ٽنڊي الهيار جو نامور استاد سائين محمد ونهيل درس مرحوم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ياد ماضي
    (جي هينئڙي منجھ هرن)
    بهترين استاد سائين محمد ونهيل درس مرحوم جي يادگيري
    تحرير : عبدالله جروار

    ننڍي هوندي کان ئي اسان جي وڏڙن وٽ شخصيتن کي ايندي ويندي شام پهر روزانو يا هڪ اڌ ڏينهن جي وقفي سان ڪچهريون ڪندي ڏٺوسين. انهن ۾ سائين علي نواز رستماڻي ۽ سندن ننڍو ڀاء سائين الھ بخش رستماڻي ، سائين محمد ونهيل درس جيڪي استاد جي پيشي سان وابسته هئا، سائين محمد ونهيل رستماڻين جو پاڙيسري هو. سائين ڳوٺ همزو ٽالپر ۽ ڳوٺ احمد خان رستماڻي لڳ پنهنجي زرعي زمين گهر ٺاهي رهيل هوندو هو. سائين محمد ونهيل جي نوڪري به گورنمينٽ پرائمري اسڪول همزي ٽالپر ۾ هئي. ان وقت ۾ احمد خان رستماڻي ڳوٺ ۾ اسڪول نه کليو هو. چاچو حاجي غلام محمد جروار (رانجھاڻي) ڀرواري ڳوٺ علي بخش جروار جا نيڪ مرد ۽ زميندار هئا. اسان جي ڳوٺ ملا اسڪول جا ڪچا ڪمرا جيڪي ڏاڏا سائين جي دور جا ٺهيل هئا ۽ اڪثر اٽي جي چڪي تي اهي ڪچهريون مچنديون هيون. ڏاڏا سائين کي مائٽاڻي زمين پندرهن ايڪڙ کن مليل هئي جا گهڻي غير آباد هوندي هئي. چاچا حاجي محمد عثمان ۽ بابا سائين ۽ بعد ۾ چاچا سيف الله کي ماستري جي نوڪري ملي هئي. وڏو ڪٽنب هئڻ سان گڏ ايندي ويندي مهمان مسافر کي منهن ڏيڻ خاطر ڏاڏا حاجي بهارالدين مرحوم پٽن کي اٽي جي چڪي لڳائي ڏني هئي جيڪا انگلينڊ جي مشهور رسٽن Ruston ڪمپني هئي. اها منهنجا چاچا ڊاڪٽر غلام رسول، چاچا حاجي عثمان روزانو واري واري سان هلائيندا هئا. شام جو روزانو اتي جي چڪي هلائڻ معمول ۾ شامل هو. ان سان گڏ دوست ۽ احباب به اتي ئي ايندا هئا جن سان وڏڙن جو روح رهاڻيون هونديون هيون . انهن خوش لباس خوش مزاج شخصيتن ۾ سائين محمد ونهيل درس مرحوم جي شرڪت به هوندي هئي. علمي توڙي تعليم جي حوالي سان سنجيده بحث ٿيندا رهندا هئا. جو سندن سموري سنگت مان اڪثريت جو تعلق استاد طبقي سان هو. ڪڏهن ٻيا استاد به مهمان ٿي ايندا هئا. جن ۾ خاص طور تي سائين حاجي محمد سومار گهراڻو مرحوم نصرپور وارو جڏهن به ايندو ته ڪچهري مچي ويندي هئي. اهو زمانو هڪ محبتن ۽ سچائي جو هو. ماڻهو وٽ ڪچهريون حال احوال ونڊڻ جو وقت هو. اڄ وانگر ڇتڪتائي جو دور ڪون هو. سائين محمد ونهيل جو جنم 01 آگسٽ 1936ع چاچا مبين احمد درس جي گهر ۾ ٿيو. ماستري سان علم و ادب گهرو شغف هوندو هو. سائين روايتي تعليم سان گڏ سال 1961ع ۽ عالم فاضل سنڌي جو سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيو. جيڪو هن علائقي لاء اعزاز هو. ان وقت عالم فاضل جي ڊگري حاصل ڪرڻ وڏي ڳالھ هئي. سائين محمد ونهيل جي نوڪري جو وڏو عرصو گورنمينٽ پرائمري اسڪول همزي ٽالپر ۾ گذريو. جتي علائقي ڪيترن ئي شاگردن کي بهترين تعليم ڏني. سائين ڪتابن جو ڪوڏيو هو. تاريخي علمي ادبي ڪتابن جو وڏو ذخيرو سائين جي لائبريري ۾ موجود هو. سائين محمد ونهيل درس کي پٽ جو اولاد نه هو.
    سائين جون لکيل تحريرون ته نه ملي سگهيون آهن. ڊائري تي لکيل شاھ سائين جا بيت مليا آهن. جيڪي سائين جي نياڻي ۽ پرائمري استاد سائين محمود درس صاحب جن وٽ محفوظ آهن. سائين جي تصوير به سائين محمود درس صاحب کان ئي ملي آهي. هي معلومات يادگيرين تي آڌاريل آهي. وڌيڪ معلومات ملي سگهي ته هن پوسٽ ۾ شامل ڪبي.
    سائين محمد ونهيل درس جي وفات 07 آڪٽوبر 1993ع ۾ ٿي.
    Haji Mahmood Dars Dars
    Muhammad Hussain
    Faiz Mhd Dars
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو