بڪيرا شريف کان شيخ ڀرڪيو روڊ تي شاگردن کي بنا ڀاڙي کڻندڙ بسون

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (ياد ماضي)
    بڪيرا شريف شيخ ڀرڪيو روڊ تي بنا ڀاڙي شاگردن کي کڻندڙ بسون، انهن جا مالڪ ۽ عملو
    تحرير : عبدالله جروار

    اهو به وقت هو جڏهن ٽنڊي الهيار کان بڪيرا شريف ۽ شيخ ڀرڪيو تائين عام سواري بس هئي. جيڪا نه رڳو مسافري ڪرڻ جو سولو ۽ اسان ذريعو پر زرعي جنس وغيره شهر موڪلڻ ۽ شهر کان روزمره جي استعمال جو سامان آڻڻ نيڻ جو آسان ذريعو هئي. پر سڀ کان وڌيڪ سهولت هن علائقي جي شاگردن کي جيڪي مختلف ڳوٺن کان بسن جي سواري ذريعي بنا ڀاڙي وقت سر اسڪول پهچندا هئا. اسڪول مان موڪل ٿيڻ تي آهي بسون کين واپس کڻي وينديون هيون. اهو بسن جو سفر وڏي عرصي تائين هليو. 1990ع ۾ هاء اسڪول بڪيرا شريف قائم ٿيڻ کان وٺي ٽنڊي الهيار شيخ ڀرڪيو روڊ تي ٻنهي طرفن ٽنڊي الهيار کان بڪيرا ۽ شيخ ڀرڪيو کان ايندڙ بسون هن اسڪول جي شاگردن توڙي استادن لاء غنيمت هيون. موٽر سائيڪل ۽ ٻيون سواريون اڃا عام نه ٿيون هيون. هن روڊ تي ڪجھ بسون هلنديون هيون. جيڪي استادن ۽ شاگردن وقت سر اسڪول پهچائينديون هيون. موڪل ٿيڻ واپس کڻي وينديون هيون. استادن کان ڀاڙو ورتو ويندو هو. سوين شاگرد بنا ڀاڙي بسن تي سفر ڪري اسڪول ايندا ۽ ويندا هئا. هاء اسڪول بڪيرا ۾ ايندڙ شاگردن ۾ شيخ ڀرڪيو ۽ آس پاس، مڪان شريف، ڪاتيار، سمهاباڻي سيد، نواب خان مري، ٿهيمن جي مختلف ڳوٺن جا ٻار، پير علي بخش شاه، مهراڻي، ابڙا، لاشاري، بچل پتافي، کوکر ، مسرڪ ، ناهيان جا سوين شاگرد بسن جي مفت سواري سبب پڙهي سگهيا. سچ پچ ته آئون اڄ سوچيان ٿو. بسن جي مالڪن ڊرائيورن، ڪنڊڪٽر ۽ اسٽاف جي مهرباني سان پڙهيل هزارين شاگرد جيڪي اڄ نوڪريون ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا آهن. انهن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار والدين کان پوء انهن بسن وارن جو آهي. ڪيترائي اهڙا غريب شاگرد هئا جن کي گهران خرچي به نه ملندي هئي. بنا پئسن اسڪول ايندا ۽ ويندا هئا. انهن بسن جي مالڪن ۽ اسٽاف جو به مختصر ذڪر ڪجي. استاد حبيب ملاح، استاد عليم خاصخيلي ، استاد زمان ملاح، استاد قدير پنجابي، استاد فيض محمد پنجابي، الهدتو پنجابي، ذوالفقار پنجابي، عبدالشڪور کوکر، آدم کوکر، علي نواز کوکر، استاد ليمون شيدي ابراهيم مانجھي جروار، بهرحال ڪافي نالا وسري ويا اٿم. اهو بسن جو سلسلو تڏهن جھڪو ٿيو جڏهن چنگ چي رڪشا ۽ چائنا موٽر سائيڪل عام ٿيا. پئسي جي گهڻي فراواني ٿي. ملڪ ۾ خوشحالي عام ماڻهو کي موٽر سائيڪل ۽ چنگ چي جي سواري ملي موٽر سائيڪل وارا ڪارن جا گاڏين جا مالڪ ٿيا. هاڻ تقريبن هر ڳوٺ کان شاگرد موٽر سائيڪلن تي پڙهڻ لاء ويندا. مفت سواري وارو زمانو نه رهيو. اڳ روپيو ٻه خرچي ملندي ٻار خوش ٿيندو هو هاڻ اسڪول ويندڙ ٻار کي سوين روپيا گهرجن ٿا. جيتري گهڻي مهانگائي اوترو گهڻو پئسو خرچ ٿئي ٿو.
    اڄ استاد حبيب ملاح وفات ڪري ويو. ان ڪري اسڪول ۽ بسن جي يادگيري دل تي تري آئي. دعا آهي ته ﷲ پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو