غريب ٻارن جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ منفرد شخصيت سائين محمد رحيم لوهار مرحوم عبدﷲ جروار ماء! کاهوڙي هليا دکائي دونهان، ڇپر جا سونهان ڏوٿين ڏٿ چتائيو. (شاھ سائين) سائين محمد رحيم لوهار انهن ماڻهن مان هو جن سان ڄڻ ڪو ازل جو ناتو هجي. سائين جن سان خانداني پراڻو تعلق، جڏهن سمجھ لائق ٿيس اسان جي وڏڙن وٽ سائين محمد رحيم کي ايندي ويندي ڏٺم . انتهائي محبتي، سمجهو، دانا، گهڻ پڙهيو شخص. سائين محمد رحيم لوهار غريب گهراڻي پورهيت طبقي سان تعلق باوجود پڙهڻ جي جستجو کيس ٽنڊي الهيار جي تاريخي درسگاه مسڻ وڏي پهچايو. جتي سائين وڏي سائين محمد اسماعيل لغاري ۽ سائين ننڍي سائين عبدالڪريم لغاري جن جي شفقت جي ڇانو ۾ رهيا. جتي ديني تعليم سان گڏ هاء اسڪول مسڻ وڏي جيڪو هڪ خانگي ادارو هو جنهن جي سرپرستي بزرگ استادن سائين مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ سائين مولوي عبدالڪريم لغاري صاحبان جي هئي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري. مليريا سپروائزر طور صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيا. ان جو سبب گذر سفر جو ڪو ٻيو ذريعو نه هئڻ هو. سائين مولوي عبدالڪريم لغاري جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سندن ڪتابن جي مطالعي سان وڏي دلچسپي هئي. سپروائيزر جي ڊيوٽي بعد سائين محمد رحيم پنهنجي ڳوٺ ۾ غريب ٻارن بنا في وٺڻ جي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو. سائين جن جي ڪوشش سان ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا. سائين جن ڪجھ عرصو اڳ صحت کاتي مان رٽائرڊ ٿيا. رٽائرمينٽ کان پوء به شاھ سائين جي ان سٽ تي عمل پيرا رهيا " جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي" پنهنجي ئي ڳوٺ محمد علي پرهياڙ ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ اسڪولن ۾ پڙهائڻ ويندا هئا. جتان ڳوٺاڻن کان مختصر مليل پگهار ۽ پينشن جي رقم مان گذر سفر ڪرڻ لڳا. پڪي پختي ايمان وارا انسان هئا. مذهبي لحاظ کان شخصيت پرستي جي خلاف هئا. ڪتابن جي دنيا ۾ سندن وسيع مطالعو هو. ديني ڪتابن سان، فلسفي ۽ تاريخ سان کين گهري دلچسپي هئي. بهترين حافظي هئڻ سبب هر ڪتاب پڙهڻ کان پوء ڪافي ڳالهيون سائين کي ياد هونديون هيون. سائين کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان وڏي دلچسپي هئي. پاڻ ڪيترن ئي اسڪولن توڙي ڳوٺن ۾ سائيڪل تي يا پيرين پنڌ پڙهائڻ لاء ويندا هئا. ڪجهه عرصو اسان جي ڳوٺ جي برانچ مڊل اسڪول ۾ به رضاڪارانه طور تي پڙهايو هئائون. پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ حاجي نظام الدين برفت، ڳوٺ جمال سولنگي، مسوبوزدار ۾ به شاگردن توڙي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائون. اهڙي طرح هن علائقي جي معزز شخصيت حاجي خدابخش جسڪاڻي صاحب جن جي ڳوٺ به ڪجهه عرصو پڙهايائون. جڏهن ڳوٺ نبي بخش لاشاري (واڳوڏر) ۾ انجنيئر حاجي علي نواز لاشاري صاحب جن جڏهن نئين روشني ايليمينٽري اسڪول کوليو ته شروعاتي ڏينهن ۾ سائين محمد رحيم کي بطور استاد رکيو. جتي سائين پڙهائي بعد ان اسڪول ۾ ئي رات ڏينهن رهندا هئا. پاڻ سادا سودا انسان هئا. ڪڏهن پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي فخر نه ڪيائون. بيماري جي حالت ۾ به ڪتابن پڙهڻ جو شوق رکندا هئا . پنهنجي مختصر پينشن جي پئسن مان ڪجهه پئسا بچائي مهيني بئي ڪو ڪتاب ضرور خريد ڪندا هئا. سائين اڪثر مون کان به ڪتاب کڻي ويندا. جيڪي پڙهڻ کان پوء ذميواري سان واپس پهچائيندا هئا. بابا سائين سان سائين جو محبتن جو رشتو هو جيڪو آخر وقت تائين نباهيائون. انسان جي هن دنيا ۾ زندگي عارضي آهي. پر انهن انسانن پنهنجي زندگي سجائي ڪئي. جن پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم پهچائي علم جي روشني ڏني. پاڻ به پنهنجو وقت اجايو وڃائڻ بدران مطالعي ۽ چڱن ڪمن ۾ گذاريو . سائين محمد رحيم لوهار جن 07 سيپٽمبر 2019ع تي وفات ڪئي. ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ پنهنجي حبيب ﷺجي صدقي سائين محمد رحيم جا درجات بلند فرمائي. آمين. (روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 08 سيپٽمبر 2013ع بروز جمع)