ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان (11)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سلسلي جي ڪڙي نمبر (11)
    سائين محمد اسحاق جروار
    ڳوٺ مبارڪ جروار ضلع ٽنڊوالهيار

    هونئن ته سموري سنڌ سون آهي. هر ماڳ مڪان جي پنهنجي خوشبوءِ آهي. هر ڳوٺ شهر ۾ املھ ماڻڪ شخصيتون موجود هونديون. جن کي ڪنهن جوهري جي نظر پرکي سگهي ٿي. اهڙن ئي انمول هيرن مثل ماڻهن ۾ سائين محمد اسحاق جروار صاحب آهي. جنهن جو تعلق جروار برادري جي ان ڳوٺ سان آهي. جنهن ڳوٺ جا رهواسي علم جي حاصلات ۾ گهڻو اڳتي آهن. هن ڳوٺ ۽ آس پاس جي سڄاڻ شخصيتن جي ڏنل قربانين جي نتيجي ۾ هتي هڪ درسگاه قائم ٿي چڪي آهي.
    سائين محمد اسحاق جروار جن جو جنم 22 ڊسمبر 1954ع تي هن تاريخي ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس خاندان وچولي طبقي جو زميندار هو. سائين پنهنجي ابتدائي تعليم مبارڪ جروار ۽ ئي حاصل ڪئي. جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي مان 1972ع ۾ پاس ڪيو. انٽرميڊيئٽ ايس ايم ڪاليج مان ۽ 1978 ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. سائين محمد اسحاق 1974ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان پهريون اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول اسماعيل مهراڻي جوائن ڪيو. اهو اسڪول سندس ڳوٺ کان ڪافي پري هئڻ اسڪول ۾ رهائش اختيار ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏني. بعد ۾ سال 1986 ع سائين کي جي ايس ٽي مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿي. سائين کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول لنواري شريف بدين ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي سائين وڏي عرصي تائين تعليم ڏني. بعد 2007ع ۾ هيڊ ماستر طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪ جروار ۾ مقرر ڪيو ويو.
    سائين محمد اسحاق جروار پنهنجي وقت جو بهترين استاد رهيو آهي. وقت تي اسڪول پهچڻ پنهنجا پيرڊ وٺڻ پڙهائي ڏانهن دلچسپي رکڻ سمورو اسٽاف پابندي سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندو آيو آهي. هاڻ ته سائين محمد اسحاق جروار جا ڪافي شاگرد پڻ هن اسڪول ۽ استاد مقرر ٿي پنهنجا فرض نباهي رهيا آهن. جڏهن هن اسڪول ٻاهران پري کان ايندڙ استادن جي ماني وغيره ڪو بندوبست به سائين وٽ هوندو. انتهائي محنتي جفاڪش استاد ۽ منتظم رهيا آهن. شاگردن جي تعليمي مسئلن کي سنجيدگي سان سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ سائين جي دلچسپي جو اهڃاڻ آهي. هن اسڪول ۾ سائين محمد اسحاق جروار ۽ ٻين استادن توڙي ڳوٺاڻن جي ڪوشش سان بهتر تعليمي ماحول جڙيو آهي جنهن ڪري ڳوٺ توڙي آس پاس جون سوين نياڻيون پڻ هن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. سائين محمد اسحاق جروار صاحب جي ڪوشش سان گذريل سال کان هن اسڪول کي هاير سيڪنڊري جو درجو ملي چڪو آهي. ان کان سواء نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو امتحاني سينٽر جو درجو شاگردن توڙي شاگردياڻين کي پنهنجي اسڪول ۾ امتحان ڏيڻ جي سهولت ملي آهي.
    سائين هر وقت ٻارڙن جي تعليم لاء ڪوشان رهيو آهي. 2014 ع پنهنجي رٽائرمينٽ بعد روزانو اسڪول پيرڊ وٺي پڙهائڻ اڄ سندس ذميوارين ۾ شامل آهي. هاء اسڪول مبارڪ جروار کان اڳ جي مڊل اسڪول جي بنياد پوڻ واري سال جي حساب سان پنجاھ سال پورا ٿيڻ شاندار تقريب سان گڏ "هاء اسڪول مبارڪ جروار جي تاريخ" نالي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اسڪول جي قائم ٿيڻ تي ڳوٺاڻن جي خدمتن کي ساراهيو ويو آهي. هن اسڪول ۾ تعليم حاصل اعلي ا عهدن تي پهچڻ واري شاگردن کي لکڻ جو موقعو ڏئي اسڪول جي يادگيرين کي ونڊڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب هن اسڪول ڳوٺ مبارڪ جروار ۽ آس پاس جي ماڻهن سميت علمي ادبي حلقن لاء هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جي ترتيب ڏيئي شايع ٿيڻ ۾ هتي جي معزز علمي شخصیت سائين محمد خان جروار "سرور" سائين جو ٻانهن ٻيلي رهيو آهي ان کان سواء پنهنجي هڪ شاگرد مسٽر اومو مل جيڪو پڻ هڪ اسڪول ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ٻه ڪتاب انگلش گرامر ۽ ڪمپوزيشن ۽ ٻيو ڏهين ڪلاس جي انگلش جي ڪتاب جي شاندار گائيڊ سنڌي ترجمي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جيڪو سمورو سائين جي علمي ڪم جو نچوڙ آهي. سماجي لحاظ کان سائين ڳوٺ راڄ برداري ۾ هر ڏک سک ۾ پير ڀريندو رهيو آهي. سائين محمد اسحاق بهترين استاد، هيڊ ماستر طور توڙي هڪ ڳوٺاڻي طور تعليم لاء جاکوڙيندڙ اهڙو فرد آهي جنهن جي خدمتن کي ساراھن کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. دعا آهي ته ﷲ پاڪ سائين کي سٺي صحت ۽ وڏي حياتي عطا فرمائي آمين.
    Adil Jarwar
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو