وزن جي خبر پئجي وئي! مختصر ڪهاڻي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    وزن جي خبر پئجي وئي!
    (مختصر ڪهاڻي)
    تحرير : عبدالله جروار

    همراه نئون نئون حڪمت جو ڪم سکي آيو. اچي پنهنجو شفا خانو کوليائين. جڙي ٻوٽيون کرل وغيره سامان وٺي پنهنجون دوائون ٺاهڻ لڳو. تيستائين سياري جي مند به اچي پهتي، سندس پوڙهي پيرسن پئ کي به ڪو کنگھ کرڪو هو. حڪيم صاحب سوچيو پهرين علاج بابا جو ڪجي. پنهنجي حڪمت سان ٺاهيل پهريو وزن پوڙهي پئ کي ڏنائين. پوڙهو پيرسن اهو ته دوا جي پهرين وزن کائڻ سان ئي جهان ڇڏي ويو.
    ماڻهن جي پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين بيمار پوڙهي کي حڪمت واري دوا ٺاهيل کارايم پوڙهو الله کي پيارو ٿي ويو. پر خير آهي "پوڙهو مري ويو پر دوا جي وزن جي خبر پئجي وئي"
    (غير سياسي پوسٽ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو