حاجي محمد عالم چانهيو مرحوم ( ٽنڊي الهيار ضلع جون نامور شخصيتون) تحرير : عبدالله جروار ٽنڊي الهيار ضلع جي ناليواري شخصيتن جو ذڪر ڪجي ته انهن هڪ نمايان شخصيت حاجي محمد عالم چانهيو مرحوم جي به آهي. حاجي عالم چانهيي مرحوم جو ڳوٺ تعلقي چمبڙ جي راوت لغاري روڊ تي واقع آهي. پاڻ هڪ سنجيده اعلي ا طرف رکندڙ شخصيت پيشي جي لحاظ کان زميندار ۽ هڪ باهمت انسان هو منهنجي ڏاڏي مرحوم حاجي بهارالدين جروار سان دوستي جو تعلق هئس. منهنجو ڏاڏو مديني پاڪ ۾ رهائش پذير هو. جڏهن سندس هتي اچڻ ٿيندو هو. حاجي صاحب اسان وٽ پير ڀريندو هو. هي اهو وقت هو جڏهن ڪنهن ڪنهن زميندار وٽ سواري لاء جيپ هوندي هئي. ان زماني ۾ به حاجي عالم چانهيي مرحوم وٽ گول بانٽ جيپ هوندي هئي. حاجي صاحب بهترين شخصيت، دوستي ۾ تعلق نباهڻ ڪو حاجي عالم کان سکي. يڪ سخنو انسان هو. هر ڳالھ سچ ۽ سڌي چوڻ وارو انسان هو. سندس اخلاق ۽ ڪردار ڪيتريون ڳالهيون اڄ به مثال طور ڪتب آنديون وينديون آهن. سندس پونئيرن ۾ اهي خوبيون آهن. پر هر گل جي پنهنجي خوشبو هوندي آهي. الله پاڪ حاجي محمد عالم چانهيو صاحب مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين