اکين مان ڪٽر ڪڍندڙ عورت جيجي موران جو وڇوڙو تحرير : عبدالله جروار اڄ جي سائنسي دور ۾ جتي صحت جي حوالي سان وڏي تحقيق ايجادون توڙي ميڊيسن جي حوالي سان مختلف بيمارين جو مشاهدن ذريعي دوائن جي تياري ۽ انهن جي استعمال انسانذات لاء بيمارين کان شفا ملڻ جو ذريعو ثابت ٿيون آهن. مختلف بيمارين تشخيص ۽ علاج ۾ ڪمپيوٽر جي مدد سان حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. جنهن کي بلڪل ئي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. پر جنهن خطي ۾ پاڻ رهون ٿا. خاص طور سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ اڄ به ڪيترين ئي بيمارين جو لوڪ ڏاهپ جي ڏس، پراڻن موروثي طريقن موجب ڪيو ويندو آهي. اهڙن مروج علاج جي طريقن مان اکين ڪپاھ ذريعي اٽڪل سان ڪک ۽ ڪچرو ڪڍڻ جو به آهي. اڄ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ڪک ڪچري پوڻ يا اکين ۾ تڪليف جي صورت ۾ اکين ڪک ڪڍرايا ويندا آهن. ڪيترن ئي ماڻهن کي هن طريقه علاج مان شفاياب ٿيندي به ڏٺو اٿئون. اسان جي علائقي ۾ اهڙيون به عورتون ٿي گذريون آهن. جيڪي ڪپاھ سان اکين مان ڪک ڪچرو ڪڍڻ جو هنر ڄاڻنديون هيون. هڪ عورت مير خان ٺوڙهي لڳ ڳوٺ رئيس منظور علي خان پتافي جي هئي جيڪا ڪافي سال اڳ وفات ڪري وئي. سندس خاندان جو هڪ اڌ فرد اڄ به اهو ڪم ڪري ٿو. ٻي عورت برفت قبيلي جي جيجي موران هئي. جنهن جي به ٻه ڏينهن اڳ فوتگي ٿي آهي. جيجي موران پنهنجي هن فن ۾ بيمثال هئي. روزانو وٽس ڪيترائي ماڻهو پري پري کان اکين جي تڪليف ۾ ايندا هئا. اکين مان ڪٽر ڪڍائڻ کان پوء خوش ٿي ويندا هئا. مون کي اها خبر ناهي ته اکين ۾ ڪٽر پوڻ جي صورت ۾ ميڊيڪل ۾ ان جو علاج ڪهڙو آهي ۽ ان تي خرچ ڪيترو اچي ٿو. پر هي امڙ بنا ڪنهن پئسن جي لالچ جي هر وقت گهر ۾ موجود هوندي هئي. اکين جي صفائي ڪندي هئي. ڪيترن ماڻهن جي اکين مان به پٿريون وغيره به نڪرنديون هيون. تڪليف زدہ ماڻهو خوش ٿي پنهنجي مرضي جيترا پئسا ڏيڻ وٺي رکندي هئي. ايتري مهمان نواز به هئي پري پري کان ايندڙ ماڻهن کي ماني به کارائي ڇڏيندي هئي. پنهنجي مزاج توڙي عمل ۾ بيمثال عورت هئي. ٻه ڏينهن اڳ سندس وفات ٿي. هي جهان فاني آهي هر ڪنهن کي جهان ڇڏڻو آهي پر انسان جا چڱا عمل کيس ڳچ عرصو زنده رکندا آهن. سندس حياتي ڪيترن اخبارن، رسالن توڙي ٽي وي چئنلن سندس انٽرويو رڪارڊ ڪيا. گهڻن ماڻهن سندس ڪم کي ساراهيو ته ڄڻ سائنسي نڪتا اٿاريا امان موران چاچا هوت برفت مرحوم جي گهر واري هئي. انتهائي سڀاء واري خاتون هئي. سندس گهر ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر انهن کي همت سان منهن ڏنو. ڳوٺ فقير محمد برفت ۾ توڙي آس پاس ۾ وڏي ڄمار ماڻيندڙ سٺي صحت رکندڙ خاتون هئي. ان جو سبب اڄوڪن کاڌي جي شين کائن کان سندس پرهيز هو. وڏي ڄمار هوندي به برادري ۾ هر ڪنهن سان ڏک سک ۾ پير ڀرڻ سندس مزاج ۾ شامل هو. هن گهر اسان جو تعلق ابن ڏاڏن کان رهيو آهي. چاچا هوت برفت اسان جي گهر ڀاتين وانگر هو. اهو تعلق هن خاندان سان نباهيو آهي. سندن وفات کان پوء ادا جمن برفت ۽ سندس محمد صديق برفت انهي محبت ڀريي تعلق کي نباھيندا اچن .