ٻاراڻي ادب جو چمڪندڙ ستارو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ....! فقير محمد سنڌي کنياسين نئين نسل خاطر هي پيرا روشني بڻبا، اسان جي سگهه، سهپ ڏسجو، انڌيرا روشني بڻبا! اچو اُڀ تان هٽايون پيڙ جا پاڇا نجا ڪارا، اسان جي جستجو سان دل جا ديرا روشني بڻبا ( پنھل) پروين موسيٰ ميمڻ ٿر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي (هاڻي شهر) ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن 20 نومبر تي جنم ورتو، سندس جي باري ۾ مليل معلومات مطابق پاڻ هڪ ذهين، هاڪاري سوچ رکندڙ، جفاڪش عورت آهي، جنهن تعليم توڻي ادب جي ميدان ۾ وڏيءَ محنت سان پاڻ ملهايو آهي. ڊاڪٽر پروين لکڻ جي شروعات 1980ع کان هڪ افساني معرفت ڪئي ۽ اڄ تائين سوين مضمون، مقالا، افسانا، ڪالم، ٻالڪ ادب جون آکاڻيون لکي چڪي آهي، چاليهارو کن ڪتاب مڪمل ٿي ويا اٿس، جنهن مان ٽيويهه ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن، سندن فن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن، نثر نگار طور هن تحقيق تنقيد، لطيف شناسي، افسانا نويسي، ادبي تاريخ ۽ ٻالڪ ادب ۾ خاص طور لکيو آهي، ڳچ وقت کان سنڌ جي ٻالڪن جي حقن ۽ تعليم بابت سجاڳي ڏيڻ لاءِ لکي رهي آهي، پيارن گلن جهڙن نازڪ سنڌي ٻالڪن لاءِ هن نه فقط معلوماتي ۽ ادبي مضمون لکيا آهن پر سندن دلچسپي ۽ وندر ورونهن ۽ اخلاق جي سڌاري لاءِ بهترين ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس چواڻيءَ ته هن ٽي سئو ڪهاڻيون ٻارن لاءِ لکيون آهن، جي روزاني ”هلال پاڪستان“ ۽ ”سنڌ ايڪسپريس“ جي ٻارن جي صفحن تي ۽ رسالن ” گل ڦل“، ”ساٿي“ ۾ ڇپيون آهن. ٻالڪ ادب ۾ ڊاڪٽر پروين جي پهرين تحرير هڪ مضمون آهي، جو سنڌ ايڪسپريس روزاني اخبار ۾ ڇپيو ۽ پوءِ هن چاليهارو کن مضمون ”علم جي افاديت“، ”استادن جو ادب“، ”شاگردن جا فرض“، ” والدين جي عزت ۽ احترام“، ”سٺي دوستيءَ جا فائدا“، ”ڪتابن جي اهميت“، ”سادگي“، ” سچائي“، ”ڪفايت شعاري“ ۽ ٻين سماجي ۽ اخلاقي موضوعن تي ڇپرايا جن مان 29 مضمونن جو ڪتاب ” اخلاقي قدر“ جي عنوان سان 2010ع ۾ شايع ٿيو، ڪتاب بي حد ڪامياب ٿيو،”اخلاقي قدر“جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۽ ٽيون 2020ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مضمون ڏهن کان سورنهن سالن جي عمر جي ٻارن لاءِ لکيل آهن ته جيئن کين پنهنجي شخصيت کي سنوارڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ کين علمي طور مضمون لکڻ جو ڏانءُ به اچي. ولي رام ولڀ هن مضمونن جي ڳٽڪي بابت لکيو آهي ته، ”هن ڪتاب ۾ اخلاقيات جي موضوع جي حوالي سان جيترو مواد پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ موضوع جي جيترن پهلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي تمام اهميت جو حامل آهي“. ڊاڪٽر پروين جو ٻارن جي لاءِ ٻيو ڪتاب ” ٽي تحفا“ (ڪهاڻيون) آهي، جنهن جي ارپنا هن پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن جي نانءُ ڪئي آهي، ڪهاڻين ۾ ”پشيماني“، ” روشني“، ” ٽي تحفا“، ” خود غرضي“، ”وڻ پوکيو ثواب ڪمايو“ شامل آهن، هي ڪهاڻيون ڳوٺن جي ماحول جون به آهن ته شهري ماحول جون به جن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپيءَ جا نظارا به آهن ته نصيحتن جا نڪتا پڻ طريقي سان ڏنل آهن، خلق جي خدمت ۾ ڀلائي، ظلم خلاف احتجاج، ماحوليات جو بچاءُ، محنت جو ڦل مٺو ۽ ٻيا عملي زندگيءَ جا سهڻا اشارا آهن، جيڪي ٻارن کي صحتمند ۽ سوڀارن ڪمن ڏي راغب ڪن ٿا. اياز گل هن ڪتاب بابت لکيو آهي ته ” ڊاڪٽر پروين موسيٰ ادب ۾ بنيادي طور تي تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل رهي آهي، پر گڏوگڏ هن ادب جي ٻين شعبن سان به لکڻ جو ناتو ڳنڍيل رکيو آهي، هن ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب لکي ٻارن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگهجي ٿو“. ٽي تحفا ڪتاب کان پوءِ ڊاڪٽر صاحبه ٻالڪ ادب ۾ وڌيڪ لکڻ لڳي چار ٻيا ڪهاڻين جا ڪتاب 2022ع ۽ 2023ع ۾ شايع ٿيس، ”شرارتي جن“ ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ انوکيون ۽ بلڪل نيون ڪهاڻيون آهن، جو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن شايع ڪيو ۽ بي حد مقبول ٿيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي ٿيل آهي، شرارتي جن ۾ آيل ڪهاڻيون ”قسمت جو ڦيرو“، ”سچ ٿيو سوڀارو“، ”شرارتي جن“، ”سچي محبت“، ”چڱا ڪن چڱايون“، ”قيدي سردار“، ۽ ”مهربان جي مهرباني“ شامل آهن، هيءُ ڪهاڻيون فقط انوکيون ڪونهن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن، هنن ڪهاڻين ۾ ٻارن کي بهادر ٿيڻ، خوف مان نڪرڻ، پنهنجي حفاظت ڪرڻ، اڻ واقف ماڻهوءَ کان بچڻ، تعليم کي پنهنجي حياتيءَ جو محفوظ هٿيار سمجهڻ ۽ ٻيا موضوع دوستاڻي رويي وارين ڪهاڻي معرفت سمجهايا ويا آهن جن سان کين بري ۽ ڀلي جي سمجهه اچي، بدسلوڪي، بي ڌياني ۽ تشدد کان بچي سگهن، پنهنجي حقن جي ۽ فرضن جي ڄاڻ رکڻ، هنن ڪهاڻين کي جيڪڏهن استاد ۽ والدين پڙهن ته کين ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نفسيات سمجهڻ ۾ وڏي آساني ٿي پوي، ساڳيءَ ريت سندن ڪتاب ”شهزادي ماهه نور“، ۾ آيل ڪهاڻيون جيئن ” غرور جو انجام“، ” امتحان جو فارم“، ” سمجهدار نياڻي“، ”ڪاميابيءَ جو راز“، ” ضدي ڇوڪرو“ ڪجهه اهڙيون ڪهاڻيون آهن جي اسان جي موجوده سماج جي حالتن جو مڪمل عڪس پيش ڪن ٿيون، ٻارن جا مسئلا بيان ڪندي انهن ڪهاڻين ۾ کين انهن مسئلن جا حل پڻ ٻڌايا ويا آهن، لکيڪا جو بياني اسلوب ڄاڻائي پيو ته هن ٻارن جي ذهني سطح کي پنهنجي ذهن ۾ رکي ۽ پاڻ انهيءَ تائين پهچي پوءِ انهن ڪهاڻين کي لکڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن عبدالحئي ڀٽو جون سٽون معني خيز آهن. سنڌي ٻاراڻي ادب جو ستارو آهي پروين موسيٰ، علم ۽ ادب جو تارو آهي پروين موسيٰ، اها هميشه سهڻيون ڪهاڻي لکندي رهي ٿي، ٿر وارن ٻالڪن جو ساهه سارو آهي پروين موسيٰ. ڳوٺن ۽ شهرن جي هلندڙ ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ هن اسڪول جو ماحول، شاگردن جو پاڻ ۾ ورتاءُ ۽ استادن جي ٻارن جي مسئلن ۾ دلچسپي جهڙا روز مره جا موضوع دلپذير انداز سان پيش ڪيا آهن، هيءُ نراليون ۽ نڪور موضوعن واريون ڪهاڻيون يقينن اڄ جي جديد دور ۾ سنڌي ٻالڪ ادب جي اهم ضرورت آهن. ”پوپٽ ۽ گلاب“کي ٻالڪ ادب جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر مصطفيٰ سولنگي ”نرالو ٻالڪ ڪهاڻي“ ڪتاب سڏيو آهي، ڊاڪٽر لکي ٿو ته، ” پوپٽ ۽ گلاب جي ڪهاڻين ۾ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن، گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحبه جي گهري نظر ۽ مشاهدي جا اهڙا پاسا به پڌرا پيا آهن جيڪي ڪنهن وسيع نظر ڪهاڻيڪار جي فن ۾ هڪ لازوال چمڪ پيدا ڪري سگهندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون ٻارڙن ۾ فطرت ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪن ٿيون ۽ شعور به وري اهڙو جيڪو اسان جي سماج جو اصل روح ۽ اسان جي تهذيبي قدرن جي بنهه ويجهڙو آهي“.تڏهن ته سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز هيٺين ريت لکيو آهي ته : يارب! مون کي پوپٽ جا پر ڏي ته ٻار جي ننڊ ۾ تري وڃان! ٻار جي ننڊ جا ڪؤثر ۽ تسنيم جي نهر وانگر هوندي آهي. يارب! مون کي ڀئَور جي گنجار ڏي، جا خوشبوءَ جي پينگھ ۾ لڏي. ۽ ڪيئي گل ان کي جهوٽا ڏين. يارب! مان تنهنجو! پنهنجيءَ چانئٽ کان مون کي پري نه ڪر. جنهن کان منهنجا چپ هٽي نه ٿا هٽڻ. هيءُ ڪتاب خاص طور جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن بابت ڪهاڻين تي مشتمل آهي، ڪهاڻين ۾ ”هرڻ جي چوري“، ”اڇي ڪبوتري“ ” ڪاري مڇي“، ”ڪوئل“، ”بيوقوف جهرڪو“، ”ٻليءَ جي دوستي“، ” گابڙو شاهد“ ۽ ٻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ کي خدا آگاهي، سچائي، صداقت ۽ همدرديءَ جهڙن جذبن جي ڄاڻ ملي ٿي، کين اها معلومات ملي ٿي ته ڪهڙا جانور دوستاڻي رويي جا آهن. ڪتو وفادار جانور آهي ته ڪبوتر امن جو پکي آهي، نازڪ پوپٽن کي جهلڻ نه گهرجي کين آزاد ڇڏجي ته ڀلي گلن جو رس چوسين، گل، وڻ ٽڻ ساوڪون پکي پکڻ ۽ جانور ڌرتيءَ جو حُسن ۽ ضرورت آهن، هيءُ هڪ بلڪل نرالو ۽ دلپذير ڪتاب آهي، جنهن جون سترنهن ئي ڪهاڻيون واقعي انوکيون ۽ دلچسپ آهن. ”ثاقب جي آئيسڪريم“ ڪتاب ۾ ” زهره جو روزو“، ” ڏاڍو گهر“، ”سونو ڪڪڙ“، ”پهرين تاريخ ۽ پڪوڙا“، ” استاد اسلم،، ” شرارت ۽ شيطاني“ ڪل ٻارنهن ڪهاڻيون آيل آهن، نامياري محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”ثاقب جي آئيسڪريم منهنجي نظر ۾ “ جي عنوان سان لکيل مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، ” هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جي شاهڪار ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، هن ڪتاب جي هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر پروين عقل ۽ ڏاهپ جا ٻڪ ڀري وڌا آهن، ههڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا ته ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو“. تحقيق علم هڪ اهڙو زيور آهي جو ٻارن جي فطري ذهانت ۽ جسماني صلاحيتن کي اُڀاري کين سماج ۾ هڪ آزاد ۽ امن پسند شهري ٺاهي ٿو، چوهٺ صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب پڙهڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ جهڙو آهي. ڊاڪٽر پروين جي ”سهڻا سخن“ ڪتاب جا پنج باب آهن پهريون ۽ ٻيو باب اخلاقيات جي موضوع تي قرآن پاڪ جي آيتن جا ترجما ۽ حديثون آهن ته ٽئين باب ۾ خلفاءِ راشدين جا قول ۽ چوٿين ۾ دنيا جي عالمن، اديبن ۽ وڏين شخصيتن جا قول آهن، پنجين باب ۾ سنڌي ادب جا اهم سخن ڏنا اٿن، ٻارن لاءِ لکيل سهڻا سخن ڪتاب 92 صفحن تي مشتمل پنهنجو مٽ پاڻ آهي، محمود مغل هن ڪتاب جي خوبصورت مهاڳ ۾ کين ”سدا بهار ليکڪا“ سڏيو آهي. ”سونيون اشرفيون“ ڪتاب ۾ تيرهن ڪهاڻيون آهن، جنهن جو خوبصورت مهاڳ ٻالڪ ادب جي نامور ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکيو آهي،”ارباب جي هوشياري“۾ چوڏهن ڪهاڻيون آهن، جنهن تي مهاڳ ۽ ٻه اکر آپا مريم مجيدي ۽ ٻالڪ ادب جي ليکڪ بيخود بلوچ لکيا آهن،” ارباب جي هوشياري“، ”احسانمندي“، ” پاڻي نعمت آهي“، ” فرحان جي عقلمندي“، ”اچو ته وڻ بچايون“ ۽ ٻيون بهترين ڪهاڻيون آهن، جي نه فقط سبق آموز پر سنڌي سماج جي موجوده حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ هلندڙ دور جون جديد انداز جون ڪهاڻيون شمار ڪري سگهجن ٿيون. ”امر انسان“سوانحي مضمونن تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر پروين اسلام جي نامور شخصيتن ۽ ٻين نالي وارن دنيا جي فردن بابت مضمون لکيا آهن، هن ڪتاب جو مهاڳ شاعر مرحوم سرور نواز ٻگهيو لکيو آهي. ”انوکو رازو“ ۾ ڊاڪٽر صاحبه اردو ادب تان چونڊ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن جيئن ”انوکو رازو“، ”پريما ڪماري“، ”غيبي مدد“، ” چوٿون چور“، ۽ ٻيون آهن، ”اچوڙي ٻارو، راند جو وارو، اڪ جي ڪاٺي نم جا پاوا“ ٻاراڻي بيت مان عنوان چونڊي ڊاڪٽر پروين دِل وندرائيندڙ خوبصورت ڪهاڻيون سنڌي ”اچوڙي ٻارو“ ٻالڪن لاءِ لکيون آهن جي ”يتيم ڇوڪرو“، ”آخري اسٽيشن“، ”انٽرويو“، ”نڀاڳ ۽ سڀاڳ“، ”هنر بادشاهه آهي“، ۽ ٻيون آهن هيءُ ڪتاب منفرد ڪهاڻين تي مشتمل آهي. ”معلومات جو خزانو“ ڊاڪٽر صاحبه پنجن بابن تي مشتمل ترتيب ڏنو آهي، جنهن جي بابن ۾ ”دين جي معلومات“، ” دنيا جي معلومات“ سائنسي معلومات ۽ ٻيا موضوع آهن. ”حڪايتون“ ڪتاب ۾ مشهور شخصيتن ، جيئن شيخ سعدي، خليفو هارون رشيد، مالڪ بن دينار، شاهه عبدالطيف، وتايو ولي ۽ ٻين جون حڪايتون شامل آهن. ان کانسواءِ ”ڀت تي جهرڪي“، ”پکراج پري“ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب سندن قلم جي جنبش هيٺ مڪمل ٿيڻ لاءِ موجود آهن، ڊاڪٽر پروين هڪ اهڙي قلمڪارا آهي، جنهن قلم سان سچائيءَ ۽ بي لوث محبت جو رشتو قائم رکيو آهي، سندس سفر جاري ۽ ساري آهي. اھڙن ادب پرورن لاءِ سنڌ جو عوامي شاعر ڪجھ هن ريت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته : جي درد دل اُماس ڪري، روشني ڪجي، سِڪ، سونهن لاءِ لاٽ سچي، زندگي ڪجي. ٿو دوستيءَ جو دنگ وڏو دائرو رکي، هر درد مند سان وڌي دوستي ڪجي. (استاد بخاري)