جيجل جهَل مَ پاءِ ، هِنئون هوتَ هَڻِي وِيا٠ ✍️دائم درس ورسي جي مناسبت سان 4 نومبر 2022 خميس جي شام اڃا ڪلهوڪي ڳالھ آھي يادون سڄڻ جون ذهين جي ڪينواس تي چٽيون پيون آهن چار نومبر جو سج سفر ڪري ڀوڻيون جي ڀٽن جي اوٽ وٺي رهيو هو شام ويلو ٻهراڙي جو خوبصورتي سان رچيل هوندو آهي تترن جي ٻولين ۾ اهڙو سرور ۽ سڪون هوندو آهي جو چنگ ساز بانسري باز به پنهنجي سرن کي وڃائي تترن جي تار تي مست ٿي نچڻ لڳن. رکي رکي مور ڪوڪ ڪندا آهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ سالن کان وڇڙيل پنهل پٺيان کان سنهڙي آواز ۾ سڏ ڪيو هجي انهيءَ فرحت بخش ٽاڻي ۾ ٿر جي واري تي وڻن جي ڊگها پاڇولا ٻانهون ڊگھيڙي اهلجي پوندا آهن ڌڻن جي پيرن مان اڏرندڙ دز کي پنهنجي سيني سان لڳائي سڪون وٺندا آهن. هاڻ سج به سڄي ڏينهن جو سفر پورو ڪري آسمان ۾ ٽٻي هڻي رهيو آهي پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن منهن موڙي ٻچن سان رات گذارڻ لاءِ موٽي رهيا آهن الئي ڇو ان ڏينهن گهر اچڻ سان اها خوشي نه ٿي جيڪا اڳ ايندي ئي امان گيٽ تي ڀاڪر پائي نراڙ تي چمي ڏئي ملندي آهي بابا ڀاڪر پائي سيني سان لڳائيندو آهي ته ته ان مهل سڀ پريشانيون اجهائجي وينديون آهن ۽ دل خوش ٿيندي آهي. سچ ۾ زماني جي گردش ۾ ڦاٿل هي غريباڻو وجود کڻي ماني ڳڀي لاءِ گهر کان ٻاهر آهيون پر جڏهن جيجل ماءُ جي چمي ۽ بابا ڀاڪر ۾ ڀريندو آهي ته پوءِ سارا ٿڪ لهي ويندا آهن فرحت ۽ سڪون هوندو آهي پوءِ زماني جي گردشن ڀلين وڻ ويڙي جيئان وراڪا ڏئي وجود کي قابو ڪري ڇڏيو. پر انهي پريت ۽ محبت جي اثر انهن مايوس ڪندڙ مهلن کان آجو ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جو هر ڪم مطلب تائين محدود هوندو پر بي لوث ۽ بي مطلب صرف والدين جي محبت ئي آهي. رب پاڪ سندن جو سايو قائم دائم رکي. چار نومبر جو سج لهي ڪون رهيو هيو ڄڻ اسانجي بدن مان روح کي ڇڪي ڪڍي رهيو هجي ويو سج وڻن تان راسيون ڏئي رنڱ جنهن سان منهنجو سڱ سو ڪوهيارو ڪيـچ ويو لهندڙ سج ويندي ويندي پاڻ وڃي ڀٽن ڀر آرامي ٿيو پر اسانجي آرام کي ڦٽائي ويو. آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کَي تُون ٿو لَهين سِجِ ڌرتي جي گولي تي ايندڙ سڀ مسافر آهن ظاهر آهي جيڪي آيا سي ويندا به ضرور اهو باري تعالى جو فرمان آخر آهي ته كُلُّ نَفْسٍ ذَآىٕقَةُ الْمَوْتِؕ. مُسافِرِ نَئوُن،ماءِ إ وِرِهُ وِهايُمِ وِتَرو ، اَچي ٿِيَمِ اوچتِي ، تن سانگِيُنِ سين ساڃاءِ ، جيجل جهَل مَ پاءِ ، هِنئون هوتَ هَڻِي وِيا٠ پر ڪي ڪي ماڻهو اهڙا موتي داڻا هوندا آهن جن جي هڪڙي گهڙي اگر ميسر ٿئي ٿي ته زندگيءَ ڀر وساري ڪون سگهبو آهي قدرتي طور وري اهڙا ماڻهو سوين ماڻهن مان ڪي ٿورا هوندا آهن جنهن جي خمير ۾ محبت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو پنهنجي يا پرائي ۾ فرق نه ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي زباني ماڻهو هرڪو چئي ڇڏيندو آهي ته محبتون قائم ڪريو نفرتن ۾ ڇا رکيو آهي وغيره وغيره پر عمل ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ رب ڪريم جي بندن ۾ ڪي اهڙا به املھ موتي ويٺا آهن جو انهن جو وجود ئي محبت هوندو آهي ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوء بهار جي نصرﷲ تي پنهنجي نالي جو مڪمل اثر هيو ڪريم رب جي مدد نصرت سان هن پنهنجي طبيعت کي هيمشه هڪڙو جهڙو رکيو ننڍي وڏي ۽ ڀيڻ ڀاءُ ڀائٽن ڀاڻجن مٽن مائٽن سان ملڻ جھلڻ پيار محبت ادب احترام وري اهڙو مٺو ڳالهائڻ هنجو معمول هيو جهڙو پيارو نالو اهڙو ئي ماڻهو نرم دل پر ڪيف مزاج حليم طبيعت نرالو ذهين ۽ ڳالھ ڳالهه تي مثال ڏيئي ڳالھ ڪندو هيو. ننڍڙن ٻارن سان پيار اهڙو جو مون ڪڏهن جهڻڪ ڏيندي نه ڏٺو رستي ۾ ايندل ويندل ٻارن کي کٽمٺڙو ڏيڻ يا خرچي ڏيڻ ته اصل عادت هئي چهري تي ڪڏهن به گھنج نه ڏٺو سدائين مسڪراهٽ هنسمک رهيو اڄ اهي محبوب ڀاءُ جون ساروڻيون ساري اندر اڌ ٿي ويو آهي ايترو جلدي اسان کان الڳ ٿي ويو سامونڊين جي سور ڪيم جيءُ جڏارئُون پُون ڏيهاڙي پُور وره جا وجود ۾ موسم پنهنجي معمول موجب ڦرندي رهندي مندائتا مينهن وسڪارا اونهارا سيارا اتر جون ٿڌيون هوائون رات جون ڪچهريون اوطاقن تي ميڙاڪا شاديون مراديون دنيا جو دستور آهي چرخو پيو ڦرندو پر جيڪي ويا اهي واپس نٿا اچن هاڻ صرف انهن جون يادون آهن جيڪي سيني ۾ سانڍي ويٺا آهيون وڇڙيل پنهل جون يادون رکي رکي اندر ۾ اڌما ڏينديون آهن ھنئڙو ٻه اڌ ٿي ويندو آهي. سر لوھيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا، تو ڪيئن وسريا ڍوليا! ڏينھن اچڻ جا. ﷲ ڄاڻي ٿو اڄ منهنجي دلبر ڀاءُ کي ٻارهن مهينا اچي ٿيا آهن پر هڪڙي ويل وسريو ناهي هر ڪچهري محفل هر موڙ تي دوستن يارن جي ملاقات مهل مٺي ماڻهو جون ڳالهيون يادون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان گهمي ڦري اچي گڏ ٿينديون آهن لاهِيان جي نہ چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران! مَڙِهيو مَنجهاران، جِيُ مُنھنجو جن سين سدائين هڪ جهڙو رهيو لباس اٿڻي ويهڻي هيمشه ساڳين رهي اسٽار جي ويڪرا ڪپڙا مٿي تي سنڌي ٽوپي ڪلهي تي ٽوال پيرن ۾ سليپر نج سنڌي لباس. ادا خوش آهيو جهڙن مٺن لفظن سان کيڪار ڀاڪر پائي آجيان ڪرڻ ڪچهري جو ڪوڏيو عزت ادب سان سينگاريل مور ماڻهو موڪلائي ويو نه ڄاتم مون وٽان ويندين ته لالڻ لنئون نه لاهيان ها مٺن جي موڪلائڻ کان ته مهندئين موڪلايا ها ملڻ جو مٺو اهڙو جو جيءُ ۾ جايون ٺاهي ويندو هو ننڍو وڏو ڪير به هجي ڀاڪر پائي ملڻ ته کين عادت هئي ڇو نه کڻي دڪان جي اڪائونٽ سيٽ تي ويٺل هجي ڪم ۾ رڌل هئڻ جي باوجود به پر ملبو ته اٿي ڀاڪر پائي پوءِ جي نه ته زبان تي لفظ اهي هوندا هئا ادا هڪڙو منٽ صبر پر ويهي نه ملندو هو. موڪلاڻي کان مهندين سال ايڪسيڊنٽ جي ڪري پير ٽٽي پيو هيو پر جڏھن به ڪو طبع پرسي لاءِ ايندو هو ته هڪڙي هٿ تي زور ڏئي مٿي تي پوءِ ملندو هيو يار ماڻهو ڪو عجيب هو انيڪ خاصيتن سان رب ڪريم نوازيو هيو سچ ٻڌايان يار مون اهڙو ماڻهو نه ڏٺو جن به گسن تي ملندو هو اهي قسم سان يار ويران لڳندا آهن ڄڻ ته رستن جي ڪنارن تي آباد وڻن کي وڍي پکين جي اجهن کي ڊاهي بي گهر ڪيو ويو هجي. ڏينهن هوندي به رستن تي تاريڪي ٻاٽ محسوس ٿيندي آهي. پرين پياري جي وڇوڙي تي دل فراق مان دانهون ڪري پڪاري رهي آهي دانهون درد فرق جون ڏيھ ٻجهن ٿيون ڏور حمل هي ڪهڙو ڪلور ساجن سڻي ڪينڪي انهن بي گهر پکين وانگر دل به هيڏي هوڏي جهاتيون پائي وڇڙيل پنهل جا پير پئي ڳولي پر جيڪي وڇڙيا سي ڪٿي ٿا موٽي اچن. اڱڻ اُهي ساڳيا پر جت نه پسان جوء ۾ اوطاقون اوٺـيئڙن جون سَجهيم سڀئي اکيون رت روئي ماڳ نهاري موٽيون . پورو سال گذري ويو آهي غزين آباد تان ڪيترائي ڀيرا گذرڻ ٿيو آهي پر ڪڏهن به دڪان تي وڃڻ لاءِ دل ناهي چيو صفا جيءُ جهري پوندو آھي.هزارين يادون دل تي آهن ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن نه پرين وسرڻ جهڙو آهي وڇڙيو آهين وسريو ناهين زندگيءَ بي بقا آهي ڪو به ڀروسو نه آهي نه وري عمر جو قيد آهي جڏهن هن ڌرتي تي ڏينهن پورا ٿيا ته بس پوءِ وڃڻو ئي آهي جمعتہ المبارڪ جي رات سڄڻ داغ مفارقت ڏئي وڃي هيمشه لاءِ ڌرتي ماءُ جي پيٽ ۾ آرامي ٿيو رب ڪريم قبر انور تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي آمين يارب العالمين بہر جاکہ باشی خدا یار تو محمد ھمیشہ نگهدار تو