ٽيڪنالاجي جيئن ترقي ڪري پئي تيئن ئي مختلف پليٽفارمز پنھنجا قاعدا ۽ قانون بہ تبديل ڪندا پيا اچن، سڀ کان اڳڀرا ٻہ ئي پليٽفارم آھن، ھڪ گوگل ۽ ٻيو ميٽا / فيسبوڪ. مونکي سڀ کان وڌيڪ قانون جا پابند گوگل وارا لڳندا آھن جيڪي اھڙين ائنڊرائيڊ ايپس کي ماڳھين ڊليٽ ڪري ڇڏيندا آھن جيڪي پنج سال پُراڻي ٽيڪنالاجي تي ٺھيل آھن. جڏھن کان ائنڊرائيڊ 12 آيو آھي، گوگل پلي اسٽور تان تقريبن پراڻيون ۽ اجايون ايپليڪيشنز ڊليٽ ڪيون ويون آھن، ھاڻ فقط اُھي ئي ايپس موجود آھن جيڪي اپڊيٽڊ آھن، باقي سڀني کي يا تہ ختم ڪيو ويو آھي يا وري محدود ڪيو ويو آھي تہ جيئن اُھي نوَن ائنڊرائيڊ فونن تي نہ ھلن. توھان جيڪڏھن ائنڊرايئڊ ڊولپر آھيو تہ ھِي لنڪ کولي ڏِسو ۽ پنھنجي ايپس ۾ اھڙيون شيون ڪڏھن نہ رکو جيڪي پاليسي مطابق نہ ھُجن. ميٽا (فيسبڪ) وارا بہ آئي ڏينھن پاليسيون تبديل ڪندا ٿا رھن، جنھن ڪري کوڙ اڪائونٽ متاثر ٿين ٿا. ويب سائيٽون پڻ ائين ئي آھن، انھن کي ھر پنجين سال اپڊيٽ ڪرڻو پوي ٿو، نہ تہ اُن ۾ بگس ۽ ايررس اچڻ شروع ٿي ويندا آھن، منھنجي نظر ۾ ھڪ ڊائنامڪ ويب سائيٽ جي عُمر لڳ ڀڳ 10 سال ھوندي، ان کان پوءِ ٽرينڊ مٽجيو وڃي، ٽيڪنالاجي اپڊيٽ ٿيو وڃي.. انڪري بھتر بہ اھو ئي آھي تہ ھر ڏھين سال ويب سائيٽ کي لازمي نئون تازو ڪجي. اسان سنڌسلامت ڪتاب گهر 2016 ۾ ٺاھيو، 2020 ۾ اپڊيٽ ڪيوسين، ھاڻ وري اُن کي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي... تيئن ئي 2017ع ۾ پيغامِ قرآن (ويب پورٽل) ٺاھيوسين، جنھن کي ھاڻ 100 سيڪڙو اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي.. ائين ناھي تہ اھا ويب سائيٽ ھلي ڪانہ پئي، ويب سائيٽ جيئن جو تيئن ھلي پئي اصل سبب آھي ٽرينڊز جو، ٽيڪنالاجي جو.. جيتري پراڻي ٽيڪنالاجي ھوندي اوترو وڌيڪ رِسڪ ھوندو آھي.. ائين سمجهو تہ ھڪڙو گهر آھي، اُن ۾ سِرون ڪچي مٽيءَ جون آھن، وقت گذرڻ سان گڏ اھي سِرون تہ اصلي حالت ۾ تہ نہ رھيون ھونديون ۽ ٿوري ڌِڪي سان ئي سڄي ڀِت پَٽ تي.. اھڙي ئي نموني جيڪڏھن ويب سائيٽ يا ائپ کي نئين ٽيڪنالاجي تي اپگريڊ نہ ڪيو ويو تہ اُھا ڪنھن مھل بہ ويھِي سگهي ٿِي يا وري ڪو بہ ھيڪر اچِي آرام سان اُن ويب سائيٽ کي ڌُوڙ ڪري سگهي ٿو. اھي شيون اپڊيٽ ڪيئن ٿينديون!؟ چوَندا آھن تہ ’جيڪي ڄڻين سي نپائِن‘ سو اھي شيون اُھي ئي ڊولپر اپڊيٽ ڪري سگهن ٿا جيڪي اِنھن شين جي ڄاڻ رکندا ھوندا ۽ نئين ٽرينڊ مطابق ھلندا ھوندا. ڪابہ ويب سائيٽ يا ائپ ٺاھڻ لاءِ 3 ماڻهن جي ٽِيم ضروري آھي، 1. يوزر انٽرفيس / يوزر ايڪسپيرئنس ڊزائنر (Ui/UX ڊزائنر)، جيڪو نوَان ٽرينڊ ڏِسي ائپ يا ويب سائٽ کي ڊزائن ڪندو، ڪھڙا رنگ رکڻا آھن، ڪيئن ڏيکَ بيھارڻو آھي، ڪھڙي بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڪھڙو پيج کُلندو وغيرہ.. 2. فرنٽينڊ ڊولپر (front-end developer) جيڪو ui/ux کي فرنٽينڊ لينگويجز ۾ ڪوڊنگ ڪري ھڪ ڏيک تيار ڪندو، ھڪ ھڪ صفحو ٺاھيندو، جيڪڏھن ويب سائيٽ آھي تہ اُن جو موبائل فرينڊلي ورزن پڻ ٺاھيندو تہ جيئن موبائل تان ويب سائيٽ ھلائڻ ۾ آساني ٿئي. 3. بئڪينڊ پروگرامر (backend developer). جڏھن فرنٽينڊ تيار ٿيندو آھي تہ پوءِ بئڪينڊ ڊولپر اُن جي ڊيٽابيس سميت سموري ويب سائيٽ يا ائپ جِي بئڪينڊ ڪوڊنگ ڪندو ۽ ٽيسٽنگ فيز ۾ ھلائيندو، جڏھن اُھا ائپ باقاعدي ڏسڻ جھڙي ھوندي تہ اُن کي beta يا وري production رليز ۾ آڻي ڇڏيندو. بدقسمتي سان، اسان وٽ ائين ناھي، اسان وٽ سڀ بار ھڪڙي ئي ماڻهو تي رکيو ٿو وڃي. فرنٽينڊ، بئڪينڊ، ڊيٽا انٽري، مطلب سڀ ڪُجهہ ھڪ ئي شخص... جيستائين مون ڏٺو آھي تہ سرڪاري ادارن ۾ ’ڪمپيوٽر آپريٽر‘ ۽ ’ويب ڊولپر‘ کي بہ ھڪ ئي نظر سان ڏٺو ويندو آھي، جيڪو تمام نامناسب روَيو آھي. ٽيڪنالاجي ڏينھان ڏينھن اپڊيٽ پئي ٿئي، جيڪڏھن توھان بہ پنھنجي پاڻ کي اپڊيٽ نہ ڪيو تہ پوئتي رھجي ويندؤ.