مليريا جي چڪاس ۽ اسڪول جو زمانو (يادگيريون) عبدالله جروار ڪو زمانو هوندو هو. جو مليريا کاتي جا سپروائيزر هر مهيني ٻئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ايندا هئا. پوء اسڪول ۾ ٻارن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويندو هو. هاڻ سپروائيزر هٿ جي آڱر تي سئي هڻي رت ڪڍندو. ٻارن جي لائين ٺهرائي ويندي هئي. چڱي خاصي تعداد جي ٻارن جون مليريا سلائيڊ ورتيون وينديون هيون. ڏهين پنڌرهين اهو سپروائيزر صاحب انهن ٻارن جي ڪوئنين جون گوريون کارائيندو هو مليريا پازيٽو اچي ويندي هئي . استاد صاحب کي به ڪجھ گوريون ڏيئي به ويندو هو. ته احتياط طور ٻارن هي گوريون کارائجئو. اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ اڪثر مليريا سپروائيزر سائين نور محمد سمون ايندو هو جيڪو چمبڙ سائيد جو هو. ٻيو سپروائيزر هن علائقي ڳوٺ محمد علي پرهياڙ جو سائين محمد رحيم لوهار مرحوم هوندو هو. جن ڳوٺن مان مليريا جا گهڻا ڪيس ملندا هئا انهن کي ڦوهارو پڻ ڪيو ويندو هو . اڄ ڪلھ وارو مشيني ڪم نه هو. ڦوهاري وارا ڊرم هوندا هئا. هر ٽيم ۾ چار يا پنج ماڻهو هوندا هئا. هر مزدور کي سپروائيزر هڪ ڊرم ڦوهاري جو دوا پاڻي ۾ ملائي ڏيندو هو. جيڪو ڌرم ڪلهي تي کڻي ڦواهارو هڻندو هو. سموري ڳوٺ جي گهر گهٽين لوڙهن وغيره کي چڱي ڦوهارو هنيو ويندو هو. جيڪو ڀتين تي هلڪي اڇي چن جي رنگ وانگر لڳو پيو هوندو هو. ان ڦوهاري جي ڪم کان اڳ هڪ گاڏي ۾ ڊي ڊي ٽي پائوڊر يا ٻيو ڪو نالو هو. ان جا کوکا کڻي ڇڏي ويندا هئا. انهن کوکن مان ڪڍيل دوا ڦوهاري ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي. هاڻ مشيني هڻ کڻ واري اسپري آهي. جلد ڳوٺ کي گهمايو وٺن ٿا. ڳوٺ ۾ ڪيل اسپري مشين ذريعي ڪيو وڃي ٿو. جنهن مان دوا دونهون بڻجي خارج ٿئي ٿي. انهن ۾ مڇر مارا دوا سان گڏ ڊيزل مڪس ڪري اسپري ڪيو ويندو آهي .هي اسپري ٿوري عرصي ڪجھ ڏينھن لاء ڪار آمد آهي. بعد ۾ ساڳيو حال آهي. زرعي دوائن جي اسپري ڪرڻ سان مڇر مار جيت به ختم ٿي وڃن ٿا. جيئن ڀنڀوريون وغيره . ٿي سگهي ٿو انڪري ئي مڇرن ۾ واڌ آئي هجي. مڇرن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي هڪ سبب برسات جو پاڻي آهي ٻيو عام استعمال ايندڙ پاڻي جو گهڻو واهپو آهي جنهن ڪري گندو پاڻي جمع ٿيندو رهي ٿو . هاڻ ته مليريا جي بيماري به وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورن تي مليريا توڙي بخار جون دوائون تمام مهانگيون ٿي ويون آهن. جنهن ڪري عام ماڻهو کي علاج ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي پيون. دنيا جھان مان پھتل خبرن مطابق دنيا ۾ وڌ مان وڌ فوتگي جي سببن ۾ مليريا چيو وڃي ٿو، پر پاڻ وٽ بچاءُ لاءِ ڪا خاطر خواہ حڪمت عملي نہ آھي. واڳ ڌڻين ۽ وس وارن کي ھن مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سرڪاري اسپتالن ۾ مليريا جي بيماري چڪاسڻ ۽ علاج الڳ ڪائونٽر کوليا وڃن جيئن مرض جي تڪڙي تشخص سان گڏ بهتر علاج ٿي سگهي. (روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 21 سيپٽمبر 2023 ع بروز خميس) روزاني آجيان شڪارپور سنڌ