عبدﷲ جروار
سينيئر رڪن
" ٻري جن باري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان.
سلسلي جي ڪڙي نمبر (12)
سائين ڌڻي بخش خاصخيلي مرحوم
ڳوٺ مٺو خاصخيلي تعلقہ چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار
تحرير : اڪبر علي جروار
سائين ڌڻي بخش ولد الهه بچايو خاصخيلي: سندس جنم 1935ع تي ڳوٺ مٺو خاصخيلي ۾ ٿيو، پاڻ جنوري 1946ع تي ملا مڪتب اسڪول صاحب خان جروار ۾ داخل ٿيا. جتي ناليواري استاد سائين محمد عثمان ڀٽي صاحب جن جي نگراني ۾ جولاءِ 1952ع تي سنڌي فائنل پاس ڪيائون. جنهن کانپوءِ جلدئي کين سرڪاري استاد طور نوڪري ملي، پاڻ ايس وي جي ٽريننگ 1958ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائون، سندس پهرين مقرري برانچ اسڪول شير خان مري لڳ نانگناء شاخ ۾ ٿي جنهن کانپوءِ مسلم اسڪول خان محمد لغاري، گورنمينٽ پرائمري اسڪول خدابخش ٿيٻو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاد مان جروار، پرائمري اسڪول الهه ڏنو ساند ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام حسين لغاري، پرائمري اسڪول داد جروار، پرائمري اسڪول محمد علي پرهياڙ ۾ پڙهايائون جنهن بعد سندن ڳوٺ مٺو خاصخيلي ۾ مسلم اسڪول محمد علي پرهياڙ جي برانچ تحت پرائمري اسڪول کليو. جتان بدلي ٿي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ آيا جتان پنهنجي سروس پوري ڪري سال 1995ع ۾ رٽائرنمنٽ ورتائون. سائين ڌڻي بخش خاصخيلي جي وفات 31 آڪٽوبر 2021ع تي ٿي