ٽنڊي الهيار جو ناليوارو ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي (يادگيريون) تحرير : عبدالله جروار ٽنڊي الهيار ۾ پراڻي سرڪاري اسپتال وچ شهر ۾ ان عمارت ۾ هئي. جتي 1982 83 ڌاري جڏهن ٽنڊي الهيار هالا سب ڊويزن کان ڌار ڪري الڳ ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. اهڙي طرح ان عمارت اسسٽنٽ ڪمشنر يا سب ڊويزنل مئجسٽريٽ جي آفيس قائم ڪئي وئي هئي. اها عمارت اصل تعلقي اسپتال ٽنڊي الهيار جي هئي. جنهن کي 1980ع ڌاري هاڻوڪي سول اسپتال ٽنڊو الهيار شفٽ ڪيو ويو هو. وچ شهر واري پراڻي اسپتال ۾ هڪ ئي ڊاڪٽر هوندو هو. جيڪو سول سرجن سڏبو هو. 1975 76 ڌاري هن سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر طور ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي صاحب هو. جيڪو اصل ٽنڊي قيصر جو هو. جيتري قدر مون کي ياد اچي ٿو. ڊاڪٽر جي رهائش به ان عمارت ۾ هئي. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي صاحب هڪ قابل ڊاڪٽر هو. اهو ڀٽي صاحب جي حڪومت جو دور هو. 1970ع جي جنرل اليڪشن ۾ ٽنڊي الهيار جي تڪ تي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي لاء مخدوم سائين طالب المولي ا جن ميمبر ٿيا هئا. حيدرآباد مان مير علي احمد خان ٽالپر صاحب جن پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جا ميمبر ٿيا. مير صاحب ۽ ڀٽي صاحب جي وچ ۾ اختلافن جون خبرون 1976ع جي اخبارن اچڻ شروع ٿيون هيون جو مير صاحب سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش تي لنڊن هليا ويا هئا. 1977 جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن ڀٽي صاحب جنرل اليڪشن جو اعلان ڪيو ته ڀرپور اليڪشن جو ماحول جڙيو. ان وقت اليڪشن لاء نگران حڪومت جو ڪو تصور نه هو. جيڪا حڪومت اقتدار ۾ هئي اها حڪومت اليڪشن ڪرائڻ جي پابند هئي. ان اليڪشن ۾ مير علي احمد ٽالپر صاحب به اليڪشن ۾ اميدوار طور سامهون آيو. جنهن تي حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ ماڻهن مير علي احمد ٽالپر جي ويجهن عزيزن تي مختلف طريقن سان دٻاء وجهڻ شروع ڪيو. جيئن ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي صاحب جن مير علي احمد ٽالپر جا ناٺي هئا. ان ڪري کيس وڌيڪ پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. جنهن تان تنگ ٿي ڊاڪٽر صاحب سرڪاري نوڪري تان استعفي ا ڏني. ان زماني بند بازار جي هڪ حصي ۾ ڊاڪٽر صاحبان جون گهڻيون اسپتالون هيون. جن ۾ ڊاڪٽر حسن شاھ، ڊاڪٽر ادريس، ( ڪئپٽن) ڊاڪٽر محمد يوسف قائم خاني، ڪئپٽن ڊاڪٽر عبدالقادر ميمڻ شامل هئا. 1977ع جي اليڪشن ڊاڪٽر محمد يوسف قائم خاني به صوبائي اسيمبلي جي اميدوار طور فارم ڀرايو هو. جنهن تي پڻ وقت جي حڪومت جي بااثرن پاران گهڻو دٻاء وڌو ويو. جنهن تان ڊاڪٽر يوسف قائم خاني صاحب منظر تان غائب ٿي ويو. اهائي بند بازار واري اسپتال ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي هلائڻ لڳو . بند بازار جي هن حصي کي ڪنهن زماني ۾ ڊاڪٽر بازار پڻ سڏيو ويندو هو. ڊاڪٽر نظاماڻي جو سرڪاري ڊاڪٽر طور ماڻهن نالو پيدا ڪري چڪو هو. ان ڪري اسپتال ۾ وٽس وڏي تعداد مريض اچڻ لڳا. ڊاڪٽر صاحب وٽ سينئر ڪمپائونڊر طور سائين خاوند بخش پتافي صاحب جو والد صاحب ڪم ڪندو هو. جيڪو جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو. ان وقت اسٽور جي مختصر دوائن سان گڏ ڊاڪٽر مريض مڪسچر پڻ ٺاهي ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مزاج ۾ سخت نظر ايندو هو پر مريضن لاء سندن دل ۾ وڏي همدردي هوندي هئي. ڪيترائي سيريس مريض به ڊاڪٽر صاحب کان خوش ٿي ويندا هئا. ڪافي سال ڊاڪٽر صاحب بند بازار ۾ اها ڪلينڪ هلائي. بعد ۾ راحب پاڙي ٽنڊي الهيار ۾ هڪ جاء خريد ڪري اسپتال ٺهرائي. اتي ئي رهائش پڻ اختيار ڪئي. ان اسپتال ۾ روزانو سوين مريض اچڻ لڳا هئا. راحب پاڙي واري اسپتال ۾ ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪمپائونڊر طور عبدالمالڪ جروار وڏو عرصو ڪم ڪيو. راحب پاڙي ۾ نظاماڻي برادري جا ٻه ناليوارا ڊاڪٽر رهيا. هڪ مذڪوره ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي صاحب ۽ ٻيو ڊاڪٽر نور محمد نظاماڻي صاحب. ڊاڪٽر نور محمد جو تعلق ٽنڊي سومري سان هو. پنهنجي وقت جو بهترين ڊاڪٽر هو. هنن ٻنهي ڊاڪٽرن دائمي مريضن جو هڪ حلقو هو. جو وٽانئن دوا وٺي مطمئن ٿيندو هو. ڊاڪٽر نور محمد نظاماڻي وٽ ڪمپائونڊر طور چاچي اسماعيل صبح پوٽي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. هاڻ ڊاڪٽر صاحب هن جهان ۾ نه رهيو. هي دنيا فاني آهي. انسان جو جو چڱو ڪم کيس ڳچ عرصي لاء عام ماڻهن جي دلين ۾ زنده رکندو آهي. ٽنڊي الهيار جا ماڻهو ڊاڪٽر صاحب کي اڪثر ياد ڪندا رهندا آهن. ( دوستو! هي منهنجي ذهن تي رهيل يادگيرين کي لفظن روپ ۾ آندو اٿم. ڪٿي ڪا ڪمي ڪوتاهي ٿي هجي ان جي ڪو دوست تصحیح ڪندو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي)