سيد گل محمد شاهه بخاري به وڇڙي ويو سنڌ جو ديني عالم ، پرفيسر ابراهيم لاشاري پنهنجي ڀاڳ ڀري سنڌ ڌرتي هميشه پنهنجي ڪک منجهان ڪيئي مذهبي ،سياسي ، سماجي ،ادبي اڳواڻ ۽ انمول شخصيتن کي هر دور ۾ پئي جنم ڏنو آهي اهڙي شخصيتن جنم وٺي انسان ذات جي احترام ۽ خدمت وسيلي امر حيثيت بڻجي چڪيون آهن خاص طور تي هتي ديني ، صوفي بزرگن ۽ سرويچن جيڪو ويساهه پختو رکيو آهي ڇو جو وقت جي الله لوڪ انسانن وک وک تي پنهنجو نالو هميشه عام خلق آڏو عيان ڪري رکيو آهي اهڙين ئي شخصيتن مماتي بعد به فيض جاري رکڻ لاءِ اهڙا ته سماج اندر ڪم عيان ڪيا آهن جو هو وسري ئي نٿا سگهن اهڙي ريت اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلغي قمبر شهداد ڪوٽ جي ساريالي چيڪي مٽي به سيد گل محمد شاهه (گل ) بخاري کي پنهنجي هنج منجهه 21 آگسٽ سال 1960ع مطابق 27 صفر 1380هجري آچر ڏينهن سانجهي نماز بعد هڪ خانگي اسپتال منجهه شهداد ڪوٽ ۾ سيد غلا۾ شاهه بخاري جي حويلي ۾ اک کولي ته خوشين سان سڄو گهر مهڪي پيو سيد گل محمد شاهه جا والدين اصل بکو سيال ڳوٺ جا رهاڪو هئا ،پاڻ جڏهن پڙهڻ جي لائق ٿيو ته والد صاحب بکو سيال جي اسڪول ۾ درسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ استاد محمد وارث وٽ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو ليڪن سيد گل محمد شاهه بخاري اتي پهريون درجو مس پاس ڪري وڃي بئين درجي لاءِ ڳوٺ جئيند جوڻيجو تعلقي ڳڙي خيري ان بعد ڳوٺ بهارو گرگيج تعلقو شهدادڪوٽ وري مين پرائمري اسڪول رتوديرو شهر مڱر ٻن ورهين بعد ٻيو درجو پاس ڪيائين تنهن بعد ڳوٺ بکر مهيسر ۾ٽيون درجو پڙهڻ لڳو جتان بهترين استاد علي مراد مهيسر جي شفقت سان 27 مارچ 1972ع ڌاري پنجون ڪلاس پاس ڪري گل محمد شاهه بخاري بکر مهيسر ۾ ديني تعليم قرآن مجيد ناظره پنهنجي استادن فضل الدين مهيسر ، مولانا غلام قادر مهيسر وٽ پڙهيو مڱر ڪجهه وقت قران پاڪ جون سورتونون ملانا حافظ غلام جيلاني وٽ ياد ڪيائين ان سان گڏ عربي فارسي جا سبق شهدادڪوٽ ۾ مولانا حڪيم محمد نواز سيٺار ، مولانا عبداللطيف مستوئي ، ميان عبدالحليم ميڪڻ ، ميان نصيرالدين ميڪڻ ، ۽ مولانا حبيب الله شهدادڪوٽي کان حاصل ڪيا وڌيڪ تعليم لاءِ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ مان سال 1976ع ڌاري مئٽرڪ ۽ سال 1978ع ڌاري انٽر آرٽس شهداد ڪوٽ انٽرميڊئيٽ ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪيائين تنهن بعد بي اي ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر سال 1983ع ڌاري پاس ڪري ورتائين تنهن بعد شوق منجهه ايم اي مسلم هسٽري ، ايم اي پوليٽيڪل سائنس ، جون ڊگريون به ورتائين پاڻ وڏي محنت ڪندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 10 ڊسمبر 1984ع ڌاري اسلاميه ڪاليج ڪراچي منجهه ليڪچرار مقرر ٿي سرڪاري ملازمت سان سلهاڙجي ويو ، ڪراچي جهڙي شهر منجهه سيد گل محمد شاهه صاحب مسلسل ٻن سالن تائين نهايتي ايمانداري سان درس و تدريس ڏيندو رهيو پاڻ سال 1986ع جنوري ڌاري بدلي ڪرائي پنهنجي اباڻي ڪاليج گورنميٽ ڊگري ڪاليج شهداد ڪوٽ ۾ علم جو ڏيئو روشن ڪندي نظر آيو سيد گل محمد شاهه بخاري صاحب ننڍي وهي کان لکڻ پڙهڻ سان گهري دلچسپي هوندي هيس شاگردي واري وهي زماني کان شعر و شاعري ،تقريري مقابلن ، نعتيه مقابلن ۾ بهرو وٺندو رهندو هو شاهه صاحب وڏو اهل علم ،اديب ، شاعر ليکڪ ، تعليمدان پڻ هو پاڻ ننڍي عمري ۾ ئي شهدادڪوٽ ۾ سال 1974ع ڌاري (سيرت لائبريري شهدادڪوٽ ) جو بنياد وڌو جيڪا اڳتي هلي سڄي سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شماري ٿئي ٿي جتان سنڌ جا هزارين اهل علم مختلف امتحانن ۾ حصو وٺندڙ علم جا اڃاري پنهنجي اڃن اوجهائڻ ۾ اڄ ڏينهن تائين مصروف آهن هن سيرت لائبريري منجهه ٽيهه هزارن کن ڪتابن سان ڀريل نظر اچي پئي سيد گل محمد شاهه بخاري ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو نثر نويسي ادب ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ۽ غلام مصطفي مشتاق رهنمائي ڪئي شاعري جا گر وري پنهنجي استاد ڊاڪٽر نذير احمد جروار ۽ مولانا محمد يوسف شهدادڪوٽي کان جڏهن تي علم عروض جي باقاعده علم وري عبدالقيوم صائب ۽ اردو نعتيه شاعري ۾ وري استاد حافظ لڌيانوي (فيصل آباد ) کي بڻايائين سيد گل محمد شاهه جي شاعري اڪثر حمد ۽ نعت تي مبني آهي پاڻ پنهنجي نعتيه زبان سان ٻڌائي ٿو ته ٻڌايان ڇا اوهان کي مان جمال مصطفي ڇا هي ، پڇو الله کان يارو ڪمال مصطفي ڇا هي هزارين گل هميشه لئه ڪجن قربان دلبر تان ، وڃي ڪرب وبا کان پڇ ته آل مصطفي ڇا هي پروفيسر سيد گل محمد شاهه بخاري هڪ ئي وقت تصنيف و تاليف ،ترجمي ، ۽ ترتيب جو ڪم نثر توڙي نظم ۾ لاجواب نموني ڪندو رهيو هن وقت تائين سٺ ٻاهٺ ڪتاب لکي چڪو آهي اڪثر ڪتاب ڇپجي چڪا اٿس جيڪي ادبي ، اسلامي معلومات سان سر شار نطر اچن ٿا جن منجهان سنڌ کان ٻاهر جتي جتي سنڌي زبان وار رهن پيا اتي سندس جا ڪتاب سعودي عرب ، اردن ،عمان ، ايران ،دبئي تائين پهڇي چڪا آهن سيد گل محمد شاهه گل کي ادبي ،ديني پورهئي جي مڃتا طور تي ڪيتائي ايوارڊ ملي چڪا آهن جن ۾ سيرت پاڪ جي موضوع تي لکيل هڪ نثري ڪتاب ۽ نعتيه شاعري جي ٽن ڪتان تي مختلف سالن ۾ ٿيندڙ قومي سيرت النبي صله عليه واله وسلم ڪانفرنس اسلام آباد ۾ کيس پنج ڀيرا صدارتي ايوارڊ ۽ نقد انعامن سان نوازيو ويو پهريون صدارتي ايوارڊ 22 سيپٽمبر 1991ع ۽ 27 جون 1999ع ڌاري پڻ صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو جيڪا هڪ فخر ۽ داد جهڙي ڳالهه پڻ آهي شاهه سائين گل محمد شاهه بخاري جن ادبي ۽ ديني ڪتابن جا مجموعا جهڙوڪ رهبراعظم ، تاريخ جا ٻه ورق ، شهدادڪوٽ جو علمي جائزو ، فڪر حبيب ، تعارف القران ، پيغمبر فرمايو طب نبوي ، ديوان گل بخاري ، نبوي دعائون ، آب ڪوثر ، سنڌي ۾ حديث نگاري ، شهداد ڪوٽ جا قلم ڪار ۽ شاعر ، سيرت النبي قرآن جي آئيني ۾ ذڪر رسول صلي الله عليه وسلم ،ثنا محمد صلي الله عليه واله وسلم ، سرور عالم صلي الله عليه واله وسلم ، دل کي باتين ، موتي ميڙيا مون ، سڄڻ ۽ ساڻيهه ، عزيز نامو وغيره وغيره سان سنڌي ادب جي جهول ڀري ويو سيد گل محمد شاهه بخاري 38 سال مسلسل درس وتدريس واري شعبي ۾ پنهنجو خدمتون نهايتي سليڪي سان سرانجام ڏئي 20 گريڊ جي پوسٽ (پروفيسر ) طورگورنميٽ ڊگري ڪاليج ميرو خان مان سال 2020ع ڌاري رٽائرڊ ٿيو هو پاڻ رضا الاهي سان سموريون ادبي ديني مصروتيون ڇڏي سنڌ جو هي نامور شخصيت هي باڪمال برتربزرگ سدائين صوم صلوات جو پابند متقي ۽ متوڪل رهندڙ شخصيت خدا ترس ،بزرگ خداداد ڏات جو مالڪ پيچيدار ۽ مشڪل شرعي مسئلا به نهايت نيڪ نيتي سان مختصر لفظن ۾ سمجهائيندڙ پنهنجي گهر ڀاتين دوستن مٽن مائٽن سوين شاگردن کان اوچتو موڪلائي 25 آڪٽوبر 2023ع اربع ڏينهن زندگي جا 63 سال 2 مهينا 4 ڏينهن گذاري هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو پروفيسر سيد گل محمد شاهه گل جون ادبي ۽ ديني خدمتون سارهه جوڳيون آهن رب پاڪ کان دعا ته جنت ۾ اعلي مقام عطا فرماءِ آءُ پوئرن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ گڏ آهيان __________________________________________________________________