" ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (14) سائين محمد رحيم خاصخيلي مرحوم ڳوٺ مٺو خاصخيلي تعقو چمبڙ ضلع ٽنڊوالهيار تحرير : عبدالله جروار سائين محمد رحيم خاصخيلي مرحوم درويش صفت انسان هو اسان جي وڏڙن جي قائم ڪيل ملا مڪتب اسڪول ۾ پڙهيو جتان سائين محمد عثمان ڀٽي صاحب مرحوم جي نگراني ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائون. سائين محمد عثمان ڀٽي صاحب جن پنهنجي وقت جا قابل ۽ مڃيل استاد هئا. جنهن ڪري ان وقت جا پڙهيل لکيل ماڻهو پنهنجي اولاد کي سائين محمد عثمان وٽ ئي سنڌي فائنل پڙهڻ لاءِ ڇڏيندا هئا. سائين محمد رحيم کي سنڌي فائنل امتحان پاس ڪرڻ کان پوء ماستري جي نوڪري ملي. هن اسڪول ۾ سائين ڪيترائي سال استاد رهيو. مون کي به سائين وٽ ٽيو درجو سنڌي پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي. سائين انتهائي ساڌو مزاج ۾ درويش صفت انسان هو. پنهنجي ڊيوٽي فرض ايمانداري سان بجا آندائون. هي باقي تفصيل منهنجي ڀاڻيجي اڪبر علي گڏ ڪيا آهن. سائين محمد رحيم ولد حاجي حسين خاصخيلي: سندن جنم پهرين جون 1932ع تي ڳوٺ مٺو خاصخيلي ۾ ٿيو پهرين جولاء 1942ع تي مڪتب صاحب خان جروار ۾ داخل ٿيا ۽ 24 سيپٽمبر 1951ع تي سنڌي فائنل پاس ڪيائون، جنهن جي فقط هڪ مهيني کانپوء يعني 27 آڪٽوبر 1951ع تي کين سرڪاري استاد طور مقرر ڪيو ويو، پاڻ سينئر ورنيڪيولر جي ٻه ساله ٽريننگ 1957ع ۾ ڪئي، پاڻ 18ڊسمبر 1957ع تي بدلي ٿي مسلم اسڪول صاحب خان جروار ۾ آيا جتي اٺ سال تعليم ڏيڻ کانپوء جنوري 1965ع تي بدلي ٿيا ۽ سال 1968ع تي واپس آيا. پاڻ مسلم اسڪول صاحب خان جروار، مسلم اسڪول منٺار ٿيٻو، مسلم اسڪول ڌڱاڻو بوزدار ، پرائمري اسڪول الهه بخش جروار ، پرائمري اسڪول مٺو خاصخيلي سميت مختلف اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ کانپوء سال 1997ع تي رٽائر ٿيا، سندن وفات فيبروري 2006ع ۾ ٿي.