سائين سيد رسول بخش شاه صاحب ۽ ادا اسلم چنا صاحب کي " لطيف ايوارڊ" ڏنو وڃي. تحرير : عبدالله جروار سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري ۾ سمايل روحاني راز توڙي سماجي، لساني، طبعي توڙي جاگرافيائي اسرار انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن لاء شوق ۽ جستجو جو سبب رهيا آهن. هي ڪم ڪو اڄ ڪلھ جو ناهي پر صدين کان اهو سلسلو هلندو پيو اچي. ڪيترن ئي عالمن شاھ جي ڪلام مان مقصد جا موتي ميڙي کانئس رهنمائي ورتي آهي. اڄ جن شخصيتن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. پيشي جي لحاظ کان ٻنهي جا مختلف شعبا آهن. پر لطيفي فڪر جي آبياري ڪرڻ جو مرڪز ٻنهي جو ساڳيو آهي. سائين سيد رسول بخش شاه صاحب جن پيشي کان استاد بعد ۾ تعليم کاتي جا اعلي ا آفيسر ڊائريڪٽر سيڪنڊري هاير سيڪنڊري حيدرآباد ريجن جي عهدي تان تازو رٽائرڊ ٿيا آهن. ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪولس جي منصب تي هئڻ دوران کين سيڪنڊري اسڪولن جي ٻارن ۾ شاھ لطيف جي شاعري، سندس فن ۽ فڪر جو شاعر اجاگر ڪرڻ جو خيال ٿيو. جيڪو پنهنجي هم خيال دوستن سان ونڊيائون جيڪي سندن خيالن سان متفق ٿيا. اهڙي طرح سيڪنڊري اسڪول يعني هاء اسڪولن ۾ " لطيف شناسائي جو هفتو " ملهائڻ جو فيصلو ٿيو. ان فيصلي جي پوئواري ۾ پهرين مرحلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ طرفان شاھ سائين جو رسالو ڇپرايو ويو. نومبر ڊسمبر 2015ع کان سلسلي جي شروعات ٿي. پهرين مرحلي ۾ لطيف شناسائي جو هفتو هاء اسڪولن ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ ٻارن جا ڇهن مختلف ڪئٽيگريز جا مقابلا ڪرايا ويا. جيڪي هي هئا. 1. شاھ سائين جي شاعري مان بيت بازي جو مقابلو 2. وائي جو مقابلو 3. شاھ سائين جي بيتن تي خطاطي جو مقابلو 4. شاھ سائين جي بيتن سان مشابهت رکندڙ چترڪاري جو مقابلو 5. ڪوئيز ڪامپيٽيشن 6. تقريري مقابلو. هي پروگرام اسڪول ۾ ٿيل مقابلي کان پوء تعلقي، ضلع ۽ آخر ۾ ڊويزن ليول تي مقابلا ٿيا جن لاء مختلف هنڌن وڏا ۽ يادگار پروگرام منعقد ٿيا . هنن پروگرام جي نگراني ۽ دلچسپي پيدا ڪرڻ خاطر مقامي توڙي ڊويزن سطح تي سنڌي ادبي سنگت ۽ علمي ادبي شخصيتن کي پڻ شامل ڪيو ويو. جن هنن شاندار پروگرامن جو مشاهدو ڪيو. هر سال لطيف شناسائي جي پروگرامن ۾ هزارين شاگردن حصو ورتو جن کي انعامات سان پڻ نوازيو ويو . ٻارن شاھ سائين جي سورمن ۽ سورمين تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. اهڙي طرح لطيفي فڪر جي آبياري جا پنج سال پورا ٿيا. جن ۾ حيدرآباد ريجن جي هزارين ٻارن تائين لطيفي فڪر پهچايو . جيڪو نئين نسل کي لطيفي فڪر تي تحقيق جا دروازا کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اسڪولن ۾ لطيفي فڪر جي آبياري ڪندڙ هن شخصيت کي هن سال جي" لطيف ايوارڊ " لاء نامزد ڪري کين مڃتا ڏني وڃي. ادا اسلم چنا صاحب اسلم چنا صاحب جو تعلق براڊ ڪاسٽنگ ريڊيو سان آهي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان وڪيل، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر آهن. براڊ ڪاسٽنگ ۾ 2004 ع کان سچل ايف ايم (هاڻي هاٽ ايف ايم 105 حيدرآباد) تان پروگرام "اول الله عليم " پروگرام ڪڏهن هڪ ڪلاڪ پر وڏي عرصي کان هي پروگرام ٻن ڪلاڪن جو ٿي رهيو آهي جيڪو هفتي جا پنج ڏينهن سومر کان جمع ڏينهن تائين صبح ستين بجي نوين بجي تائين نشر ٿيندو آهي. جن پروگرام جو آغاز خير ڀلائي برڪتن لاء دعا سان ٿيندو آهي بعد ۾ شاھ سائين جا بيت انهن تشريح، سمجهاڻيون ۽ عارفانه ڪلام شامل هوندا آهن. خميس ڏينهن ترتيبوار سرن مان هڪ سر جا بيت سمجهاڻي وايون شامل شامل هونديون آهن. اسلم چنا صاحب هاٽ ايف ايم 105 حيدرآباد جي پروگرام اول الله عليم ۾ شاھ جي رسالي جا ڪيترائي دور مڪمل ڪري چڪو آهي. عام ماڻهن ۾ هي پروگرام بيحد مقبول آهي. سندس ريڊيو پروگرام شاھ سائين جي بيتن کي سمجهاڻي روزي راز سمجهائڻ کي ٻڌي ڪري هزارين ماڻهن شاھ سائين جا رسالا خريد پنهنجي گهرن ۾ آندا آهن. لطيف شناسائي جو هي شاندار مثال آهي. گذريل اوڻيهن سالن کان ريڊيو تي شاھ سائين جي فن ۽ فڪر کي عام ڪندڙ هن شخصيت کي هن سال جو " لطيف ايوارڊ" ڏنو وڃي. (روزاني آجيان شڪارپور سنڌ بروز آچر تاريخ 20 آگسٽ 2023ع) روزاني آجيان شڪارپور سنڌ #sindhculturetourism #ShahLateef