اب مجھے مانیں نہ مانیں اے حفیظؔ مانتے ہیں سب مرے استاد کو ادب جو دروازو تمام ننڍو هوندو آهي جنهن مان جھڪي داخل ٿيڻو پوندو آهي ماڻهو جڏهن منزل تي پهچي مقام مليل هجي پوءِ جيڪڏھن ادب نورت نيازمندي رکندو ته پوءِ اصل وقار عزت جو مالڪ ٿيندو هارون رشيد بادشاھ ٿي ڪري تخت تاج جو مالڪ هجڻ جي باوجود پر جڏھن خدمت ۾ ڪو عالم دين ايندو هيو ته اٿي بيهي رهندو هو ظاهر آهي جڏهن وقت جو بادشاهه اٿي بيهي رهي ته پوءِ پوري درٻار اٿي بيهي رهندي تڏهن ڪنهن درباري چيو سائين ائين ئي اگر عالمن جي لاءِ اٿندا رهندا ته اوهان جو ۽ ايوان جو وقار رعب ختم ٿي ويندو هارون رشيد ڪمال جو جواب ڏنو ته اگر عالم دين جي تڪريم لاء اٿڻ سان رعب وڃي ٿو ته ڀلين ختم ٿي وڃي ڪا ڳالهه ناهي تصوير ۾ نظر ايندڙ ٻئي وقت جا بهترين عالم دين آهن ڪيترن ئي عالمن جا استاد آهن رب ڪريم وڏو مقام ڏنو آهي استاد محترم سائين دوست علي سڪندري دامت برڪاتهم العاليه جن درگاهه عاليه پير ڳوٺ شريف جي مسجد جا امام ۽ گڏو گڏ سنڌ جي عظيم علمي مرڪز جامعہ راشدیہ جا پرنسپال آهن پر جڏھن استاد سائين قبله غلام شبير سڪندري صاحب سان ڪنهن پروگرام دوران ملاقات ٿي مليا ته جھڪي ڪري ملن ٿا اهو ئي ادب آهي استادن جي ڪيل تربيت آهي ته عالم دين ۽ استادن سان ڪئين ملبو آهي ما وصل من وصل الا بالحرمة وما سقط من سقط الا بترك الحرمة ✍️دائم درس