ڳوٺ ڀوڻيون ديني علم جو مرڪز ✍️دائم درس 1965 جي لڏپلاڻ دوران سرحد جي هن پار ڳوٺ مٺڙائو کان هجرت ڪري اچي ڀوڻيون ۾ آباد ٿيا 1965 کان 1971 تائين هتي رهيا 71 واري لڙائي لڳي ته ڀوڻيون کان لڏي مٺي جي ويجهو ڳوٺ هريار ۾ تقريبن هڪ سال جي لڳ ڀڳ رهيا ۽ پوءِ ڏيپلو لڳ رائلو ۾ ڪجهه مهينا رهيا مطلب ته اهو سال لڏپلاڻ ۾ گذريو مٿان ڪجهه ٺاپر ٿي ماحول ٿڌو ٿيو ته واپس اچي ڳوٺ ڀوڻيون آباد ڪيو ڀوڻيون جا اصلي رهاڪو ٺڪر تقريبن ڳوٺ ڇڏي هن پار وڃي چڪا هئا صرف ڀيل بچواڻي رهيا جيڪي هن وقت به انهي ساڳين دڙي تي ويٺا آهن هڪڙو گهر هيو هاڻي ته پورو ڀيل پاڙو ٿي ويو آهي ۽ هڪ يا ٻه گهر حجامن جا هيا سي اڃان تائين ساڳين ئي هنڌ ويٺل آهن درسن جا به گهڻا گهر ڪون هيا چند گهرن تي مشتمل ننڍڙو پاڙو هيو هوڏانهن شاهاڻي بلوچ به اچي گڏ ويٺا جيڪي 65 کان گڏ ئي آيا هئا ڳوٺ جا وڏڙا صوم صلات جا پابند هيا ننڍڙي مسجد ٺهرائي جيڪا هاڻوڪي ئي جڳھ تي هئي بس وقت ويو گذري اصل ڳوٺ جو بخت ڦيرو کاڌو ته ڳوٺ جو هڪڙو فرد وقت جي ڪامل ولي قيوم جهان پير محمد عرف ابراهيم جان سرهندي عليه الرحمة وٽ پڙهڻ ويو گڏ ڪجهه ٻيا به ڳوٺ جا ڇوڪرا هيا پر ڪنهن ڄاتو ٿئي ته هي ننڍڙو ٻهراڙي جو رهندڙ پست پيل علائقن جو فرد ڳوٺ جي تقدير بدلائي ڇڏيندو بس ڪلھوڪي ڪالھ جي ڳالهه آهي سائين علامہ صاحب جي دستار فضيلت ٿي ڪجهه ڏهاڙا ڳوٺ کان ٻاهر مختلف علائقن ڍاڪلو وغيره ۾ درس تدريس جو ڪم ڪيو 87 /88 واري ڏهاڪي سرڪاري نوڪري تحت عربي ٽيچر ٿيا کپرو جي ڳوٺ رتو ڪوٽ ۾ ڪجهه سال نوڪري ڪئي نيٺ ڀوڻيون جي ڀٽن کين ڀاڪرن ۾ ڀري واپس آندو اهو چئي ڪري ته اسان توکي پاليو پوسيو وڏو ڪيو انڪري ته ڳوٺ مان جهالت ختم ڪر ڳوٺ ۾ دين متين جي شناخت ڪرائي شريعت محمدي جو جهنڊو بلند ڪر بس سڏڻ جي دير هئي 1996 ڌاري رتو ڪوٽ کان بدلي ڪرائي اچي ڳوٺ پهتو اتي بنا ڪنهن دير جي اچڻ سان ئي ڳوٺ جي مسجد ۾ تعليمي نظام شروع ڪري ڇڏيو صبح جو ڪلاڪ شام ڪلاڪ وقت ڏئي تعليمي نظام جو بنياد رکيو اڳتي هلي باقاعدي ڪلاسون شروع ڪيون مدرسي قائم ڪرڻ لاءِ ذهن تيار ڪري ڇڏيو هيو تيتر شاگردن ۾ پڙهڻ جو رحجان اچي ويو هيو وقت جي ڪاملن هميشه پنهنجي خرچ تي دين متين جي خدمت ڪئي آهي قديمي مدرسن جي تاريخ پڙهي ڏسو ته انهن کي ٺاهڻ وارا يا ته وقت جا بادشاھ يا ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاھي عالمن جي حوالي ڪندا هئا يا ته خد علماء ڪرام جيڪي خد ڪفيل ھوندا ھئا انھن مدرسا قائم ڪري امت مسلمہ جي خدمت ڪئي آهي اندلس مصر اصفهان بلخ ماوراءالنهر ثمرقند بخارا بغداد نيشاپور ڪوفو بصره انهن جي تاريخ جي ورق گرداني ڪبي ته ڪيترائي عالم سڳورن پنهنجي خرچ تي ديني مدرسن جي نظام کي هلايو امام عبدالعزيز بن أحمد حلوائي حلوه کپائي شاگردن جي خرچ پکي جو اهتمام ڪندو هيو اهڙا ٻيا کوڙ سارا عالم بزرگان دين پنهنجين پگهارن کي طالب العلمن تي خرچ ڪندا هئا وڏن وڏن امامن بزرگن عالمن پنهنجي هٿ سان ڪمايل خرچ ڪري مدرسي کي ريج ڏنو علم جي دولت سان غريب طالب العلمن کي مالا مال ڪيو (#سائين_علامه_صاحب_جن_به_سلف_صالحين بزرگن عالمن جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي سرڪاري پگهار جو 80 کان 90 سيڪڙو مدرسي جي زاد راہ تي خرچ ڪندا آهن) جزاڪ الله في الدارين) اهڙن سچن رباني إِنَّمَا يَخْشَى اللَّهَ مِنْ عِبَادِهِ الْعُلَمَاءُ جي صفت وارن عالمن بزرگن مان رب ڪريم اسانجي ڳوٺ کي به عالم دين عطا ڪيو ڳوٺ جي مسجد جي چٽائي تي ويهي دين جو درس ڏنو ان کان پوءِ پنهنجي اوطاق جي چوئنري ۾پڙهائڻ شروع ڪيو پوءِ ننڍڙو ڪمرو ٺهرايو اتي ويهي باقاعدي تعليمي نظام شروع ڪري ڏنو اڄ جتي چئن ڪمرن تي مشتمل بلڊنگ آهي پابندي سان اسڪول کي ٽائيم ڏئي وري اهڙي پابندي سان مدرسي کي وقت ڏيڻو آهي پوءِ موسم ڀلين ڪهڙا رنگ ڪري جون جولائي جون گرم هوائون هجن يا ڊسمبر جا سرد پارا هجن يا وسڪاري جي جوڀن جا ڏينهن مطلب موسم مٽجندي رهندي هئي ته موصوف جو نظام قائم دائم رهندو هيو وقت جي پابندي اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ ڳالاھڻ ملڻ وغيره تمام اعلي اخلاق ڌيمو لهجو اصلي ٺاٺ سنڌي ٻوليءَ ۽ وڏي ننڍي سان ساڳيو ئي طور طريقو ادب پيار اهڙو جو ماحول کي تازگي بخشي ڇڏي هئي ٿر جا ڳوٺ ڍاڪلو رواتسر جيتراڙ توڻي جو وڏن عالمن بزرگن علامه سائين جلال الدین رح علامہ عبدالحق رح حافظ سائين محمد اسحاق رح جي محنت سان دين جو علم پڙهائي پوري ٿر ۾ مشھوري ڪري ڇڏي هئي ته هاڻي ڀوڻيون به انھن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي پوءِ اها ڳالهه الڳ آهي ته ڪيترو ڪنهن ڇا ڇا پرايو? بقول سائين علامہ جلال الدین رح جي تي اسان وٽ اوهان رحمت جو ڪڪر ٿي وسيا آهيو اهو شاگردن تي آهي ڪيترو ۽ ڇا پرايو يعني برسات جو ڪم آهي وسڻ پوءِ اگر زمين خراب هوندي ته ڪجهه ڪون ڦٽائندي اگر هوندي زمين سٺي ته گلُ گلزاري ٿي ويندي ته اسانجو ڳوٺ به الحمد لله بفضلہ تعالي بنجر زمين مان ڦري