سموري سنڌ جو سير سفر ڪندڙ کاهوڙي ڪردار ۽ ليکڪ حاجي پير بخش لاشاري مرحوم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سموري سنڌ جو سير سفر ڪندڙ کاهوڙي ڪردار ۽ ليکڪ
    حاجي پير بخش لاشاري مرحوم
    تحرير : عبدالله جروار
    ڪافي سال اڳ هڪ شام جو منهنجي ڳوٺ هڪ بزرگ منهنجي پڇا ڪري اچي نڪتو. ساڻس ملياسين حال احوال ڏنا ورتا سين. مون سان ملڻ لاء آيل اها بزرگ شخصيت حاجي پير بخش لاشاري صاحب جن هئا. اسان ٻنهي جو هڪٻئي سان اڻ ڏٺو تعارف ته هو پر روبرو پهرين ملاقات هئي . ان اڻ ڏٺي تعارف جو سبب سائين محمد صديق لاشاري صاحب هو. جيڪو هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ منهنجو ڪليگ هو ۽ حاجي پير بخش لاشاري مرحوم جو ويجهو عزيز هو. روز ڪچهري ۾ حاجي صاحب جو ذڪر ٿيندو هو. سندن ڳوٺ جنهنجو قديم نالو واڳوڏر ۽ لاشاري برادري جو ڳوٺ هئڻ ڪري هاڻوڪو نالو نبي بخش لاشاري آهي. واڳوڏر نالو هئڻ جو هڪ سبب قديم دريائي وهڪرو ٿي سگهي ٿو جيڪو هن ڳوٺ کي ويجهو ئي ڌريائي وهڪري جا نشان موجود آهن. هن ڳوٺ سان لڳ ئي ديھ واڳوڏر پڻ موجود آهي. خير اهو ٿيو حاجي صاحب جي ڳوٺ جو ذڪر، هاڻي اچون ٿا حاجي صاحب جن جي شخصيت ۽ سندن ڪتابن تي.
    حاجي پير بخش لاشاري صاحب جن جو جنم 1932ع ۾ ڳوٺ واڳوڏر ۾ ٿيو. پنهنجي والد جو اڪيلو پٽ هو. سندن والد زميندار هو. ابتدائي تعليم سائين محمد اسماعيل ڪيريو صاحب کان حاصل ڪئي. قرآن شريف ٻن استادن سائين حاجي خير محمد لاشاري ۽ سائين فتح محمد ڪيريي صاحب جن وٽ پڙهيو. ابتدائي تعليم جو ذڪر ڪندي حاجي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. اهو انگريزن جو دور هو پڙهائي ۾ هوشيار هئڻ جي ڪري استاد صاحب کين سوئيتر انعام طور ڏنو. پر پاڻ وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهيا. حالات هٿان مجبور ٿي کين ٻڪريون ۽ مينهون چارڻيون پيون. بعد ۾ اٺ لڏڻ شروع ڪيائون جو ان وقت بار کڻڻ جا ڪي مشيني ذريعا نه هئا بار اٺن تي يا ڍڳي گاڏين تي کنيو ويندو هو. پاڻ بعد ۾ وڏو عرصو ٻني پوکي گذر سفر ڪيائون. حاجي صاحب سير و سفر جو شوقين خاص طور تي اولياء اڪرام تي حاضري ڏئي روحاني سڪون ماڻيندا هئا.
    حاجي صاحب جو زير نظر ڪتاب جيڪو هڪ ڊائري نما سفرنامو آهي. جنهنجو عنوان به وڻندڙ آهي " ووڙيم سڀ وڻڪار" سموري سنڌ پرين جي پاڇي مثل حاجي صاحب کي سموري سنڌ سائي ستابي ۽ روحانيت سان ڀرپور نظر آئي. جيئن چوندا آهن سرمو سڀڪو پائي پر اک اک جو ڦير، اهڙي طرح سموري سنڌ کي جهڙي نظر سان ڏسبو سنڌ جو هر منظر وڻندڙ لڳندو. حاجي پير بخش لاشاري صاحب حال حيات بزرگن سان ملاقاتون ڪيون. ته درگاھون ، خانقاهون ۽ بزرگن جا تڪيا نه رڳو ڀيٽيا پر انهن جو مفصل احوال سان گڏ ڀرپاسي جي ڳوٺن توڙي ناليوارين شخصيتن ۽ ذاتين جو تاريخي احوال تصويرن سميت قلمبند ڪيو اٿن. حاجي صاحب ڊائري نما تاريخ جا ٽي ڪتاب لکيا. جن ۾ ناليوارين شخصيتن جن ۾ درگاهن جا سجاده نشين هجن يا خانقاهون جا بزرگ هجن. فقيرن جا مڪان هجن علائقي جون معزز شخصيتون هجن يا شاعر توڙي مولودي هجن هر هڪ جو پيرائتو احوال پنهنجي لکڻين ۾ ڏنو اٿن. منهنجي هٿ ۾ موجود سندن ڪتاب" ووڙيم سڀ وڻڪار " ۾ سندن سير سفر جو دلچسپ احوال موجود هئڻ مان گڏ مقامي تاريخ کي قلمبند ڪرڻ هڪ وڏو ڪم آهي. جنهن تي حاجي صاحب کي جس ڏيڻ کان سواء رهي نٿو سگهجي. ڪتاب ووڙيم سڀ وڻڪار ۾ سوين بزگ هستين اولياء ڪرام شخصيتن ۽ ماڳن مڪانن جو پيرائتو احوال ڏنل جن ۾ درگاھ مڪان شريف کان پاڪ پتڻ تائين حاجي صاحب جي سير و سفر ۽ مشاهدي کي پيرائتو قلم بند ڪيو. حاجي صاحب جو هي ڪم سادي پيرائي ۾ تحرير ٿيل آهي. پر ڪتاب پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته پڙهندڙ خود حاجي صاحب سان همسفر آهي. حاجي پير بخش لاشاري صاحب هن ڪتاب ڪيترن بزرگن جي تصويرن سان گڏ انهن دوستن ۽ احبابن جون تصويرون به شامل ڪيون آهن جيڪي حاجي صاحب سان ڏک سک ۾ شامل حال رهيا آهن. هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ حاجي صاحب سان ٻانهن ٻيلي رهندڙ نوجوان جان محمد لغاري صاحب ۽ سائين محمد صديق لاشاري جو ذڪر نه ڪرڻ به ناانصافي ٿيندي.
    حاجي پير بخش لاشاري صاحب هڪ ننڍو آبادگار هوندي گذر سفر جو سامان ڪرڻ سان گڏ. پنهنجي ذاتي سواري نه هجڻ باوجود پيرين پنڌ توڙي بسن عام سواري تي ڪيل سفر سير و سياحت بزرگن سان بي مٿال عقيدت سندن ڪتابن مان عيان آهي. سندن ڪتاب "ووڻيم سڀ وڻڪار" مان ڪجھ احوال ڏجي ٿو.
    هن ڪتاب حاجي پير بخش لاشاري مرحوم ڪيترين درگاهن، بزرگ شخصيتن توڙي تاريخي ماڳن مڪانن جو احوال ڏنو آهي ان سان مختصر حج بيت الله شريف جي زيارتن جو به احوال مختصر پيرائي ۾ ڏنو اٿن. سندن مضمونن جو پهريون موضوع شيخ ڀرڪيو کان پاڪ پتڻ جو سفر، بڪيرا شريف جي ڀزرگن جو تذڪرو، مڪان شريف پير صاحبان سان شخصيت بزرگ سائين محمد شاھ، شيخ ڀرڪيو جي بزرگن ۽ شهر جو احوال، مشهور زميندار حاجي غلام حسين کوکر ۽ سندس فيملي جو تذڪرو، ٽنڊي سائينداد جي سرهندي پيرن جو احوال، خياوري پير صاحبان، اوٽي شريف جا پير،، ملاڪاتيار جي بزرگن جو تذڪرو سميت ڪافي بزرگن جا احوال ان سان ان وقت جا ناميارا مولودي جسڪاڻي، مڱڻهارن جو احوال، ميلن ملاکڙن ۽ بزرگن جي عرس مبارڪن جا احوال. هڪ گهٽ پڙهيل شخصيت هوندي سندن لکيل ڪتاب ائين لڳن ٿا حاجي صاحب ڄڻ درياء کي ڪوزي ۾ بند ڪيو هجي. حاجي صاحب جي سادي انداز سان لکيل هن ڪتاب کي پڙهندڙ مڪمل پڙهڻ کان سواء رهي نٿو سگهي.
    حاجي پير بخش لاشاري صاحب جن ٽي ڪتاب لکيا. جن ۾ "ووڙيم سڀ وڻڪار" ، "سرها سيڻ سنگھار" هڪ ڪتاب جو نالو ياد نه پيو اچي.
    هن کاهوڙي شخصيت جي وفات 23 جولاء 2013 ع تي. سندس وصيت موجب ڳوٺ نبي بخش لاشاري ۾ سندن ئي تعمير ڪرايل مسجد جي ڀر ۾ کين سپرد خاڪ ڪيو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو