هڪ بهادر اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ليکڪ شگفته جماڻي
    21 جون 1978ع تي ڊسٽرڪٽ جيل جي سيل مان پاڪستان جي نادار عوام جي لاءِ جدوجهد جو ورثو هڪ وصيت ڀري پيغام ذريعي محترمه بينظير ڀٽو کي سونپيو. انهن پنهنجي خط ۾ لکيو ته پياري نياڻي مان صرف توکي اهو ئي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هي اچڻ وارن ڏينهن جو پيغام آهي ۽ تاريخ جو سنيهو آهي. صرف عوام تي يقين رکجان ۽ انهن جي مساوات ۽ نجات لاءِ ڪم ڪجان. الله تعاليٰ جي جنت تنهنجي ماءُ جي پيرن ۾ آهي. سياست جي جنت عوام جي پيرن ۾ آهي. ڪنهن کي به اهو معلوم نه هو ته قائد عوام جو اهو پيغام محترمه بينظر ڀٽو جي زندگي ۾ انتهائي خاموشي سان عوام کي جمهوريت جي لاءِ جدوجهد جو هڪ اهڙو باب تحرير ڪرڻ وارو آهي، جنهن ۾ آمريت جي خلاف جنگ جي دوران قائد عوام جي ٿيل ڏکائيندڙ انجام کي به ورجائڻو هو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته 21 جون انهن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. محترمه بينظير جي سياسي زندگي ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جو آغاز انهي پيغام جي روشني ۾ شروع ٿيو آهي، جيڪو قائد عوام انهن کي جيل مان موڪليو. محترمه بينظير ڀٽو مصيبتن جي ستايل عوام جي نجات، حاڪميت ۽ مساوات لاءِ پنهنجي آخري گهڙي تائين آمريت خلاف ويڙهه ڪندي رهي. هو هڪ بين الاقوامي اڳواڻ هئي. هُن ڀٽو ازم کي هڪ سچي پيروڪار وانگر، قائد عوام جي فلسفي کي نه صرف عام ڪيو پر ان کي بي مثال قربانين ۽ نئين منزلن سان روشناس پڻ ڪرايو. بينظير ڀٽو پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان ڪيترن بين الاقوامي اخبارن ۾ مضمون شايع ڪرايا. ڪيتراڪتاب پڻ لکيا ۽ دنيا جي مختلف ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو. انهن جا اقوال مقررين پنهنجي خطاب، صحافي پنهنجي ڪالم ۽ دانشور پنهنجي تحريرن ۾ حوالن جي طور لکندا ۽ چوندا آهن. هو مفاهمت جي دلداره هئي. هن پنهنجي ڪتابن ۾ مفاهمت جي طريقن کي تخليق ڪيو. جيڪڏهن ائين چئجي ته مفاهمت هُن جي زندگي جو حصو بڻجي ويو هو. هُڻ مفاهمت جو پيغام ڏيئي، اهو باور ڪرايو ته مسلم ۽ مغرب وچ ۾ فاصلن کي نظر انداز ڪرڻ سان دنيا وڌيڪ مشڪل جو شڪار ٿي ويندي ۽ ان اوڙاهه مان نڪري نه سگهندي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”مفاهمت اسلام جمهوريت ۽ مغرب“ ۾ لکيو ته اسلام اهو ناهي. جنهن جي بگڙيل شڪل اڪثر مغربي ميڊيا ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي ان جي بدران اسلام هڪ کليل اڪثريت جو حامي مذهب آهي هي هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو مشاورت ۽ اتفاق راءِ جي جمهوري اصولن تي تعمير ڪيو ويو آهي.

    محترمه بينظير ڀٽو عالمي سطح جي ليڊر هئڻ جي باوجود چادر ۽ رئي سان ويڙهيل هوندي هئي. جيتوڻيڪ غير ملڪي دورن ۽ عالمي مسئلن تي ليڪچر دوران به هوءَ پنهنجو رئو پنهنجي مٿي تان هٽڻ نه ڏيندي هئي. هُن مغرب کي پنهنجي روشن خيال يا ماڊرن ازم جو يقين ڏيارڻ لاءِ ڪوبه نمائشي رستو اختيار نه ڪيو . جمهوريت جي دلداره شهيد محترمه بينظير ڀٽو اعليٰ درجي جي دانشمند هئي هوءَ هڪ عالمي مدبر هئي ۽ هڪ سحر انگيز شخصيت پڻ هئي جيڪا چارئي صوبن جي زنجير پڻ مڃي ۽ سمجهي ويندي هئي. هن جي خواهش هئي ته دنيا پاڪستان جو جمهوري چهرو ڏسي ۽ دهشتگردن ۽ انتها پسند جي چهري سان نه سڃاڻي.

    پاڪستان ۾ عوامي سياست جي هر نئين موڙ تي قائد عوام محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو ازم جي ايوانن جو رت جمهوريت لاءِ جهنڊو ٿي ڦڙڪندو رهندو محترمه جي مفاهمت واري پاليسي پيپلز پارٽي جي چاهيندڙن جو هميشه پيڇو ڪندي آهي ۽ انهن کي بار بار ياد ڏياريندي آهي ته مفاهمت ۾ ئي عافيت آهي ۽ مفاهمت سان ئي پٿرن کي ميڻ ڪري سگهجي ٿو.

    ڪروڙين ڪارڪنن جي عقيدتن ۽ محبتن جو مرڪز محترمه بينظير ڀٽو جي دور جمهوريت جدوجهد جي عبارت آهي. جرئت ۽ همت انهن کي ورثي ۾ ملي آهي. انهن سان اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو پر انهن جي حب الوطني ۽ جمهوريتي جدوجهد کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. 16 نومبر 1988ع تي ٿيل چونڊن ۾ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزير اعظم ٿي هڪ مسلمان ملڪ جي عورت وزير اعظم ان وقت 35 سالن جي هئي ۽ ان کي 50 خوبصورت عورتن ۾ شامل ڪيو ويو. شهيد قائد، دختر مشرق محترمه بينظير ڀٽو جون يادون ۽ ڳالهيون ڪئين ڏهائين تائين ياد رکيون وينديون. انهن کي هڪ مضمون ۾ قلمبند ڏسو صفحو 7

    نٿو ڪري سگهي. هو منهنجي قائد به هئي ته رهنما به هئي. ان جو مقام ان خوشبو وانگر آهي جيڪا گل جو اثاثو هوندي آهي پر گل جي مرجهائڻ کان پوءِ هوائن ۾ مهڪندي رهندي آهي. هو روشني جي مثل هئي ڇو ته روشني نه مٽندي آهي نه ٺهڻ واري شيءَ آهي هو قائم ۽ دائم رهندي هئي ڪڏهن چنڊ ته ڪڏهن سج جي شڪل ۾ رهندي هئي هو پنهنجي دل جي گهرائين سان تقرير ڪندي هئي هو پنهنجي ڏسندڙن ۾ جوشي ۽ جذبو پيدا ڪندي هئي انهن کي اهڙي طرح متحرڪ ڪري ڇڏيندي هئي جو هو پنهنجا غم وساري ڇڏيندا هئا. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته سرزمين پاڪستان جي اهڙي بهادر ليڊر هئي جو وادي سنڌ ۽ پنجن دردائن جي ڌرتي کي مسخر ڪري پنهنجي مقبوليت جا جهنڊا ڪوهستان ۾ لڳايا. هو انتهائي مضبوط عورت هئي جنهن مخالفين جي اکين ۾ اکيون وڌيون ۽ مولوين جي فتون ۽ عورتن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ جهڙن روين جو مقابلو ڪيو محترمه بينظير ڀٽو35 قريب عالمي ادارن کان اعزاز ڊگرين حاصل ڪيون ۽ ڪيئن بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت جو اعزاز حاصل ڪيو.

    18 آڪٽوبر تي ان جي پاڪستان آمد تي شانداز استقبال ڪيو ويو جنهن مان ثابت ٿيو ته پاڪستان جي عوام پ پ سان گڏ آهي هن کي پنهنجي زندگي کان وڌيڪ سياسي پاڪستان جي عوام جا صفا عزيز هو ڪنهن ڊيل نه پر عوامي طاقت سان وطن واپس آئي ۽ عوامي طاقت کي سڀني پنهنجن اکين سان ڏٺو دنيا جا وڏا وڏا ليڊر محترمه سان ملاقات کي فخر سمجهندا هئا دنيا جي معروف ادارن ۾ ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪندا هئا. سرڪاري عهدو نه هئڻ باوجود هن کي دنيا ۾ سربراهه مملڪت جو پروٽوڪول ملندو هو ايتري وڏي ليڊر هئڻ باوجود هو عام ڪارڪنن سان محبت ۽ شفقت ڪندي هئي ان جي پيدائش تي ان کي ”بي نظير“ جو نالو ڏنو ويو هن پنهنجي والد محترم جي ڏنل نام کي قدم قدم تي سچ ثابت ڪيو واقعي هو بي نظير هئي دنيا جي تاريخ ۾ هميشه هن کي بينظير لکبو.

    هن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي زندگيون آزادي پنهنجي جواني، پنهنجو ذهني سڪون، جمهوريت لاءِ قربان ڪري ڇڏيو آهي هر آغاز جو هڪ انجام هوندو آهي ۽ انجام جو هڪ آغاز هوندو. ان ڪري اسين مسلمان چوندا آهيون ته اسلام زنده ٿئي ٿو هر ڪربلا کان پوءِ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو