ليکڪ ضياءُ کوکر هڪ سزا کاڌل قيدي ڪيئن پنهنجي سهڻي ۽ سبيتي ڌيءَ کي سالگرهه جي موقعي تي مبارڪن جو خط لکي سگهي ٿو. جڏهن هُن جي ڌيءَ جيڪا قيدياڻي آهي ۽ اهو به ڄاڻي ٿي ته سندس ماءُ به هن جيان تڪليفن ۾ جڙيل آهي، هن جي ته سندس ماءُ به هن جيان تڪيلفن ۾ جڙيل آهي هُن جي حياتي بچائڻ لاءِ جتن پئي ڪري! هي رابطي کان وڌيڪ ڳنڀير معاملو آهي. محبت ۽ همدردي جو سنيهو هڪ جيل ٻي جيل ۽ هڪ زنجير کان ٻي زنجير تائين ڪيئن ٿو پهچي سگهي. نهرو به پنهنجي ڌيءَ اندرا سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. نهرو به جيل مان هن کي سندس سالگرهه جي موقعي تي مبارڪن جو پيغام موڪليو هو. جڏهن تون ننڍي هئين ۽ مري ۾ ڪنويٽ ۾ پڙهندي هئين، صنم سيما ته اڃان به ننڍڙي هئي انهي ڊگهي خط ۾ لکيو هئم ته ذڪر ڪيو هئم ته نهرو ڪهڙي ريت عالمي تاريخ جي باري ۾ پنهنجي ڌي اندرا کي خط لکيا هئا. مون جا ڪا راتا متان توکي جيڪو خط لکيو هو ان ۾ توکي آگاهه ڪيو هئم ته مان نهرو جي ڪاپي نٿو ڪريان اندرا گانڌي جڏهن بنگال تي قبضو ڪيو ته کيس ڀارت ديوي چيو ويو پر مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته منهنجي ڌيءَ پنڪي، اندرا گانڌي کان گهڻي ڏاهي آهي ان ۾ مون کي ڪوبه شڪ ناهي البتهه اندرا گانڌي ۽ تو ۾ هڪ ڳالهه مشترڪه آهي ته توهان ٻئي بهادر آهيو. تنهنجي ڏاڏي مون کي غربت جي سياست جو سبق ڏنو. پياري ڌي! مان رڳو توکي هڪڙو سنيهو ڏيڻ گهران ٿو ۽ اهو نياپو مستقبل جو آواز ثابت ٿيندو. رڳو عوام تي ڀروسو ڪج. عوام جي ڀلي ۽ مساوات لاءِ ڪم ڪر. الله تعاليٰ جي جنت تنهنجي ماءُ ۽ عوام جي خدمت ۾ آهي. منهنجي عوام جو خيال ڪجان. سالگرهه جي موقعي تي تو لاءِ اهو پيغام آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هي خط جيل مان، شهيد بينظير کي لکيو هو. ان خط ۾ تاريخ جو سبق ڏنل آهي. اهو تاريخ جو سبق عوام تي ڀروسي ۽ عوام جي خدمت جو آهي. شهيد بينظير ڀٽو ان تي عمل ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪيو. مثلن 1976ع کان هن عوام جي خدمت جو ڏيئو ٻاريو، جنرل ضياءِ خلاف جدوجهد ڪندي جيل ۾ وئي. سکر جيل دوران سخت گرمي ۾ هن جيل ڪاٽيو. ضياءِ خلاف جدوجهد ڪندي ڪيترن ئي شهرن م نظر بند رهي. جلاوطن ٿي ملڪ کان ٻاهر وئي. هر ملڪ وڃي ضياءِ جي آمريت جي خلاف آواز بلند ڪيو. پنهنجي جوان ڀاءُ جو لاش کڻي واپس وطن آئي. هٿن سان لاش کي دفن ڪري وري جدوجهد ڪندي رهي. مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي وقت جي سازشي صدر اپويزيشن ليڊر ۽ سازشي ٽولي جو مقابلو ڪيو. ٻن سالن کان گهٽ عرصي واري اقتدار کسجڻ کان پوءِ همت نه هاري ويٺي پر جدوجهد ڪندي رهي. وري 1993ع م اقتدار ۾ آئي. اقتدار جي ٻنهي دورن ۾ عوام جي ڀلي جا سوين ڪم ڪيا جن ۾ عوام کي جيلن مان آزاد ڪيو.مزدورن، هارين ۽ شاگردن کي سندن حق ڏنا، عوام کي روزگار ڏنو، تاريخي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرايا، موٽر وي ۽ غازي ڀروتا جا منصوبا شامل آهن. ميزائيل ٽيڪنالاجي کي ملڪ ۾ آندو، ڀارت جا لاڳاپا بهتر ڪيا، ايٽمي بم ٺاهڻ واري رفتار کي تيز ڪيو، مسلمان ملڪن، يورپ، آمريڪا، روس، برطانيا ۽ چين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. ٻئي درو ۾ لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي مڪمل طرح سان حل ڪري ڏيکاريو، ملڪ ۾ ڪيٽي بندر، ٿر ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ، ڀٽي شهيد دور جي سڀني ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ سان گڏ انهن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو. شهيد راڻي جي اقتدار