جدوجهد جي علامت: شهيد بينظير ڀٽو جو جنم

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ليکڪ عمران ظفر لغاري

    ڪنهن ڏاهي چواڻي معاشري جو سڀ کان وڌيڪ اهم رول هڪ منظم پارٽي جو هوندو آهي پر ان منظم پارٽي کان وڌيڪ پارٽي جي قيادت جو ڪردار هوندو آهي پر ان ٻنهي کان وڌيڪ اهم ڪردار ان فڪر ۽ فلسفي جو هوندو آهي جنهن فڪر ۽ فلسفي لاءِ پارٽي قيادت ۽ شخص جدوجهد ڪندو آهي.

    21 جون تي موهن جي دڙي جي تاريخي مٽيئ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي رهواسي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بينظير ڀٽو به هڪ اهڙي ئي قائد بڻي جو سندس پوئيواري ڪرندڙ ڪروڙن ۾ موجود آهن، جي اڄ اسين پ پ جا ڪارڪن توڙي جمهوريت پسند قوتون سندس سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. شهيد راڻي بينظير ڀٽو جنهن سان منهنجي خاندان ۽ منهنجي بابا اڳوڻي وفاقي وزير حاجي ظفر لغاري جو اڌ صدي کان واسطو پر منهنجو واسطو هن عظيم شخصيت سان ان وقت ٿيو جڏهن هتي پاڪستان جي اندر دنيا جي بدترين آمر مشرف جي حڪومت هئي. محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن هئي ۽ هتي ملڪ جي اندر خصوصن سنڌ ۾ پ پ جا ورڪر توڙي اڳواڻ آمريت جي ساٿاري قوتن جي عتاب هيٺ هئا. مون کي ياد آهي ته منهنجي محترمه بينظير ڀٽو سان پهرين ملاقات لنڊن ۾ ٿي هئي جيڪا منهنجي شعوري طور سياسي سفر جي پهرين ملاقات هئي. جنهن دوران محترمه مون کي سياست جو عملي طور حصو وٺڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ مون تي اهڙو هڪ عظيم ماءُ جي محبت وارو شفيق هٿ رکيو جو اڄ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهيان. جنهن هي چونڊ ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ تعلقن جي باشعور عوام ۽ پ پ ڪارڪنن جي ووٽن سان ته ٿي آهي پر دراصل اهو مون مٿان منهنجي قائد جو ٿيل اعتماد آهي جو اڄ مان ان منصب تي آهيان جتي پنهنجي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر جي آبياري ڪندي عوام کي اٽو، لٽو، اجهو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون.

    محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو آهي. ڪڏهن هيمون ڪالاڻي، ڪڏهن هوشو ته ڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ته ڪڏهن خود بينظير ڀٽو جي روپ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ جڏهن اسين 57هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ان ڏينهن تي سندس پوئلڳ رت جو عطيو ڏيئي شاندار ڀيٽا ڏيئي رهيا آهن ۽ شيخ اياز جي ان سٽن کي ساڀيا ڏيئي رهيا آهن جنهن ۾ شيخ اياز چيو هو ته

    اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن لڙڪ ڦڙا، ڪنهن ماڪ ڦڙا

    جن توکي پنهنجو رت ڏنو سي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا.

    محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي اڍائي سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به هڪ کن پل لاءِ اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هو عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي. ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي.

    هن لاءِ هي لفظ چوان ته هن جي زندگي جدوجهد جو سڏ هئي ۽ موت، انقلاب جو سڏ آهي ته ان جو ڪوبه وڌاءُ نه هوندو.

    شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي هزارين خصوصيتن مان به هڪ خصوصيت هئي جو هوءَ بهاردر نياڻي هئي مون کي ياد آهي جڏهن لنڊرن ۾ پارٽي جي فيڊل ڪائونسل ۽ سينٽرل ڪاميٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو هو ان ۾ هن ڏسو صفحو 7

    پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پوءِ اجلاس بعد آئون، بابا ظفر لغاري سان گڏ لنڊن ۾ ترسيل هيس ۽ ٻيهر اسان جي هن سان ملاقات ٿي هئي ۽ مون کيس عرض ڪيو هو ته محترمه اوهان پاڪستان جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ وطن ورڻ جو فيصلو ڪيو ته ان وقت هن محبت، حجت ۽ ڪاوڙ واري گڏيل لهجي ۾ چيو هو ته مون ڪيتريون ئي عيدون ۽ عاشورا پنهنجي ڀائرن ۽ عوام کان الڳ ڪيا آهن آئون پرڏيهه ۾ رهي هر لمحي پنهنجي وطن ۽ عوام جي جدائي جو درد ڀوڳيندي رهي آهيان پر هاڻي ايئن نٿي ڪري سگهان. بابا ۽ ڀائرن جي قبرن تي به فاتح ناهيان پڙهي سگهي. هاڻي منهنجو عوام ۽ ڌرتي مون کي سڏي رهيا آهن آئون جيئڻ به پنهنجي وطن ۾ ٿي چاهيان ته مرڻ به پنهنجي وطن ۾ ٿي چاهيان. هن مون کي حجت واري انداز ۾ چيو هو ته عمران! اهو ڪيڏو نه الميو آهي جو منهنجي بابا منهنجي ڀائرن ۽ منهنجي پارٽي جي سوين ڪارڪنن جن وطن کي رت ڏيئي ۽ ٽٽڻ کان بچايو آهي ۽ هاڻي به قربانين وارو تسلسل برقرار آهي ان ئي وطن جا دروازا اسان لاءِ بند ڪيا ويا آهن. اسان جڏهن به عوام ۽ وطن جي ڳالهه ڪئي ته وطن ۽ جمهوريت دشمنن اسان کي اذيتون ڏنيون.

    اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾

    سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

    ۽ محترمه اهو به چيو هو ته عمران تون ته خوش نصيب آهين جو تنهنجو بابا تو سان گڏ آهي ۽ تنهنجا پر آزاد آهن تون وطن به وڃي سگهين ٿو پر مون لاءِ ته مشڪلاتون پيدا ٿيل آهن. راهن ۾ رڪاوٽون آهن محترمه اهو به چيو هو ته عمران اسان هڪ اهڙي وطن جي سلامتي ۽ ان ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد پيا ڪريون جنهن وطن جي هڪ آمريت پسند طبقي، اسان کي سڀ ڪجهه کسيو آهي پر اسان پوءِ به مايوس ناهيون ڇو ته ان جنگ ۾ اسان فاتح ٿيا آهيون. هنن ظاهر طور کٽڻ باوجود به کٽيو ناهي ۽ اسان ڏيکاءُ واري هارائڻ باوجود به هارايو ناهي ۽ مون کي يقين آهي ته آخري فتح اسان جي ٿيندي.

    آئون توکي چونڊن جي پارٽي جي ٽڪيٽ ڏيندس ڇو ته تنهنجو بابا ۽ منهنجو چاچا ظفر لغاري جهونو ٿي ويو آهي. بابا جو ساٿي آهي ان لاءِ هن کي پارٽي جي ذميواري ڏينداسين. تنهنجا حوصلا بلند آهن. نئون رت به اٿئي ۽ تو وٽ صلاحيتون به آهن ان لاءِ هاڻي اوهان کي پارليمينٽ ۾ هئڻ گهرجي ڇو ته اسان جي مشن کي پاڻ تڪميل تي اوهان پڄائيندا... شهيد راڻي جا اهي لفظ مون لاءِ وڏو اتساهه ثابت ٿيا. هاڻي آئون جيڪو ڪجهه به آهيان ان عظيم ڀيڻ جي شفقت جو نتيجو آهي اڄوڪي ڏينهن تي اچو ته اسان سڀ هن عظيم نياڻي کي خراج عقيدت پيش ڪيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو