زندگي، وڻ ۽ عباس ڪوريجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2023۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    زندگي، وڻ ۽ عباس ڪوريجو
    عبيد ٿھيم
    اڄ اُن محبوب دوست جو جنم ڏينھن آھي جنھن تي لکڻ لاءِ گهڻو ڪُجهہ لکي سگهجي ٿو، ھُن جو ڪردار ۽ محبتون ونڊڻ جو انداز ئي پنھنجو آھي. زندگيءَ جي سفر ۾ ھِن شخص جيترا نقصان کاڌا آھن شايد ئي ڪو ٻيو ماڻهو سنڀالي سگهي ھا پر پوءِ بہ جبل جيڏي دِل ڪري چوندو آھي ”خير آ! ائين ٿيندو آ..“ 2016ع ۾ پرائمري ماستري جي پَڪِي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي، دبئي ۾ ھڪ ڪمپنيءَ ۾ ’گرافڪس ڊزائنر‘ طور ڪم ڪرڻ لاءِ آيو، ھڪ ڏينھن اچانڪ اُھا ڪمپني بند ٿي وئي (دبئي ۾ ائين بہ ٿيندو آ) تہ ھِن کي سڄو سيٽپ سنڀالڻو پيو، ڪمپني پنھنجي نالي تي رجسٽر ڪرايائين پر ڏيڍ سال ڀائيوار جي روَيَن جي ڪري پنھنجي ڪمپني ھوندي بہ وزٽ ويزا تي رھيو... جيڪو ھڪ بزنس مين لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي، ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو ھُجي ھا تہ شايد ڪمپني ڇڏي واپس سنڌ ھليو وڃي ھا... ’انڊس ايڊورٽائزنگ‘ جي نالي سان ڪمپني رجسٽر ڪرايائين، تمام مھانگيون ۽ ڀليون پرنٽنگ جون مشينون خريد ڪيائين، پر 2019ع ۾ ڪنھن سنڌي ماڻهوءَ جي مھربانيءَ سان اُھي بہ ھڪ ڏينھن دبئي جي ’ميونسپالٽيءَ‘ جي قبضي ۾ اچي ويون.. اھو عباس ڪوريجو ئي ھو جيڪو بزنس ۾ ڪروڙن جو نقصان بہ برداشت ڪري ويو...
    عباس نہ صرف سڀاء ۾ ڀلو آھي پر ليکاري بہ ڀلو آھي، سندس ڪھاڻين جا ڪتاب اڄ بہ مقبول آھن ۽ سندس تحقيق تي مشتمل ڪتاب ’جديد ڪھاڻي – فن ۽ موضوع‘ اڄ بہ يونيورسٽيءَ جا شاگرد سليبس جي ڪتاب طور پڙھندا آھن. گذريل سال پھريون ناول ’وڻ‘ لکيائين، جنھن لاءِ اسانجي سنگتي نجوميءَ چيو تہ : ’ڪتاب پڙھيو ڪونہ اٿم بہ وزن ۾ ڏاڍو ڳَرو آھي‘ ۽ واقعي ائين ئي آھي، سنڌي ادب ۾ ھِي مُنفرد ناول آھي جنھن تي کوڙ ليکڪن رايا لکيا آھن. عباس جي ھِن ڪتاب ’وڻ‘ لاءِ مشھور پبلشر ’آسٽن مڪاؤلي‘ وارن بہ چيو تہ اسان ڇاپيون پر انھن سال پُورو وقت ٿي ورتو، سو عباس اھو ڪتاب ’ريڊ اِنڪ پبلشرز‘ وارن کي ڇپائيءَ لاءِ ڏنو، جيڪو ھاڻ ڇپجي چڪو آھي.. وڻ جي ترجمي کان پوءِ ايڊيٽنگ لاءِ پياري جواد صديقي پڻ سُٺو نڀايو... ھن مھل وڻ کي انگريزيءَ ۾ پڙھندي محسوس ئي ناھي ٿيندو تہ ھِي ڪتاب ترجمو ٿيل آھي، ڇو تہ ڪردار ۽ ڊائلاگ تمام بھترين انداز سان ترجمو ڪيا ويا آھن..
    جيڪڏھن عباس ڪوريجو نہ ھمٿائي ھا تہ شايد آئون اڄ بہ سنڌ ۾ ئي ھُجان ھا ۽ دنيا جي خوبصورت مصروف ترين شھر دبئي کي نہ ڏسي سگهان ھا.. 2021 ۾ عباس مونکي دبئي گهُرايو، اچڻ سان ئي بيمار ٿي پيس، بس پوءِ جيڪو ٿيو سو عباس ۽ آڪاش کي ئي خبر.. ھِي ٻئي ڄڻا رات جو دير سان اسپتال کڻي ويا، واپسيءَ جِي ٽڪيٽ ۾ 24 ڪلاڪ ھُئا پر اُھي چوويھ ڪلاڪ ئي سُور ساڻو ڪري ڇڏيو ھو.. مون سوچيو تہ آئندہ عباس مونکي ڪڏھن بہ دبئي جي دعوت نہ ڏيندو، پر يار! ھِي سنگت نڀائڻ جو ڀلو، 2022ع جي ڊسمبر ۾ ئي چيائين تہ ھليو اچ دبئي.. تياريون ڪندي ڪندي نيٺ فيبروريءَ ۾ ٽڪيٽ ڪرايائين ۽ دبئيءَ ۾ ٿيندڙ تمام وڏي پروگرام ’سنڌي اباڻي ٻولي‘ ۾ شرڪت ڪيم.. خير، ڳالهيون جام آھن.. ھِي ليک بہ وڏو ٿيندو پيو وڃي سو مقصد جي ڳالھ:
    اڄ 16 سيپٽمبر تي عباس ڪوريجي جو جنم ڏينھن آھي، کيس مبارڪ تہ رات ئي ڏِنيسين پر ھھڙن دوستن جا جنم ڏينھن ھُجن تہ ھڪڙِي مبارڪ پُوري نہ پوندي آھي.. سو کيس جنم ڏينھن جون اڻ ڳڻيون واڌايون ھُجن.. تمام گهڻيون محبتون، دعائون ۽ اڻ ڳڻيو پيار ھِن شخص لاءِ... مالڪ سدائين سُک ۽ شانتيءَ سان رکيس..

    abbas-korejo.jpg
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو