"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (13) سائين محمد دائود نهڙيو مرحوم تحرير : عبدالله جروار منھنجي پرائمري تعليم ته منهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿي. مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ لاء سائين شفيع محمد جروار مرحوم جي ڪوششن سان قائم ٿيل برانچ مڊل اسڪول داد جروار وڃڻ ٿيو. جتي ڇهين ڪلاس کي ته اڪيلي سر سائين غلام قادر مرحوم پڙهايو پر ستين ۽ اٺين ڪلاس کي پڙهائڻ لاء سائين شفيع محمد مرحوم جن استادن کي آندو انهن ۾ سائين تيرٿ داس اميداڻي، سائين محمد دائود نهڙي مرحوم ، سائين محمد حسين جمالي، سائين شهاب الدين جمالي صاحب هئا. جن جي رهائش ۽ خدمت جو ذميون سائين شفيع محمد مرحوم پاڻ کنيو هو ( الله پاڪ سندن هن نيڪ عمل تي جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين) سائين محمد دائود نهڙي مرحوم جو احوال ڪجھ هن طرح آهي. سائين محمد دائود صاحب عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ "گراڙيو" ۾ شادمان خان نهڙي جي گهر ۾ تاريخ 03 جنوري 1944ع تي جنم ورتو. جڏهن پڙهڻ جي وهي پهتا ته کين ٽنڊي الهيار ضلع تاريخي ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ ميان قاضي محمد رحيم جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ خاطر داخل ڪرايو ويو ۽ ان سان گڏ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ خاطر پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ بعد کيس ٽنڊي الهيار ۾ ميان عزيز الله عرف پوڙهي ميمڻ جي رهائشگاھ تي رهيا. هاء اسڪول ٽنڊي الهيار مان ئي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. مئٽرڪ پاس ڪرڻ جي بنياد کيس پرائمري ماستري جو آرڊر مليو. ان سان گڏ خانگي طور پنهنجي تعليم جاري رکيائون. ان عرصي دوران کين برانچ مڊل اسڪول داد جروار ۾ رکيو ويو جتي پڻ پنهنجا فرض بهتر نموني ادا ڪيائون. بعد ۾ هاء اسڪول ٽيچر طور پروموشن ملڻ تي پهريائين هاء اسڪول مبارڪ جروار ۾ رهيا. بعد ۾ سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن ٿيا. جتي پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نباهيائون. سپروائيزر ايڊيوڪيشن هجڻ دوران ڪجھ عرصي لاء انچارج سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر پڻ رهيا. سندن نوڪري جا باقي سال گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ استاد طور گذريا. جتان ئي سندن رٽائرمينٽ ٿي. سائين محمد دائود نهڙي مرحوم ايماندار فرض شناس استاد ۽ آفيسر رهيا. سائين جي محنت ڪوشش سندن ڪيترائي شاگرد اعلي ا عهدن تي پهتا. سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن هئڻ ٻارن جا امتحان سختي سان ورتائون. امتحان ڪا به رعايت نه ڪندا هئا. استادن کان پڇاڻو ڪرڻ کين ذميواري جو احساس ڏيارڻ ڪري ان وقت جو تعليمي ماحول تمام بهتر رهيو. سائين محمد دائود جروار برداري جي سمورن ڳوٺن ۾ رهيو. سندن حياتي پڇاڙڪا سال ڳوٺ مٺو جروار ۾ سائين غلام نبي جروار مرحوم سيٺ عبدالرحمان جروار وارن وٽ گذريا. جتي سندن رهائش هئي. کين حج جي سعادت پڻ نصيب ٿي. پاڻ نيڪ نمازي پرهيزگار انسان هئا. هر هڪ کي سٺي ڪم ڪرڻ سٺي انسان ٿيڻ جي تلقين ڪندا. اڪثر ڪري دنيا جي خرافات گلا غيبت کان پري رهيا. مون کي به سائين وٽ پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي. سائين کي سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن هجڻ ڪري سڄو ٽنڊو الهيار ضلع گهمڻ جو موقعو مليو. ان ڪري ٽنڊي الهيار ۾ تعليم سان لاڳاپيل شاگرد ۽ استادن ۾ سائين جي سڃاڻپ هئي. جنهن سائين وٽ پرائمري امتحان ڏيندڙ شاگرد کين سٺن لفظن س ان ياد ڪن ٿا. ڪافي عرصي گذرڻ بعد اڄ به جڏهن ٽنڊي الهيار جي تعليم جو ذڪر ٿئي ٿو ته سائين محمد دائود کي ياد ڪيو وڃي ٿو. "دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس " (هن مضمون لکڻ سائين محمد اسحاق جروار صاحب جي لکيل مضمون مان پڻ مدد ورتي وئي آهي)