اندر جا احساس لُڙڪ لاڙڻ وارا ۽ ڏيڻ وارا به وساريا نه وسرندا آھن ته ڳلڙن تان لُڙڪ اُگھڻ وارا به رتن گلابن جھڙا ھٿڙا ڪڏھن به وساري ناھن سگھبا .!! ڪي ڪي ھر روز ھٿ ملائڻ وارا به وسري ويندا آهن ته ڪي ھڪ ڀيرو ملڻ وارا به ماڻھو ڪڏھن به وساري ناھي سگھندو.!! ڪي کلندي کلندي وڇڙي ويندا آهن ته ڪي ملڻ لاءِ ماندا رھندا آھن پر ڌرتي ۽ امبر جيئن ملي ناھن سگھندا.!! ڪي وڏا وڏا واعدا ڪندي ڪندي اوچتو ھٿن مان ھٿ ڇڏائي طويل تنھائيون ڏيئي ھليا ويندا آهن وفائون جا وچن ڪرڻ وارا ڏٺو وڃي ته وڏيون بيوفائيون ڪري ويندا آهن.!! ڪي ياد ڪندي ڪندي وسري ويندا آهن ته ڪي وري وساريان نه وسرندا آھن.!! بقول ڀٽائي جي: لوڪ سڀئي وسري شال نه وسرين تون. ڪي ھر روز ڳل ڳراٺڙيون پائي پائي من گھائي ويندا آهن ته وري ڪي رٺل روح پلڪن ۾ ريجھائي به ويندا آهن.!! ڪي سڀ ڪجھ سڃاڻندي سڃاڻندي صفا اڻ سڃاڻ ٿي ويندا آهن ته ڪي اڻ سڃاڻ دل جا ڌڻي ٿي ويندا آهن.!! ممتاز نھڙي چواڻي: جڏھن دل جا وارث ٿيا اڻ سڃاڻو جيئون ڀي ته ڪنھن لاءِ مرون ڀي ته ڪنھن لاءِ. ڪي ڌاريان به پنھنجا ٿي پوندا آهن ته ڪي پنھنجا به پراوا پيا لڳندا آهن.!! نارائڻ شيام ڪيڏو نه ڀلو چيو آهي ته: عجب ڍنگ آھن اوھان جي ملڻ جا، نه ڌاريان لڳو ٿا نه پنھنجا لکَايو. ڪي رستن تي اڪيلو ڪري اوپرا ٿي ويندا آهن ته ڪي وري ساٿي سھارو ۽ سگھ ڏيئي اڳڀرو ڪندا آهن چوندا آهن: ته ڪيچ اڳاھون پنڌ متان لڪن سان لڳي مرين. ڪنھن لاءِ ڀلين اکڙيون رستا ۽ راھون ڪري ڇڏ کڻي موٽي ناھن ملندا الائي ڇو جنھن کي ڏسڻ لاءِ نيڻ گھڻو ڪري اداس رھندا آھن اُھي ڪڏھن به ھمسفر ٿي ساٿ ناھن نڀائيندا.!! عاشق ته رستن تي گذر ڪندڙ محبوب جي قدمن کي اکين سان چمڻ جا عادي ھوندا آھن محبوب لاغرض الائي ڇو ٿيندا آهن ؟؟ دوست ته دل لاءِ وٽامن روح لاءِ راحت ۽ اندر جي لاءِ آڪسيجن مثل ھجن ٿا دل وارن دوستن جي دوري انسان جي اندر کي ڏاڍو درد رسائيندي آھي اڪيلائي ۾ اکين مان پاڻي اسو جي اوھيرن جيان اوتون ڪري وھڻ لڳندو آهي.!! ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ اندر کي ايذائيندڙ ڳالھ اھا ھوندي آھي ته الائي ڇو ماڻھو سالن جا سال گڏ گڏ رھي ھڪڙي ٿانءُ ۾ کائي کائي وري ڪو نه ڪو بھانا ڪري اجنبي بڻجي ويندا آهن اسان کي ته ڪنھن جو ھڪ پل جو ڏنل پيار به ھڪ پل به ناھي وسريو.!! ڪنھن سان دل لڳندي ئي دردن لاءِ آھي جيڪو ايندو آهي تنھن کي وڃڻو به ضرور هوندو آهي ڇو ته سدائين ڪنھن کي ھڪ جاءِ رھڻو به ناھي پر ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍي تڪڙ ڪندا آهن وڃڻ ۾ اِھو نه سوچيندا آهن ته دليون گڏ رکي پوءِ ايتريون جلد ڌار ته ڪون ڪبيون آهن؟؟ جڏھن ھانءُ ھڪٻئي جا ھيراڪ ٿي ويندا آهن ته پوءِ فراق جا ڦٽ صدين تائين تازا ئي تازا پرنم رھندا آھن ڪيڏيون به دوريون ھجن ماڻھو ڪوھين ڪوھين پري ھجي پر يادگيريون ته انتھائي ويجھڙيون ھونديون آھن جيڪي ساہ جي آخري دم تائين ساٿ نڀائينديون آھن.! بقلم باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️