حالي وقت جو بهترين خطيب (حافظ اسد علي سڪندري) ✍️دائم درس مولانا ابوالکلام آزاد لاءِ چوندا آهن ته وڏو خطيب هيو ڳالاھيندو هيو ته مجموعي تي سحر طاري ٿي ويندو هو سنڌ ۾ آريسر لاءِ ائين ئي چوندا آهن، چوندا آهن اهو لفظ انڪري لکيم ته مون مولانا آزاد ۽ آريسر ٻنهي کي ناهي ٻڌو پر پڙهيو ٻنهي کي آهي گهڻو ته آريسر کي پڙهيو آهي انڪري ائين ضرور چئي سگهجي ٿو ته لکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي ته شايد ڳالاھڻ اهڙو ئي بيباڪ هجي پر اڪثريت ائين ناهي هوندي جنهن ۾ لکڻ جو ملڪو هوندو آهي ته اهو اسٽيج تي ڳالاھي ناهي سگهندو ۽ ڀٽو صاحب لاءِ به اها ڳالهه مشهور آهي ته مقرر ڪمال جو هو جڏهن ميڙاڪي کي خطاب ڪندو هو ته ماڻهن جا نعرا جوش آسمان سان ڳالهيون ڪندا هئا. تقرير هڪڙو فن آهي پوءِ جن انهي فن ۾ مهارت حاصل ڪئي ظاهر آهي اهو پنهنجي فن جو مظاهرو پنهنجي experience جي آڌار تي ڪندو جيترو experience هوندو ايترو ئي ڳالاھڻ ۾ بيباڪ هوندو مقرر جي لاءِ ضروري آهي ته مطالعو هجي گڏ مشاهدو هوندو ته پوءِ سوني تي سهاڳو آريسر لکيو آهي ته مقرر هڪ تحقيقي مصنف وانگر هوندو آهي جيڪو صرف پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنهنجي تقرير ۾ اهو تاثر پيدا ڪري سگهي.. جڏهن اهڙو مقرر جنهن وٽ مطالعو هجي مشاهدو هجي پوءِ اهو عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سان سامعين تي سحر طاري ٿي ويندو آهي يا اهڙيون تشبيهون جو ٻڌڻ وارو صفا مستغرق ٿي ڪري ادبي لفظن جي مالهائن ۽ دل لڀائيندڙ تشبيهن تي جو صفا متوجهه ٿي ڪنائي. هر مقرر جا پنهنجا پنهنجا طور طريقا آهن ڪنهن وٽ آواز يا ڪنهن وٽ مطالعو يا ڪنهن وٽ پنهنجي Personality هوندي آهي جنهن جي بل تي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيندو آهي آريسر جي چواڻي ته مقرر کي گهربل موضوع تي پڙهڻ گهرجي لهجي جو اثر لفظن جي چونڊ چهري جي تاثر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي انکان پوءِ اها ڳالهه ذهين ۾ هجي ته هي مجموعو مونکان ڪجهه سکڻ لاءِ آيو آهي مونکي ٻڌڻ لاءِ آيو آهي آئون انهن جي ڪيتري ۽ ڪهڙي رهنمائي ڪري سگهان ٿو اهو تڏهن ٿيندو جڏهن مقرر کي پنهنجي موضوع ۽ لفظن تي پوري گرفت هجي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ مقرر ٻڌا آهن سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ مذهبي جماعتن جا مقرر سگهڙ شاعر وغيره وغيره هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ آهي علم انداز وغيره وغيره پليجي صاحب کي خطابت جو گُر هيو ڀٽائي کي پڙھڻ ۽ موضوع مناسبت سان ڳالھائي سگهندو هيو مذهبي مقرر ڪمال جا ويٺا آهن بين الاقوامي سطح تي پيرزاده ثاقب رضا مصطفائی صاحب پير اجمل رضا قادري صاحب طاهر القادري صاحب اسانجي سنڌ جو عظيم نالو مفتي عبدالرحيم سڪندري رحمةالله عليه هيو اهڙا کوڙ سارا آهن پر هن وقت مذهبي خطبين وٽ الئي فنِ خطابت ناهي يا عوام جي رڳ سمجهي ويٺا آهن بس صرف ئي صرف مليل ٽائيم پاس ڪندا آهن اسٽيج جو جائزو وٺي ۽ پنڊال ۾ عوام تي نظر ڦيرائي پوءِ بس شعر شاعري بيت نعت تي زور ڏئي وقت پاس ڪري ويندا آهن عوام کي ڪو پيغام ڪو حاصل مقصد ناهي ملندو پر جڏھن اھو نظام ڏسي سچ ۾ پروگرام ۾ ڪنهن خطيب کي ٻڌي دل خوش ناهي ٿي نه وري ڪا اهڙي اميد نظر اچي ٿي پر جڏھن رات مدرسہ دارالعلوم قادريه سيد شاھ مردان شاھ ڍورونارو حاجي امام بخش سڪندري پاران رکايل دستار فضيلت جي تقريب ۾ مولانا حافظ اسد علي سڪندري تقرير ڪئي ۽ موضوع سان جيڪو نڀايو اصل واه واه دل مان قبلا مفتي عبدالرحيم سڪندري رحمةالله عليه لاءِ دعائون نڪتيون ته واقعي تربيت ڪئي آهي لفظن تي گرفت خود اعتمادي انکان بعد وڏي ڳالھ جيڪا اها آهي ته موضوع تي پر نج قرآن حڪيم مان دليل سان گفتگو ڪئي پر وري قرآن به اهڙو ڪمال جو پڙهيو جو سبحان الله مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته خطيبن جو پيشو آهي بيت نعت شعر پڙهڻ پر جڏھن رات حافظ صاحب کي ٻڌو سبحان الله ڏاڍي دل خوش ٿي ھوئن ته تقريبن حافظ صاحب جو خطاب ائين مطالعي مشاهدي سان ڀرپور هوندو آهي ڪڏهن به ائين بي تُڪو مون ڳالهائيندي ناهي ٻڌو پر رات وري اڃان وڌيڪ ڪمال جو ڳالاهيو اڪثر ڪري سنڌي خطيبن لاءِ بالخصوص اھلسنت جي خطبين لاءِ ائين چيو ويندو آهي ته صرف بيت شعرن تي اڪتفا ڪندا آهن مان چوان ٿو ته اهو انهن جو چوڻ غلط ڇا پر بلڪل نامعقول آهي اگر اوهان کي وقت ملي ته ٻڌو حافظ صاحب کي ۽ ڀلين پنهنجي مرضيءَ سان موضوع منتخب ڪري ڏيو انتي ڳالهائڻ لاءِ چئو ۽ پوءِ پنهنجي راءِ ڏجو گذريل ڳچ سالن کان دعا سلام جي واٽ آهي کين رب ڪريم نياز نوڙت ادب عاجزي عطا فرمائي آهي. شايد اهو تقرير ۾ اثر مٿيئن خوبين جي ڪري آهي ۽ اها تعريف آئون نٿو ڪيا راتوڪي ميڙاڪي جيڪي به دوست هئا انهن سڀني جي زبان تي اهي دعائيه ۽ مداحيه ڪلما هئا. حضرت روضي ڌڻي رضي الله عنه جي فيض جي آهي ۽ استادن جي دعا آهي جنهن جو اهو ڪمال آهي منهنجي دعا آهي ته رب ڪريم حافظ صاحب جي علم حلم عمل ۾ برڪتون عطا فرمائي آمين يارب العالمين