مسرور پنائي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ الاهي بخش طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2023۔

  1. الاهي بخش

    الاهي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2021
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ھيڪل ھيڪل روز منجھند جو ،

    ڪنھن جي قبر تي ويندي آھين

    روئي روئي ڀورا ڀورا

    ڇيھون ڇيھون ٿيندي آھين

    ڪنھن جي قبر تي ويندي آھين

    پير اگھاڙا نٽھڻ اس ۾،

    سر سر کي پئي چمندي آھين

    تتل بٺيءَ تي نازڪ ھٿڙا،

    رکندي ڇا ڇا چوندي آھين

    ڪنھن جي قبر تي ويندي آھين

    سڏڪا سڏڪا ٽم ٽم ڳوڙھا،

    ڪاري رئي سان اگھندي آھين

    ڪنھن جي قبر تي ويندي آھين

    ماني وڌيڪ واٽ خدا جي

    ڪنھن جي نالي ڏيندي آھين

    ڪنھن جي قبر تي ويندي آھين

    مسرور گم سم سرتين وچ ۾

    ڇالئہ اداسڻ ھوندي آھين

    ڪنھن جي قبر تي ويندي آھين

    مسرور پنائي
     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو