سنڌي موسيقي جو هڪ گمنام ستارو استاد فيروز دين تحرير : عبدالله جروار ڪافي عرصي کان سنڌي موسيقي جي حوالي سان هڪ نالو ذهن تي هريو پئي. جنهنجو نالو هو استاد فيروزدين. ريڊيو سان دلچسپي هئڻ سبب موسيقي جي ڪن اسمن ۾ استاد فيروز دين ٻيو فيروز گل جو نالو اڪثر ٻڌبو هو. ڪڏهن ان کي انائونسر جي غلطي سمجهي نظر انداز ڪبو هو. اهو هڪ ئي موسيقار آهي ڪڏهن فيروز گل ته ڪڏهن فيروزدين. پوء استاد فيروز گل پنهنجي ئي آواز ۾ ڪافي ڪلام ڳايا هئا جيڪي ٻڌندڙن کي بيحد پسند هئا.. سندن وفات بعد به وقت به وقت سندس گيت ريڊيو جي زينت ٿيندا رهندا آهن پر استاد فيروزدين جو نالو صفا گم ٿي ويو. تازو انٽرنيٽ تي سنڌي موسيقي جي اسمن کي سرچ ڪندي مشهور فنڪار انور حسين وسطڙو صاحب جي هڪ البم تي نظر پئي جنهن ۾ انور وسطڙو صاحب مشهور زمانہ ريڪارڊنگ ڪمپني اي ايم آء ۾ 80 جي ڏهاڪي ۾ رڪارڊ ڪرايا هئا. جن جي موسيقي استاد فيروزدين ڏني هئي. .مون استاد فيروز دين تي لکڻ چاهيو ٿي پر ڪٿان به سندس پيرائتو احوال يا تصوير نه پئي ملي. ڪجهه سال اڳ سائين محمود مغل صاحب جن جي سنڌي فلمن جي حوالي سان ترتيب ڏنل ڪتاب "سنڌ ٽاڪيز" جا ورق اٿلائيندي ڪتاب جي صفحي نمبر 506 تي نه رڳو استاد فيروز دين جي تصوير پر مختصر احوال به ڏنل آهي. استاد فيروز دين سمون 1944ع ۾ ٽنڊي محمد خان ڀرسان " دودوري" ۾ مشهور ملھ پهلوان محمد رحيم سمون جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم کان پوء انگريزي پڙهڻ لاء تولارام ۾ داخل ٿيو. جتي پاڻ اڃا پڙهي رهيا هئا ته سندن والد صاحب وفات ڪري ويو. جنهنڪري پنهنجي تعليم پوري نه ڪري سگهيا. فڪر معاش ۾ لڳي ويا. ان سلسلي ۾ پنهنجي عزيزن سان گڏ پنجاب هليا جتي اتفاق سان جڳ مشهور موسيقار استاد فيروز نظامي ۽ ملڪه موسيقي روشن آرا بيگم سان ويجهڙائپ ٿي. تقريبن 10 سال ساڻن گذاري 1962ع ڌاري ڪراچي موٽي آيا. ڪرين آپريٽر جي نوڪري ڪندي "آزاد آرٽ سرڪل" نالي ڪلب کوليائون. هتي هن استاد قدرت الله خان، استاد امراؤخان ۽ استاد نذر حسين کان موسيقي جي سکيا ورتي. 1970ع ۾ استاد نثار بزمي کان باقاعدي ڌاڳو ٻڌرايائين 1966ع ۾ ٽيليويزن ۽ 1972ع کان ريڊيو سان لاڳاپو رهيس. جيڪو آخري گهڙي تائين قائم رهيو. هزارين خوبصورت ڪمپوزيشن جو سدا بهار ڪمپوزر اربع 15 ڊسمبر 2004ع تي هن دنيا مان رخصت ٿيو. ۽ ڪراچي ۾ آرامي آهن. روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 29 آگسٽ 2023ع بروز اڱارو