• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليکڪ ۽ استاد سيد گل محمد شاھ رضوي

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
سائين سيد گل محمد شاھ رضوي
بهترين استاد ۽ ليکڪ
(ٽنڊي الهيار جون تاريخي شخصيتون.)
تحرير : عبدالله جروار

ٽنڊي الهيار ضلع جي زرعي زمين جيتري زرخيز آهي. ايتري ئي نامور شخصيتن جي حوالي سان اوتري ئي زرخير آهي. هن ڌرتي ڪيترين ناليوارين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. جن کي ٽنڊي الهيار جي تاريخ لکندڙ مورخ ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهي. اهڙين تاريخي شخصيتن مان هڪ قبله سائين گل محمد شاھ رضوي مرحوم جن به هڪ آهن. سائين سيد گل محمد شاھ رضوي جو جنم 31 ڊسمبر 1914ع ۾ ٿيو. سندن تعلق رضوي سادات ناگوري خاندان سان هو. سائين بھترين استاد طور سوين شاگردن کي تعليم جي روشني عطا ڪئي. سائين گل محمد شاھ رضوي مرحوم ٽنڊي الهيار جي قديم مين سنڌي پرائمري اسڪول جا استاد رهيا. سيد گل محمد شاھ رضوي صاحب جن 31 ڊسمبر 1969ع تي نوڪري تان رٽائرد ٿيا. پاڻ سٺا ليکڪ هئا. سندن ٻارن لاء لکيل ڪهاڻيون گل ڦل رسالي ۾ پڻ ڇپيون. درسي ڪتابن ۾ "ٻئي درجي جي جاگرافي" ڪتاب لکيو جنهن کي تعليم کاتي نصابي ڪتاب طور پڻ منظور ڪيو هو. رٽائرمينٽ کان پوء به سائين ٽنڊي الهيار شهر جي سڌاري لاء ڪوششن ۾ لڳو رهيو. سائين پاڻ ٻڌايائون ته ٽنڊي الهيار ۾ بجلي سندس ڪيل ڪوششن سان انگريز سرڪار سان ڪيل لکپڙه جي نتيجي ۾ لڳائي وئي هئي. سنڌ جي بمبئي کان آزادي بعد 1936ع ڌاري دادو ۽ ميرپورخاص لاء بجلي منظور ٿي. جنهن تي سائين گل محمد شاھ رضوي گورنمينٽ کي درخواست موڪلي ته مير پورخاص کي بجلي ملي پئي ته ٽنڊي الهيار ڪهڙو ڏو ڪيو. اهڙي درخواست منظور ڪندي ٽنڊي الهيار کي بجلي ڏني وئي. سندس گهڻي ڪوشش اها هئي هن علائقي ۾ ٽيڪسٽائل مل لڳڻ گهرجي. ان جو سبب هن علائقي جو ڪپھ جي پيداوار ۾ خود ڪفيل هجڻ هو. هن علائقي ۾ ٽيڪسٽائل مل لڳڻ سان نوجوانن کي بهتر روزگار به ملي سگهي ها. ٽنڊي الهيار شهر ۾ سائين کي وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو. سائين گل محمد شاھ پيرسن هوندي به ٽنڊي الهيار شهر جي بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. شهر جي مسئلن جي حل لاء بالا حڪام کي درخواست لکي شهر جي بازار جي هر دڪاندار ۽ عام شهرين کان صحيحون وٺي موڪليندو هو.
ٽنڊوالهيار زراعت توڙي ڪاروباري لحاظ کان اهميت رکي ٿو. ڪو وقت هو جو ڪاروبار ۾ ميمڻ برادري جي ناليواري شخصيت سيٺ حاجي محرم ميمڻ ۽ سندس ڀائرن جو وڏو نالو هو. سيٺ حاجي محرم ميمڻ ڪافي عرصو اڳ جڏهن نئون گهر تعمير ڪرايو هو ته ان جو افتتاح سائين گل محمد شاھ رضوي کان ڪرايو هو. سندن تعلقات ٻين ناليوارين سياسي سماجي شخصيتن سان هئا. پر ان هوندي به پاڻ هڪ استاد کي اهميت ۽ عزت.ڏني. ان جون تصويرون پڻ ڪجھ عرصو اڳ واپاري تنظيم جي اڳواڻ وقار حميد جي چاچي سائين عبدالجبار ميمڻ مون ڏانهن موڪليون هيون.
سائين گل محمد شاھ رضوي صاحب جن جي چاچا سيف الحق ميمڻ ۽ ماما شير محمد جروار اسٽامپ وينڊر سان گهرائپ ان ڪري وٽن گهڻو ايندو هو. هي سائين جي تصوير پڻ ماما شير محمد جروار اسٽامپ وينڊر جي فرزند مجيب الرحمان کان ملي آهي. سندس ٿورن سان هي پوسٽ ۾ رکجي ٿي. ❤️
Niaz Shah Bukhari
Manzoor Hussain
Syed Zeeshan Ali Shah
Sabir Qaimkhani
 
Back
Top