پوري سنڌ مان گراموفون رڪارڊ گڏ ڪندڙ شخصيت مير جان محمد خان ٽالپر آف ٽنڊو ڄام تحرير : عبدالله جروار ننڍپڻ کان جن شخصيتن سان شناسائي ٿي انهن ۾ مير جان محمد ٽالپر آف ٽنڊو ڄام جن به هئا. اصل ۾ اسان جي ويجهو ٽالپر خاندان جا فرد نه رڳو وڏا زميندار هئا. جن جون هزارين ايڪڙ زمينون هيون. ان سان گڏ هڪ وڏو ڳوٺ همزو ٽالپر نالي سان صدين کان آباد هو. جيڪو مير صاحبان جي وڏڙن ڪنهن دور ۾ ٻڌو هو. هي قديم ڳوٺ هو جنهن ۾ انگريز حڪومت جي دور ۾ لوڪلبورڊ اسڪول پڻ منظور ڪيل هو. جنهن ۾ هتي جي آس پاس جا ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا. مير صاحبان جي انهي خاندان جي فرد مير علي نواز خان جي زمين پڻ ھئي مير نواز علي صاحب کي ٻن نياڻين جو اولاد هو. مير نواز علي صاحب پنهنجي وڏي نياڻي مير شاھ علي خان ٽالپر آف شهدادپور جي گهر ۾ شادي ڪري ڏني. ٻي نياڻي جي شادي مير جان محمد ٽالپر آف ٽنڊو ڄام سان ٿي. مير نواز علي خان جي وفات بعد سندس زمين جيڪا سندن وارث نياڻين کي ملي. جنهن ۾ مير جان محمد ٽالپر جي گهر واري جي حصي ۾ به زمين آئي. اها زمين مير جان محمد ٽالپر کي ملي ان جي سنڀال جي حوالي سان مير جان محمد ٽالپر هفتي پنڌرهين ڏينهن پنهنجي زمينن تي ايندو هو. رات جو اسان وٽ ترسندو هو جو اسان جي وڏن سان سندس نيازمندي هئي. مير صاحب انتهائي سادو انسان هو. وڏائي کان بنه پري. مير صاحب سان ڪچهريون ٿينديون هيون. مير صاحب جا ٻه شوق هوندا هئا. هڪ سير و سفر ٻيو. موسيقي اها به گراموفون رڪارڊن جي صورت ۾. باقي نئين موسيقي کيس بنه گهٽ پسند هوندي هئي . گراموفون رڪارڊن جي حاصلات لاء مير صاحب کي جتي جتي ڏس مليو ٿي. اتي مير هر حالت ۾ پهچندو هو. پوء اهي رڪارڊ پئسن سان. ميڙ منٿ سان ملن يا مير صاحب کي ان همراه وٽ ڪيترا به دفعا وڃڻو پوي پر مير صاحب آهي رڪارڊ حاصل ضرور ڪندو هو. اهڙي طرح مير صاحب پراڻن فنڪارن. ماسٽر چندر ، سونا خان بلوچ ، ساوتري گدواڻي ، ماستر پرمانند پر خبر ڪهڙن ڪهڙن فنڪارن جا رڪارڊ گڏ ڪيائين. هڪ دفعو مير صاحب سان ملڻ ٽنڊو ڄام وڃن ٿيو هو. پنهنجو هڪ ڪمرو ڏيکاريائين. جيڪو سندس حوالي هو. ان جو گهڻو حصو گراموفون رڪارڊن ۽ مختلف قسمن جا گراموفون به وٽن موجود هئا. انهن سان ڀريل هو. ان زماني ۾ ڪئسيٽي دور جو عروج هو. مير صاحب پنهنجي گڏ ڪيل ڪليڪشن مان بهترين گانن جي چونڊ ڪري ڪئسٽون رڪارڊ ڪري پنهنجي دوستن کي ڏيندو هو. ان نموني ڪجهه ڪئسٽون مونکي پڻ ڏنيون هئائين جن مان ڪجھ مون وٽ اڄ موجود آهن. وقت گذرڻ سان مير صاحب پنهنجي پراڻي ڪرت گراموفون رڪارڊن کان دلچسپي گهٽائي ڇڏي. حڪمت طرف توجہ ڏيڻ لڳو. خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن حڪيمن سان مليو ڪهڙا نسخا ورتائين. حڪمت جا خبر ناهي ڪيترا ڪتاب گڏ ڪيائين. هاڻ مير صاحب حڪمت جو ڪم ڪرڻ لڳو هو. ان دوران کين هيپاٽائيٽس جي بيماري ٿي وئي هئي. جيئن ته پاڻ اڻ ورچ انسان هئا. بيماري ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. جيڪا جهان ڇڏڻ تائين پڄاڻي تي پهتي مير صاحب وٽ گراموفون رڪارڊ توڙي ناياب ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو. سندن وفات کان پوء خبر سندس فرزند صاحبان آهي ڪنهن جي حوالي ڪيا اها خبر نه پئي سگهي آهي . مير صاحب جا فرزند به اعلي تعليم يافته آهن. هڪ فرزند مير محمد علي فائن آرٽس ڪاليج لاهور مان گريجويشن ڪئي. شايد لاهور ۾ ئي نوڪري اٿس. وڌيڪ ساڻن رابطو نه آهي جتي هجن شال سدائين خوش هجن مير جان محمد ٽالپر آف ٽنڊو ڄام جن لاء ڌڻي در دعاگو آهيون ته مالڪ مٺو کيس جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين Sindh Jo Nayab Khazano
سائين' جا ماسٽر چندر جا گراموفون ريڪارڊ' محمد قاسم ماڪا AA واري سائين مِير صاحِب جِي حياتِي ۾ حاصل ڪيا، جنهن سان ماڪا صاحِب ڪيسٽ ڪلچر دوران وڏو نالو به ڪمايو، پر سائين مِير صاحِب جو ڪو حوالو احوال پنهنجي ريڪارڊAA ۾ ڪونه ڏنائين مِير صاحِب جو پُٽ مير محمد علي ٽالپر وڏو قابِل آرٽسArts جي سمجهه رکندڙ آهي، نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور جو پڙھيٙل آهي