(ياد ماضي) عطر وارو سائين. تحرير : عبدالله جروار اسان جي ننڍپڻ کان جيڪي شخصيتون اسان جي ڏاڏا مرحوم حاجي بهارالدين جروار سان صحبت ۾ رهيون انهن ۾ هڪ بزرگ شخصيت سائين سيد جڙيل شاھ شاھ صاحب به هو. جيڪو اصل شايد سرهاڙي يا قاضي احمد جو ويٺل هو. قداور شخصيت منهن تي سونهاري مبارڪ، مٿي تي پٽڪو، شانائتي گفتگو نماز ۽ روزي جو پابند هو. وڏي ڏياء وارو بزرگ هو. سائين پاڻ سان هڪ ٿيلهو کڻندو هو. جنهن ۾ نماز جو ننڍڙيون بنديون جن تي " جنت جي ڪنجي " لکيل هوندو هو. اهي يا دعائن جا ڪتابچا وغيره. جيڪي اسڪولن ۾ شاگردن کي وڪڻي ڏيندا هئا. ٻيو سائين پاڻ سان مختلف خوشبوئن جا عطر کڻندو هو. سائين جو اسان جي علائقي جي وڏن گهراڻن جي شخصيتن وٽ اچڻ وڃڻ هوندو هو . جن ۾ ان وقت جا ناليوارا زميندار پڻ شامل هئا. جن ۾ ڏاڏا حاجي عالم کوکر ۽ سندن فرزند صاحبان، رئيس دوست علي خان کوکر ، رئيس نصير خان مندواني ۽ داد جروار جا رئيس ماما حاجي خدابخش ۽ ماما حاجي رسول بخش جروار، سائين شفيع محمد جروار مرحوم جن وٽ سندن اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان وقت پرفيوم سينٽ وغيره ايتري عام نه هئي. ان وقت به سائين شاھ صاحب وٽ دنيا جا بهترين مختلف خوشبو وارا عطر هوندا هئا. جيڪي سائين جن وڪڻي گذر سفر ڪندا هئا. اسان کين ننڍپڻ کان عطر وارو سائين سڏيندا هئاسين. سائين شاھ صاحب جي سيرت ڪردار حقيقي سيدزادي جو عڪس محسوس ٿيندو هو. ڪافي سالن کان سائين شاھ صاحب نه آيو آهي. جهان فاني آهي. ٿي سگهي ٿو. حال حيات نه هجن پر سائين جو يادگيريون موجود آهن. سرهاڙي يا قاضي احمد جي دوستن کي گذارش آهي ته هن شاھ صاحب جي تصوير يا معلومات ملي سگهي ته موڪلين.