• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هيءُ قبرستان تعلق

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Mozmil
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Mozmil

فعال رڪن
دائوءَ جا قبا (ماڳ):
هي هڪ قديم قبرستان آهي، جنهن ۾ چانڊين جا ڪيترا سردار دفن آهن. هيءُ قبرستان تعلقي ۽ ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ غيبي ديري جي اوڀراتر ڪنڊ تي ڳوٺ ماهوءَ وٽ آهي. هيءُ ماڳ 1614ع ڌاري جو، سمن جي دور جو چيو وڃي ٿو. هن ماڳ جو ذڪر خليفي عبدالحميد چانڊيي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو‘ ۾ ڪيو آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ماهوءَ جي جنگ مرزا غازي بيگ جي چرچ تي 8 شعبان 1022هه/ 15 سيپٽمبر 1613ع تي ماهوءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن جا اهم محرڪ حاجي ۽ حسڻ چانڊيو هئا. انهن ٻنهي پاڙن ۾ لڳل هيءَجنگ نجي گھرو ويڙهه يا خانداني جنگ هئي، جنهن ۾ هڪٻئي جو قتلام ڪيو ويو. هن جنگ ۾ چانڊين جي هڪ ڌر جي سپهه سالار دائود خان چانڊيي سميت 1300 سپاهي مارجي ويا، جن جون قبرون هتي واقع آهن. “
هن جنگ لاءِ ڪن محققن لکيو آهي ته اها 1611ع ڌاري لڳي هئي. هن مقام ۾ دائودخان، سيويخان، اعتبار خان، خان محمد خان، غازي خان، چاڪر خان، محمد خان، محمد باقر خان ۽ والي رکيي سميت ٻين چانڊين سردارن جا مقبرا واقع آهن، جيڪي مختلف وقتن کان ويندي 1819ع تائين تعمير ٿيا. هيءُ هڪ وڏو تاريخي مقام آهي، جنهن جي ايراضي 200 ايڪڙن تي آهي ۽ ان کي دائود چانڊيي جي نسبت سان ’دائو جا قبا‘ سڏيو وڃي ٿو.
 
Back
Top