(ٽنڊي الهيار ضلع جا نامور استاد) مرحوم سائين محمد جمن پرهياڙ صاحب تحرير: محمد رمضان پرهياڙ سندن پيدائش 15 آڪٽوبر 1920ع تي ٿي کيس ستن ورهين کانپوءِ مائٽن اسڪول بجاءِ ٻڪرين چارڻ تي موڪليو مسلسل يارنهن ٻارنهن سالن تائين ٻڪريون چارڻ کانپوءِ لڪ چوري ۾ حاجي بهارالدين جروار سان ملي کيس پڙهائڻ لاءِ استدعا ڪئي جنهن کيس واسطيدار جروارن جي ڳوٺ (ڪارياڻي جروارن) ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو مائٽ کيس ڳوليندا رهيا آخر ڪجهه مهينن کانپوءِ حاجي بهارالدين کين گهرائي ٻڌايو ته مون کيس پڙهڻ لاءِ ڇڏيو آهي اچي ويندو ۽ پوءِ وري آيو ۽ اهڙي طرح پڙهڻ جاري رکيو. اهڙي طرح پاڻ پڙهي فائنل پاس ڪيائين ۽ ڪجهه وقت ملان مڪتب صاحب خان جروار ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلوجاري رهيو. 8 آگسٽ 1943ع تي کيس پرائمري ٽيچر طور نوڪري ملي ۽ پاڻ واڳوڏر ۾ مقرر ٿيوسترنهن رپيا پگهار مقرر ٿي جنهن کانپوءِ حمزه ٽالپر ، شادمان جروار ، بهادر دائيداڻو ۽ ٻين اسڪولن ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ آخر ۾ 1960ع کان ڳوٺ جي اسڪول محمد علي پرهياڙ ۾ مقرر ٿيا جنهن دوران علائقي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي تعليم سان نوازيو ماستر محمد بخش دائيداڻو، بهرام خان دائيداڻو، ڪمال خان دائيداڻو، نورمحمد دائيداڻو، ڪريم بخش دائيداڻو (مرحوم) عمرالدين آريسر ، اسماعيل آرائين ۽ سندس ڀاء انجنيئر طفيل آرائين، سيف الله لاشاري، لکانو ميمڻ، غلام حسين بڪيرو، محمدرمضان بڪيرو، الهه بخش رستماڻي، علي نواز رستماڻي، ونهيل درس، ڌڻي بخش خاصخيلي، الهڏنو درس، غلام رسول پرهياڙ ، ڊاڪٽر محمد ابراهيم پرهياڙ سان گڏ اسان ٻنهي ڀائرن محمد رمضان پرهياڙ (Ex: EDO) ۽ محمد شريف پرهياڙ (DSP) سميت ڪيترائي نوجوان تعليم سان آراسته ڪيا. سندن مختلف اسڪولن تي ڊيوٽي دوران سائيڪل عام طرح سواري هئي. سال 1977ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪئي سندن شمار انوقت جي تعلقه ٽنڊو الهيار جي بهترين ناميارن استادن ۾ ٿيندو هو. حاجي بهارالدين جهڙي بزرگ هستي جي صحبت نصيب ٿيڻ ڪري مٿس ديني ۽ تعليمي شوق سبب ننڍي هوندي کان ۽ ديني لڳاءُ رهيو جو پاڻ سڄي زندگي مسجد جي خدمت ڪندي پيش امام رهيا ۽ ان لڳاءُ سبب حاجي بهارالدين جي پٽن کي پنهنجن سڳن ڀائرن جيان سمجهندا هئا. 1948ع تي شادي ڪيائون. جنهن مان ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ محمد رمضان جيڪو JST کان EDO Edu: رهيو ۽ محمد شريف پرهياڙ جيڪو پوليس ۾ DSP حاجي بهارالدين جي اثر جي ڪري والد صاحب تعليم حاصل ڪري علم جي روشني پکيڙي ۽ والد صاحب جي دعا سبب اسان ٻنهي پٽن زندگي ۾ ترقي جون منزلون ماڻيون. جيڪڏهن والد صاحب مسڻ هاءِ اسڪول ۾ مونکي نه پڙهائي ها ته شايد منهنجي زندگي اڌوري رهجي وڃي ها. 1969-70 ۾ کيس ڪجهه مهينن لاءِ ان سروس ٽيچرس ٽريننگ لاءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو. 1972-73 ۾ سندن ديني لڳاء ۽ حاجي بهارالدين جي قربت سبب کيس سائين بخش پرهياڙ ۽ حاجي عبدالله پرهياڙ سان گڏ حج جي سعادت نصيب ٿي کين مسجد جي خدمت مسافرن جي مهمان نوازي ۽ خير خيرات سان گهڻي چاهت هوندي هئي اهڙي طرح تعليم جي هن سفر ۾ پاڻ زندگي جا سٺ سال مڪمل ٿيڻ تي 14 آڪٽوبر 1980ع تي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول محمد علي پرهياڙ تان رٽائر ٿيا. دين ۽ تعليم جي هن سفير جي زندگي دين جي خدمت ۽ تعليم جي ڦهلاء لاءِ عمر جي آخري گهڙي تائين نهايت شفيق استاد ۽ انسان طور گذريو سندس رحلت 01 مارچ 1995ع (27 رمضان المبارڪ) تي ٿي کيس پهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان دائم فقير ۾ آرامي ٿيا. (ڪمپوزنگ : اڪبر جروار) محمد رمضان پرهياڙ (پٽ) Rtd: DEO Education Date: 06-02-2021 Hameed Ramzan Parhiyar Ramzan Parhyar