلف شعبن ۾ ڄڻ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح فوٽو گرافي جي ايجاد به صديون اڳ جنم ورتو، جيڪي ترقي جا ڏاڪا پار ڪرڻ کاڻ پوء موبائيل فون توڙي ٻين ڊجيٽل ڪئميرائون سبب اهڙي ايجاد بڻجي وئي آهي جن ذريعي هڪ لمحي ۾ ڪيتريون ئي تصويرون مختلف زاوين کان وٺي ۽ نه رڳو محفوظ ڪري سگهجن ٿيون پر انهن کي ايتري ئي تيز رفتاري سان هڪٻئي ڏانهن به موڪلي سگهجن ٿيون. سو ڳالھ ٿي ڪيم فوٽو گرافي جي. ڦوٽو گرافي جڏهن عام ٿي ته ان هڪ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪئي. شروعاتي ڏينهن ۾ شهر جي رستن جي فوت پاٿن تي هڪ مخصوص ڪئميرا ذريعي تصوير وٺي مختلف ڪئميائي محلول مان گذاري نگيٽو تصوير ٺاهي ان کي پازيٽو ۾ اصل تصوير ۾ تبديل ڪيو ويندو هو. بعد ۾ جديد ڪئمرائن جو وجود عمل ۾ آيو جن ۾ ريل يا فلم لڳائي ان تي تصويرون ورتيون وينديون. جن جي ڊولپ تي چڱو خرچ ٿيندو هو پر اهو خرچ ڪٿي ضرورت سمجهي ادا ڪيو ويندو هو. ڪٿي شوق پورو ڪرڻ خاطر . هي انهن جي ڳالھ جڏهن آئون پڙهڻ لاء ٽنڊي الهيار آيو هئس. سال 1974ع ۾ بند بازار ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ دوران ان وقت بند بازار ۾ چڱي خاصي رونق هوندي هئي. بند بازار جي کتري پاڙي جي منڍ ۾ ڀائي اله ڏيڻ مٺائي واري جو دڪان هوندو هو. جيڪو عام طور تي شام جو مٺائي ٺاهي کپائيندو هو. ان الھ دين ڀائي جو اولاد AD sweets and Backers جي نالي سان شهر ۾ شاندار ڪاروبار ڪري رهيو آهي. . چاچي سيف الحق ميمڻ اسٽامپ وينڊر جو دڪان جتي آئون ۽ ماما شير محمد جروار رهندا هئاسين. چاچي غلام حسين ميمڻ ۽ چاچا عبدالڪريم ميمڻ جو ڪپڙي جو دڪان، چاچي رمضان سوناري جو سونارڪو دڪان، صالح شيخ جي ڀرت جي دڪان تي چڱي خاصي رش هوندي هئي. رازق ڏني سوناري جو سونارڪو دڪان جيڪو دڪان گهٽ پر سياسي مرڪز وڌيڪ هوندو هو. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا . سڄو ڏينهن بحث مباحثہ پيا ٿيندا هئا. ڪي ڪي بوڪ ۽ جنرل اسٽور، امين ڀائي واچ ميڪر، ريڊيو جو مشهور مستري استاد سلاميون جو دڪان به بند بازار ۾ هوندو هو. ڊاڪٽر عبدالقادر ميمڻ جي اسپتال، ڊاڪٽر محمد يوسف قائم خاني جي اسپتال جيڪا بعد ۾ ڊاڪٽر غلام قادر نطاڻي صاحب به ڳچ عرصو هلائي. ڊاڪٽر شايد حسن شاھ يا حسن شيخ هاڻ ياد نه پيو اچي ان نالي سان مشهور ڊاڪٽر بند بازار ۾ هوندو. بند بازار جي اتر واري منڍ ۾ سوڍا جي بوتلن (ٻاٽلين) جو ڪارخانو هو جيڪو مون بند حالت ۾ ڏٺو هو. نوجوانن ۽ شاگردن جي خاص توجہ جو مرڪز ٻه فوٽو گرافرن جي جوڙي انوار ڀائي ۽ محمد علي قريشي انهن جو اسٽوڊيو هو . انوار فوٽو اسٽوڊيو تازو بند بازار ۾ قائم ٿيو هو . جتي هرڪنهن جي پنهنجي پسند جي اسٽائيل جا فوٽو ڪڍيا ويندا هئا. ان وقت ٽنڊي الهيار ۾ فوٽو اسٽوڊيو ايترا گهڻا نه هئا. هڪ ريلوي اسٽيشن واري پاسي ايس ايم هاء اسڪول کي سامهون فوٽو اسٽوڊيو هو. ٻيو پراڻي الائيڊ بئنڪ واري بلڊنگ سامهون فوٽ پاٿ تي فوٽو ڪڍڻ وارو همراه هو جيڪو منٽن ۾ فوٽو ڪڍي ڌوئي سڪائي ڏيئي ڇڏيندو هو. محمد علي ۽ انوار جي "انوار فوٽو اسٽوڊيو" بند بازار ۾ وڏي مقبوليت ماڻي هئي. هي جديد قسم جو شاندار فوٽو اسٽوڊيو هو. ان زماني ۾ نوجوانن جي فوٽو ڪڍرائڻ مختلف انداز ۽ شوق هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي پسند جي اسٽائيل ۾ فوٽو ڪڍرائڻ جو خواهشمند هوندو هو. پر ان وقت رنگين تصويرن جو رواج عام نه ٿيو هو. بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون نڪرنديون هيون. . هن اسٽوڊيو ۾ زبردست لائيٽنگ جي انتظام سان جديد ڪئميرائون لڳل هونديون هيون. خاص طور تي Yacheca ڪئميرا بهترين ڪيمرا هئي. جيڪا هنن جي اسٽوڊيو ۾ هئي . نئين انداز سان خوبصورت فوٽو گرافي جو شاندار دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن رنگين تصويرون نڪرڻ شروع ٿيون. جنهن ڪري هن ڪاروبار ۾ پڻ اضافو ٿيو. شهر ۾ ڪيترائي نوان فوٽو اسٽوڊيو کلي ويا. جن ۾ شرافت علي خان صحافي جو نصرپور ناڪي تي ، حاجي اقبال صديقي فوٽو ۽ سندس وڏو ڀاء ، جميل صديقي مارڪيٽ روڊ ٽنڊو الهيار ۾ اسٿوديو قائم ڪيا . مارڪيٽ روڊ تي ڪرن فوٽو اسٽوڊيو جديد قسم جو اسٽوڊيو قائم ٿيو. . مون به انوار فوٽو اسٽوڊيو تان ڪجهه فوٽو ڪڍرايا هئا پر محفوظ نه رهيا آهن. ڳالھ ٿي ڪئي انوار ۽ محمد علي فوٽو گرافر جي جوڙي جي. هنن دوستن جو پاڻ ۾ وڏو قرب هوندو هو. اها خبر نه هوندي هئي ته هي پاڻ ۾ دوست آهن يا عزيز به آهن. پر "دوجسم يڪ جان" هئا خدا جي ڪرڻي انوار ڀائي جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو. محمد علي اڪيلو رهجي ويو. محمد علي بعد ۾ پنهنجو فوٽو اسٽوڊيو عڪاس فوٽو اسٽوڊيو جي نالي سان مسلم ڪمرشل بئنڪ سامهون پاٽولي پاڙي ڏانهن گهٽي ۾ منتقل ڪيو. هر سياسي سماجي پروگرام محمد علي جي شاندار فوٽو گرافي کان سواءِ اڌورو هوندو هو. وڏو عرصو اخباري فوٽو گرافر رهيو. پاڻ ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويو. ٽنڊوالهيار واسين کي هي اسٽائلش فوٽو گرافر ضرور ياد هوندا.