گل گلزار ٿي ويو ۽ قرآن سنت صوم صلات جو پابند ٿيو کڻي وڏڙا اڳ ۾ نماز پڙهڻ وارا هيا ته نوجوانن جي چهري تي سونهاري مبارڪ جو سجائڻ دين واري پاسي لاڙو رکڻ ان مبارڪ محنت جو سهرو صرف انهي مبارڪ سر سونهي جيڪو ڪلھ ڀوڻيون مان دين سکڻ لاءِ ويو هيو ته پنهنجي پٺتي پيل ڳوٺ علائقن کي دين جي چمڪندڙ ڏيئي سان روشن ڪرڻو آهي اڄ حالي وقت ۾ پنهنجي خطي جو هڪ جيد عالم باعمل عالمن مفتين جي سر جو موڙ آهي منهنجي مراد حضرت علامہ مولانا قبلا سائين عبدالحليم ڪليم درس نقشبندي آهن جن پنهنجي شب و روز محنت سان نوجوان نسل کي دين جي نه رڳو رستي تي آندو پر باقاعدي دين سيکاريو انهي دين سکڻ جي بدولت اڄ نوجوانن ۾ ملڻ جهلڻ اٿڻ ويهڻ ڳالاھڻ جو سليڪو آهي عزت وارو نظام آهي هن وقت ۾ ڇاڇرو رهائش پذير آهن ڇو ته هيري ۽ موتي جي سالک لهن سار ڇاڇرو جي دوستن جي محبت ۾ گهڻي اسرار تي آيا جٿي اڄ عظيم الشان بلڊنگ ٺهيل آهي سون جي تعداد ۾ شاگرد سندن جي سايہء شفقت هيٺ زير تعليم آهن ۽ ڀلا ڀاڳ ڇاڇري وارن جا جو انهن تي رحمت جو ڇمر ٿي دين جي خدمت ڪري رهيا آهن سندن جي سچائي اخلاص جو نتيجو اهو آهي جو پوري ٿر ادب جي نگاهه سان ڏسي ٿي هر هڪ شخص سندن جي نظر محبت جو عاشق آهي اڄ ڇاڇرو توڙي ڳوٺ يا سندن جي فيض سان شاگردن جي نظرثاني ۾ مختلف ڳوٺن ۾ مدرسا هلي رهيا آهن اهو سندن جو پنهنجي ڪامل مرشد حضرت پير محمد ابراهيم جان سرهندي عليه الرحمة جن سان ڪيل واعدي کي پاريو آهي جيڪو دستار فضيلت پائڻ کان پوءِ ڪيو هيو ته ڀلين سرڪاري نوڪري ملي پر دين جو ڪم ان شاء الله عز وجل محبت لگن سان ڪبو سرڪاري نوڪري ملڻ کان پوءِ اڃان وڌيڪ آساني ٿي ڇو ته خد ڪفيل ٿي ويا سٺي تنخواهه ملي رهي آهي ته پوءِ دين جي ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙي ڏکي ڳالهه? پر اها حقيقت آهي ته رب پاڪ دين جو ڪم جنهن کان وٺي وڏين وڏين پگهارن وارا توڙي پئسي پارٽي ويٺا آهن اگر ڪم نٿا ڪن اها انهن جي وس جي ڳالهه ناهي جنهن کان اهو ڪار خير جو ڪم ورتو وڃي سو زئي نصيب سائين علامہ صاحب پنهنجي مرشد جي ڪيل واعدي کي ڪماحقه پاڙيو آهي وعدي وفائي جو نتيجو اهو نڪتو جو سندن جا ڪيترائي شاگرد ٿر جي مختلف علائقن ۾ دين متين جي خدمت ڪري رهيا آهن جنهن مان مولانا صحبت درس مولانا محمد فاروق محمد ملوڪ ۽( مولانا غلام شبير درس بهترين خطيب آهي ) اصغر علي غلام مصطفىٰ عبدالمجيد خدا بخش رسول بخش علي غلام غلام ڪبير محب علي عبدالعليم خليلي سرفهرست آهن