ترے بغیر دونوں جہاں مجھے زندان نظر آتے ہیں (يونس ایمرے) ✍️دائم درس اناطوليه جو صوفي شاعر بزرگ تصوف ۾ اعلي مقام رکندڙ ثاني رومي يونس ايمر ے شيخ تاپتک ايمرے وٽ سبق سلوق پڙهيو انهي وٽ عشق جون منزلون طئي ڪيون تاپتک ايمرے وڏو ڪمال جو بزرگ هيو معرفت جو صاحب هيو عاجزي نياز نوڙت رکندڙ بزرگ هيو جنهن جي نگاه بصيرت يونس ايمري تي وڏو اثر ڪيو ڇو ته جڏهن يونس ايمري نئون نئون قاضي مقرر ٿيو ته ڏاڍو سخت مزاج ۽ خانقاهي نظام جو مخالف جيو پر تاپتک ايمري جي انهي عاجزانہ طور طریقي معرفت جي ماٺ سان قاضي يونس مان يونس ايمري ڪري ڇڏيو پوءِ يونس ايمري جي به اهڙي تربيت ڪئي جو هن پنهنجي وجود کي وساري ڇڏيو يونس ايمري خود هڪڙو بھترين عالم هيو جڏهن خود سمجهڻ واري علت پاڻ ۾ محسوس ڪيائين ته شيخ صاحب جو در وٺي ويهي رهيو بزرگ وري اهڙو درس ڏنو جو جڏهن به ڪير پڇا ڪندو ڪهڙو به سوال پر زبان تي سدائين، نه، جو لفظ رهيو هر سوال جو جواب مان نٿو ڄاڻان ڏيندو هيو ترڪي جي مشھور رائيٽر مهمت بوزداع Mehmet Bozdağ يونس ايمري نالي ترڪي زبان ۾ بزرگ تي سيريس لکي آهي ڪمال ڪيو آهي لکڻ ۾ وري اهڙي ئي منفرد انداز ۾ اداڪارن نڀايو آهي. بزرگ يونس سلطنت عثمانيه جي شيخ اديبالي جو ہم سفر رهيو آهي سلطنت عثمانيه جي باني غازي عثمان جو هر محاذ تي ساٿ ڏنو عثمان غازي پنهنجي سپاهي جير ڪوتاهي جي پٽ جي رسم طور سنت جي محفل ۾ سپاهي بوران کي ڪلام پڙهڻ لاءِ چيو ته هن يونس ايمري جو پُر عشق ڪلام پڙهيو پوري محفل تي سحر طاري ٿي ويو بزرگ پاڻ انهي محفل ۾ موجود هيو جڏهن سڀني جي زبان تي تعريف جا لفظ ٻڌا ته اٿي هليو ويو چوڻ لڳو شهرت لعنت آهي ان کان پوءِ عثمان غازي سان ملاقات ٿيڻ مهل عثمان نالو پڇا ڪيو ته چوي ٿو اسان نالي کان ڀڄون ٿا تون وري پڇا ڪرين ٿو انڪري بس درويش فقير سان سڃاڻ بس سبحان الله ڪيتري عاجزي ۽ انڪساري آهي اصل علم انجو نالو آهي......... چوٽي جو عالم ٿي ڪري ۽ ناليحان شهر جو قاضي ٿي رهيو آهي پر جڏهن شيخ سان لنؤ لڳي ۽ صحبت حاصل ٿي ته پنهنجي شيخ جي شهر جي صفائي ڪندو هيو ايستائين جو بيت الخلاء جي صفائي به ڪندو هو ۽ ڪتي کي کاڌو کارائيندو هيو مشڪ(سانداري) کڻي شهر ۾ ماڻهن کي پاڻي پياريندو هيو نفس کي هر حال ۾ سزا ڏئي انايت نفس جي آڪڙ ختم ڪري ڇڏي يونس ترڪي زبان جو بهترين مشهور شاعر هيو ثاني رومي ڪري سڏيو ويندو آهي شاعري تصوف سان ٽمٽار آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حق تعالی سارے جہاں پر محیط ہے پھر بھی اس کی حقیقت سے کوئی واقف نہیں بہتر ہوگا کہ اپنے آپ میں اسے تلاش کرو کیوں کہ وہ تم سے دور نہیں ہے ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ترے بغیر دونوں جہاں مجھے زندان نظر آتے ہیں ترے عشق سے واقف جو ہو وہ خاص الخاص ہے ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ درویشی جسے کہتے ہیں وہ اک عجب شے ہے درویش کے لئے اول خود آگہی ضروری ہے گر عزم ہو آدمی میں تو وصل حق آسان ہے بس خدمت اولیاء اور خود فراموشی ضروری ہے ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ترے عشق میں خود سے بیگانہ ہوں میں شب و روز جلتا ہوں پروانہ ہوں میں مجھے بس تیری جستجو ہے تیری آرزو ہے