جي ٻئي درو ۾ مرتضيٰ ڀٽو کي شهيدن ڪيو ويو ته ڀيڻ بينظير ٽٽي پئي. اڃا غمن جي گوندر مان ٻاهر نه نڪتي هئي ته اقتدار کسيو ويو. ور جيل هليو ويو. ٻار معصوم، عوام مظلوم، نوڪرين مان غريب ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ماڻهو جيل ويا، ڪارڪن دربدر ٿيا. پنهنجي مٿان مڙهيل ڪوڙا ڪيس ٻڌڻ لاءِ شهر شهر ڊوڙندي رهي. ورجا ڪيس به سختي جو سبب بڻيا. ور مٿان جيل ۾ قتل ڪرڻ جا منصوبا ۽ حملا ٿيا. ٻارن کي ساڻ وٺي دبئي هلي وئي. ٻارن کي پالي جوان ڪيو. عوام کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي. صبر ۽ سڪون بنا ماٺ ڪري نه ويٺي، پاڻ پتوڙيندي رهي، نيٺ آمر کي تڙڻ ۽ جمهوريت کي ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ سرتي ڪفن رکي ملڪ موٽي آئي. نواز شريف سان مستقبل جي سياست لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو. 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي آئي ته جلوس مٿان بم حملا ڪرايا ويا. 200 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ۽ 300 زخمي ٿيا. ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي. جج گرفتار ٿيا پر همٿ نه هاريائين. چونڊ مهم شروع ڪئي. جنرل مشرف کي وردي لاهڻ تي مجبور ڪيو. نواز شريف کي ملڪ واپس آڻن جو سبب بڻي. نواز شريف کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو. مشرف ۽ امريڪا جي ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي. 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي م شهيد ٿي وئي. پر پويان ڪئين اهم پيغام ڇڏي وئي. جمهوريت مضبوط ڪرڻ جو پيغام، صوبن ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ مفاهمتي سياست جو پيغام، آئين ۾ سڌارن آڻڻ جو پيغام، سياسي قيدي نه بنائڻ جو پيغام، آزادي جو پيغام، هر حق جي عزت ۽ حجت جو پيغام، دهشتگردي ۽ انتها پسندي ختم ڪرڻ جو جو پيغام، مٺ محبت سان رهڻ جو پيغام، شهيد بينظير جي سالگرهه جا پيغام آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پنڪي کي جيل مان ڪئين خط لکيا. شهيد راڻي جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ لکيل خط ۾ شهيد ڀٽي لکيو هو..... ”آئون جيل جي ڪال ڪوٺڙي مان توکي ڪهڙي سوکڙي موڪلي سگهان ٿو، ڏسو صفحو 7 جنهنن ڪال ڪوٺڙي مان پنهنجو هٿ به ٻاهر نٿو ڪڍي سگهان؟! مان توکي عوام جو هٿ تحفي ۾ ڏيان ٿو. آئون تنهنجي لاءِ سالگرهه جي موقعي تي ڪهڙي تقريب جو اهتمام ڪري سگهان ٿو. تون پنهنجي ننڍڙي عمر جي بهار واري مُد ۾ آهين. پر اونداهي ۽ مايوس ڪندڙ دنيا ۾ آهين هي فتني واري دنيا آهي. مون مسئلي جي حل کان اڳ ۾ ئي باعزت مفاهمت واري ضرورت جي باري ۾ لکيو آهي، مستقبل ۾ مفاهمت واري سياست ڪري عوام کي انهن جا حق وٺي ڏجان! تون ان لاءِ ڪهڙي تياري ڪري رهي آهين؟ توکي آخر تائين انسان ذات جي وقار، عزت، ذاتي احترام ۽ مساوات لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي. هڪ غريب هاري جي مٿي ۾ جيڪا جون آهي اها تنهنجي هٿيار آهي هڪ غريب هاري جي مٿي جي جهنگلي جي ڌپ تنهنجي زهريلي گئس آهي جڏهن تون آمرن کي نست ۽ نابود ڪندين. نظريي جو رسم الخط هڪ لنگهڻ ڪاٽيندڙ انسان جي رڙين مان پيدا ٿيندو موجوده بحران بين الاقوامي سازش جو نتيجو آهي. مون کي شهيد ڪيو ويو ته نه رڳو پاڪستان کي پر سمورن اسلامي ملڪن، ٽين دنيا جي ملڪن ۽ دنيا جي مظلومن کي نقصان پهچندو. فلسطين وڌيڪ قيد ٿي ويندو. مظلومن لاءِ آواز اٿاري نه سگهندا. سڄي دنيا ۾ سامراج مضبوط ٿيندو. روس به ڪمزور ٿيندو، تڏهن تون اٿي جدوجهد ڪجان ۽ پنهنجي ملڪ جي مظلوم عوام جي پرگهور لهجان.