ليکڪ ارشاد لغاري گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هو سنڌ جي وڃايل تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جا نشان ڳولي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجن وڏڙن کان سندي وطن جي محڪومي ۽ غلاميءَ جا سبب پڻ معلوم ڪري رهيو آهي. اهڙي ڳولها ڪندي ڪندي هو لڪيءَ جا جبل اُڪري جڏهن اجڙيل ديس جي اڃايل درياهه جي ڪنڌيءَ تي پهتو ته اتي هڪ جهونو سندس گهربل موضوع تي ڪجهه ڪاپڙين سان ڪچهري ۾ هو. هيءُ خاموشيءَ سان ساڻن شريڪ ٿيو ۽ ٻڌڻ لڳو: ”چون ٿا اٽڪل 15 هزار ورهيه اڳ مؤجوده ڀونچ سمنڊ جي جاءِ تي زمين هئي. جتي لکين ماڻهو رهندا هئا. جن کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جو ورثو هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ کين هزارين ورهيه جو پورهيو ڪرڻو پيو هوندو. ۽ پوءِ ڪجهه تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ڌرتيءَ جي ڌٻڻ يا ڪنهن حادثي سبب دره دانيال ۽ جبرالٽر جي پاسي واري زمين هيٺ ٿي وڃڻ سبب سمنڊ منجهس ڪاهي آيو ۽ ان کي ٻوڙي ڇڏيائين. ان حادثي ۾ لکين ماڻهو مري ويا ۽ ان ساري تهذيب و تمدن جا آثار سمنڊ ڳڙڪائي ويو. ان تباهي کان پوءِ جيڪي ماڻهو بچيا سي اتان لڏي آهستي آهستي وچ مشرق کان ٿيندا، مرحليوار اچي سنڌ پهتا ۽ هتي آباد ٿي شهر ٻڌائون ۽ تهذيب جا ڌڻي بڻيا.“ اهڙي ڳالهه کان پوءِ هن ٿرٿلو محسوس ڪيو ۽ پاڻ کي ڀونچ سمنڊ ۾ لڙهندي ڏٺائين ۽ پوءِ بچي ويلن سان سڄي سفر ۾ رليو ۽ جن سنڌ جي تهذيب جو پهريون پٿر رکيو تن سان مليو ۽ اڳتي وڌيو. جيئن ئي وک کنيائين ته هڪ ٻي مڪان تي سنڌ جي غلاميءَ جو قصو هلي رهيو هو. ڪنهن چيو پئي: ”جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته سنڌ هر دؤر ۾ ٻاهرين سامراج ۽ مڪاني ماڻهن وچ ۾ ميدان ڪارزار رهندي آئي آهي. اٽڪل پنج سؤ ورهيه (ق م) ۾ ايراني هتي حاڪم رهيا جن جا آثار بهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ رني ڪوٽ مان ملي سگهن ٿا. ايرانين جي اهڙي حاڪميت کي مٿان اچي سڪندراعظم ختم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ کي به قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. سنڌ جي ڪجهه هنڌن تان لڌل يوناني سڪا ۽ ڪي ٻيا آثار سنڌ تي يوناني تسلط جي نشاندهي ڪن ٿا. ۽ پوءِ وري ساساني آيا، جن کان پوءِ عرب. ۽ پوءِ وري پٺاڻن جي ڦرلٽ شروع ٿي. پوءِ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جو راڄ قائم ٿيو جن کي وري ارغون ۽ ترخان ڳچيءَ ۾ پيا. نيٺ دهلي جي مغل شهنشاهه سنڌ تي قبضو ڪري ان کي پنهنجي ڪالوني بڻائي ڇڏيو. دهلي جو تخت ڪمزور ٿيو، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو وارو آيو ئي مس ته مٿان انگريز اچي سنڌ فتح ڪئي ۽ انتظامي سهولت خاطر ان کي بمبئي جو حصو بڻائي ڇڏيو.“ اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ هن پنهنجي رڳن ۾ آڳ محسوس ڪئي. اهو ديس جنهن تي سنڌوءَ درياهه جي حوالي سان ”سنڌو“ نالو پيو جي نه ته ڪنهن دؤر ۾ چون ٿا ”سويرا“ به سڏيو ويندو هو، تنهن جي ماضي، حال ۽ آئيندي بابت جڏهن وٽس ڪا به واضح صورت نه بيٺي ته هن آشرم جو رخ ڪيو. ڇو ته جڏهن به کيس ڪا به واهه نظر نه ايندي آهي ته هو آشرم ۾ وڃي ساهه کڻندو آهي ۽ اتان پوءِ پنهنجي لاءِ نوان رستا ۽ راهون هٿ ڪري ٻيهر گودڙي کڻي ان نگر ڏانهن نڪري ويندو آهي جتي هڪ گهٽيءَ ۾ رلندي کيس ڪنهن ٻڌايو هو ته: ”ڪير ٿو چوي ته ڪُوڙ جا پير نه ٿيندا آهن؟ ڪوڙ جيڪو بازارن کان ويندي درٻارن تائين ۽ عبادتگاهن کان گهرٻارن تائين ڊوڙي ٿو، ان جا ٻه چار نه پر هزارين هٿ پير ٿين ٿا.“ سو اڄ به وري ان نگر ۾ دخل ٿيڻ لاءِ آشرم پهتو. هميشه جيان هي آشرم پهتو ته سج ڪني هنئي جتي ساڌو اڳ ۾ ئي هيئن مخاطب هو: اسان جوڳ جي ويرانن مان آندل راڳ ۽ ويراڳ آهيون اسان الست جي نار مان وهندڙ قالو بليٰ جو جَر آهيون ۽ گورکناٿ جي آسڻ ۾ بيٺل ازلي جاڳ جا جهونا وڻ آهيون. اسان هيءَ دل داءُ تي لڳائڻ لاءِ ورتي آهي نه ڪي سون وانگر سانڍي رکڻ لاءِ اسان برهه جي بازار ۾ جگر جي چادر وڇائي سُور جو وکر کولي رکيو آهي دنيا مان اسان جو انتخاب گل بدران خوشبوءَ آهي اسين پکين بدران اڏار سان گڏ آهيون جواب بدران سوال سان گڏ آهيون اسان ڪنهن ڪنڌيءَ سان نه پر سدا سِير ۾ آهيون گفائن مان آيا آهيون بس واءُ جهٽي واپس هليا وينداسين. رڻ ڪڇ جي ڪنڌين تان اڀري نروار ٿيندڙ هر سج اسان لاءِ آهي ۽ کيرٿر ۾ شاهي مڪان وٽ قاسوءَ جي رک تي لهندڙ هر شام اسان جي آهي. ساڌوءَ جي اهڙي ڳالهه سندس اندر جي رات مٿان نئون سج ٿي اُڀري جنهن ۾ هن پنهنجي ديس جي ان نوجوان نسل لاءِ نئون نياپو محسوس ڪيو جيڪو پنهنجي قومي غلامي ۽ محڪومي جا نه فقط سبب ڄاڻڻ چاهي ٿو پر ان جي حل ۽ تلافي لاءِ به پتوڙي ٿو. هو آشرم مان اها ڳالهه کڻي ان نگر ۾ موٽي آيو جيڪو سالن کان ان شديد ويڳاڻپ ۾ آهي ته هر شيءِ ڌارين جي هٿ ۾ هلي وئي آهي ۽ اسان وٽ هاڻ سواءِ سوڳ جي ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي. صدين کان اسين ڄڻ سوڳوار ئي رهيا آهيون جو تاريخ ۾ اسان لاءِ فتحون گهٽ ۽ شڪستون وڌيڪ رهيون آهن. پر نه، هاڻ نه. هي آشرم مان ساڌوءَ جو اهو نئون نياپو کڻي نگر ۾ پهتو ۽ چوڻ لڳو اي منهنجي ديس جا نوجوانو!! ٻڌو... هي ڳالهه ڌيان سان ٻڌو ته رڻ ڪڇ جي ڪنڌين تان اڀري نروار ٿيندڙ هر سج اسان لاءِ آهي ۽ کيرٿر ۾ شاهي مڪان وٽ قاسوءَ جي رک تي لهندڙ هر شام اسان جي آهي. اسين سڀ ڪجهه موٽائي سگهون ٿا جي مرشد جي ان سڏ کي ورنايون: ”پاڻهي ايندم هوت- ڪجهه آئون به اڳڀري ٿيان.“