ڀر ھن سنسار پنھنجي ۾ ڪي قوسِ قزح جا رنگ جيئن مھراڻ جي خوشبو جيئن سنڌ جي ھوا جا رنگ شل ديس منهنجي ۾ چمڪن سدائين سپرين وڏن جي شفقتن جا دڳ ۽ امڙين جي دعا جا رنگ دنيا جون ھي تصويرون بيرنگي جي وبا ۾ ھن مصور تون ته قادر آن ڀري ڏي ڪي شفا جا رنگ ملن ڪا شاعري بڻجي ھن ڌرتي جي ڪھاڻي ۾ ڪنهن سسئي ديواني ڪنهن مومل دل ربا جا رنگ ھي وادي امن جو مرڪز محبت جي آھي وادي جبر کي پر ڏيکاري ٿي هميشه ارتقا جا رنگ بس انسان جو مسئلو نه نبريو نه ئي نبري ٿو آهي ماڻهو چوڻ ۾ پر ڏيکاري ٿو خدا جا رنگ بيلا سومرو