شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد دائم درس طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2023۔

  1. محمد دائم درس

    محمد دائم درس
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2020
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين.

    ✍️محمد دائم درس ڀوڻيون

    ڪنهن به شئي هنڌ مڪان سير سپاٽي جي جڳھ جي تعريف پڇا ڪئي ويندي ته فلاڻي علائقي جي رونق موسم ماحول اٿڻي ويهڻي رهڻي ڪهڻي ڪئين آهي? ته ظاهر آهي ڏسندڙ ئي بيان ڪري سگهندو پوءِ انجو ڪيترو مشاهدو قوي آهي انھيء آڌار تي هو اوهان کي ٻڌائندو پر جنهن ڪجهه ڏٺو ئي ناهي اهو تصوراتي طور تي ٻاٽي لفظ لکي سگهي ٿو ڀلا کڻي قلمڪار آهي ته پنهنجي وجنتي لفظن جون مالهائون سرجڻھاري اوهان کي اتان جي حسناڪين دلڪش نظارن البيلين هوائن ۽ موسمن جون مهڪشيون گل و گلزاري بهرڪيف لکندڙ پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان پڙهندڙ جي دلين تي اثر ڇڏيندو آهي... پر جڏھن زندگيءَ متعلق ڪنهن کي چئو ته جيڪو وهيو واپريو اهو لکي ڏي? ته هاڻ سوچ سمجهه فهم سڀ اچي هٿ مٿي تي ڏئي ويهي رهنديون ته آتم ڪٿا ڪئين لکجي ڪٿان شروعات ڪجي زندگيءَ وڏو بهترين استاد آهي امتحان وٺي سبق ڏيندي آهي ڏکئي سبق کي وري وري دهرائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي اگر ڪو آتم ڪٿا لکي ٿو صرف مشاهدي تي ٻڌل يا فرضي تصوراتي ڳالهيون قلمبند ڪري ٿو ته ان ۾ اها حس پاور ناهي هوندو جيڪو دماغ جي تارن کي ڇيڙي دل جي ديوارن کي لوڏي وجهي...

    آتم ڪٿا متاثر ڪن تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ته دل مان نڪرندڙ گهري ٻاڦ ۽ دردن پيڙائن کي لفظن ۾ پروئي پنن تي اتاري پڙهندڙ جي دل و دماغ تي اثر ڇڏي ته زندگيءَ گذارڻ وارو ڪئين گذاري ٿو ڪيترو جتن محنت ڪري ٿو پنهنجي پاپي پيٽ تي پٿر ٻڌي پنهنجي خودداري عزت نفس کي مجروح ڪرڻ کان پچائيندي بچائيندي ڪيترن ڏکين پيچرن تان گذرڻو پوندو آهي...
    بک بدحالي ڏڪاريل ڏيهه کي ته منهن کڻي ڏجي پر جڏهن معاشرو مخالف ٿي ميدان تي لٿل هجي مهڻن طعنن جي ڀرمار هجي اتي جئيڻ کي آئون اصل زندگيءَ سمجهان ٿو معاشري کي معاشري جهڙو ٿي منهن ڏيڻ بجاءِ ڪا منزل ماڻي پوءِ جواب ڏجي ته انکي آئون زندگيءَ سمجهان ٿو...

    ہم امن چاہتے ہیں مگر ظلم کے خلاف
    گر جنگ لازمی ہے تو پھر جنگ ہی سہی

    پوءِ اها جنگ سامهون واري جي جاهليت تعصبي فرسوده رسمي غير اخلاقي ناهي هوندي بلڪه جنگ به وڏي شان شوڪت واري وڙهبي ڪلھ جنهن جاءِ تي تون هڪ غريب هاري کي برداشت نٿي ڪيو اڄ انهي جاءِ تي انجو پٽ وڏي رعب تاب سان بيٺل آهي
    اياز، چوي ٿو،
    آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين ساٿي،
    ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين،

    آتم ڪٿا ائين ئي آهي اگر اهڙي دلچسپيءَ زندگيءَ جنهن جي هر پهلو ۾ سوين ڳالهيون ڇپيل هجن من ۾ مانڌاڻ صرف ئي صرف منزل تي پهچڻ جي هجي اهڙي ماڻهو جي زندگيءَ پڙهڻ ۾ وري مزو ئي پنهنجو آهي
    آتم ڪٿا رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي پڙهيم امير ڪبير شخص هيو وڏي گهراڻي سان تعلق رکندڙ اڇوت اوچ نيچ جي تيز بازي کان بچيل هيو انڪري هن پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي جيڪي وڏا شاهاڻا شوق سير سفر مطلب ته راحت واري زندگي ھئي پوءِ زندگي جي سفر کي ڪتابي صورت ڏني آهي
    اھا الڳ آهي ته هنجو ادب ذوق شوق سنڌي ٻوليءَ جي روانگي وغيره تمام بهترين وڻندڙ آهي...

    وري هڪڙي غريب مسڪين ماروء ماڻهو جي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ پڙهڻ لاءِ ملي
    جنهن زندگيءَ ئي ڏکن ۾ گذري وري مٿان معاشرو قابض اوچ نيچ جي بيماري عروج تي هئي

    سِرِجِيَسَ تَه سُورَ، سَامَائِيَسِ تَان سُک وِيَا
    اِهَي ٻَيئِي پُورَ، نِمَاڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيَا

    اهڙي ماحول ۾ اگر پنهنجي زندگيءَ کي پروان تي چاڙهي منزل حاصل ڪري پنهنجي صلاحيتن جي بل تي مڃرائي ٿو اهو به هڪڙو غريب ماڻهو...

    ته سوال پيدا ٿئي ٿو فرسودگي رسمي جهالت جي انتها واري دؤر ۾ ۽ وڏيرڪي بي نسل ڀوتارڪي ميدان جٿي جاهل وڏيرن ڀوتارن جا ڪميت بي لغام ٽاپوليون ڪڍندا هجن اتي هر غريب مسڪين انسان کي پنهنجو وجود سنڀالڻ ڏکيو آهي سو ڪئين ٿو انهن وقت جي رهزنن جو مقابلو ڪري سگهي?

    ته جواب آيو......

    ہم پرورش لوح و قلم کرتے رہیں گے
    جو دل پہ گزرتی ہے رقم کرتے رہیں گے

    اهو سڀ ڪجهه اگر آسان ٿي سگهي ٿو ته تعليم سان محبت ۽ پڙهڻ لکڻ سان بي پايان لگن محنت جفاڪشي سختين کي سر تي سھي موسم ماحول وقت جي بي رحمي روين جي باوجود تعليم جاري رکي پنهنجي ڏکن تڪليفن کي پٺتي اڇلائي آئنده جو اونو اولاد جي مستقبل جي سوچ علائقي واسين کي انقلابي پارٽ پڙهائي غلامي جي سوچ ۽ فرسوده رسمن کان آجو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري نيٺ منزل تي پهچي وقت جي جابرن کي چئي ٻڌايو ته ظلم ستم جي انت ٿي وئي آهي خيرسگالي جو سج اڀري چڪو آهي هاڻ اسانجو هر ننڍڙو فرد هٿن ۾ تنهجي نعرن وارا پينا فيلڪس کڻڻ جي بجاءِ ڪتاب قلم کڻندا هاڻ تنهنجي اڳيان هٿ ٻڌي بيهڻ جي بجاءِ توسان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائڻ جي بجاءِ توسان اکيون اکين سان ملائي ڳالاھيندا....

    دنیا میں وہی شخص ہے تعظیم کے قابل
    جس شخص نے حالات کا رخ موڑ دیا ہو،

    زندگي جي جنگ وڙهي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارو شخص آهي' تيجن راءِ سوجاڻي' جنهن اها جدوجهد ڪري ڏکين حالتن کي منهن ڏئي غير روايتي رواجي غير جمودي رسمن کي ٽوڙي مروڙي پَٽ وجهي ڇڏيو آزادي جي الم کي بلند ڪري ڏيکاريو...
    هڪڙي پورهيت طبقي جي ماڻهو جو ذهين ته ڏسو هو وڏا وڏا خواب ڏسي ٿو آزاديءَ جي جنگ وڙهي ٿو انهن خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوشش ڪري محنت ڪري اولاد کي پڙهائي ٿو ۽ اولاد کي اهائي نصحيت ڪندي چوي ٿو ته ذهني غلامي کان نڪري غير رسمي رواجن جهالت پڻي کي ڇڏي اڳتي وڌي گلوبلائيزيشن دور کي ڀاڪر پائي ڀليڪار چئو اهو منهنجو خواب آهي... ۽ سپوٽ اولاد پنهنجي محنت ڪش انقلابي والد جي چوڻ کي لبيڪ چئي جيڪا محنت ڪئي آهي اها سڀني اڳيان روشن سج جيئان عيان آهي پوري سوجاڻي فيملي پڙهيل لکيل وڏن عهدن تي فائز آهي
    تيجن راء جي اڻٿڪ محنت جو ڦل اولاد جي ڪاميابي طور مليو جو هڪڙو پٽ پروفيسر ۽ ٻه پٽ ڊاڪٽر آهن ۽ ڀائٽين سميت ويھ فردن کان مٿي سرڪاري نوڪري سان لاڳاپيل آهن...
    جڏهن ڊاڪٽر انيل سان ڪچهري ڪيم ته ٻڌائي پيو.. بابا اسان کي هر وقت اها نصحيت ڪندو هو ته معاشري ۾ موجود جاهل نظام کي ختم ڪرڻو آهي پوءِ اگر ڪوشش سان ختم ٿي وڃي ٿو ته ٺيڪ آهي ورنه پاڻ کي انهن جاهلن رسمن رواجن کان پري رکجو اها محض ڳالھ نه ڪندو هو پر انتي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ چوندو هو ته ڪڏهن به آئون اوهان کي انهن هٿرادو ٺاهيل ديو ديوتائن جي اڳيان جهڪندي نه ڏسان...
    جڏهن مون ڪتاب پڙهيو ته ان ۾ اها ئي ڳالهه لکي ٿو هٿ ٺوڪين ڳالهين کي سرهي سينگاري سادي اٻوجھ عوام کي ورغلائڻ لاءِ پيش ڪندا آهن پر حقيقت ۾ ,,,,,, رانگ نمبر،،، ئي ٻڌايو وڃي ٿو اهڙين هٿ ٺوڪين ڌرمي رسمن رواجن روايتن کي ٽوڙڻ ئي پٺتي پيل طبقن جو ڇوٽڪارو آهي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ علم ئي هڪ املھ ۽ لاڀائتو هٿيار آهي جنهن جي ذريعي منزلون ماڻي سگهجن ٿيون...
    سو ڳالھ پئي هلي پئي ته آتم ڪٿا لکڻ واري جي اگر هئين تيجن راء سوجاڻي وانگر اندر جا اڌما اڊڙيل ليڙون ليڙ ٿيل جسم جي ڪٿا پنهنجي زباني ٻڌائي ٿو ته پوءِ من جي مندر جو گهنڊ ضرور وڄندو
    ڇو ته هن صرف مشاهدو ناهي لکيو فرضي شخصي ڪهاڻي ناهي لکي نه وري ڪو قصو لکيو آهي
    پر جيڪا لکي اٿئين اها اندر جي ڳالھ من ۾ متل ڪهرام آهي جيڪو ڪتابي شڪل اختيار ڪئي آهي ڇو ته هو اهڙي ماحول ۾ رهيو جتي تعصب ساڙ اڇوت جهڙي ناقابل برداشت رسم احساس ڪمتري جو شڪار ٿي اوچ نيچ جهڙين بيهوده واهيات غير اخلاقي رواجن جي دور ۾ وڏو پليو ته آهي.
    پر انهن رسمن کي هن ڪڏهن منهن نه لڳايو اجاين خرچن بي مقصد ڳالهين کي ٻَن ڏئي اڇلائي آجو ٿي اچي منزل تي پهتو....
    انڪري هنجي آتم ڪٿا ڀلين لکڻي سادي سھي پر اندر کي ڌوڏيندڙ آهي سچ پڇو ته مون هن جي اهڙين ڳالهين کي انڊر لائن ڪيو آهي. پڙهي ڪري منهنجي ذهين جي ڪينواس تي چٽجي ويون آهن...
    غريب طبقي جي ماڻهن سان اڄ به انهن عجيب رسمن سان برتاءُ ڪيو ويندو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيجن راء پنهنجي پوري زندگي محنت ڪري وارو وڄائي ويو پوءِ معاشري مان ڪيتري برائي ختم ٿي هجي پر پنهنجي فيملي کي پڙهائي انهن ڪڌين جاهل رسمن کان آجو ڪري ويو آهي اگر هر فرد ائين ئي استاد تيجن واري سوچ رکي پنهنجي ارد گرد تنظیم ٺاهي تعلیمي سڌارو آڻي ته ڪيترائي ماڻهو انهن مصيبتن کان آجا ٿي پوندا جي گهڻو نه سهي پنهنجي اولاد تي نظر رکي ته اهو سڌري پيو ته وڏي ڳالهه آهي
    هر فرد جي حيثيت سان پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي جئين استاد تيجن راء ڪري ويو آهي.

    منهنجي دعا آهي ته کين اولاد نقش قدم تي هلندي تعليم دوست بڻجي عوام الناس جي خدمت ڪندا رهن.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو