ليکڪ شرميلا فاروقي 21 جون 1953ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن هي خبر ملي ته الله پاڪ کيس هڪ ڌي سان نوازيو آهي. هو خوشي مان نه پئي ماپيو. گهر ۽ اسپتالن ۾ مٺايون ورهايون ويون هر طرف کان مبارڪباد جون آوازون اچي رهيون هيون. شهيد ڀٽو ان ڏينهن جي منظر ۽ احساسن کي مختلف تحريرن ۾ محفوظ ڪيو آهي. جنهن سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي لمحا سندس زندگي جي لاءِ ڪيڏا نه اهم هئا. انهي ڪري سندس ڌي جو نالو بينظير رکيائين سندس لاءِ دنيا ۾ سڀ کان پياري شيءَ ڌي کان وڌيڪ ڪا به نه هئي. پوءِ لکپت جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ ويهي ڪري شهيد ڀٽي بي نظير ڀٽو جي نالي خط لکيو ان ۾ هُو پنهنجي پنڪي ”منهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ“ لکي مخاطب ٿئي ٿو. ان خط ۾ شهيد ڀٽي جيڪي ڳالهيون لکيون ان سان محسوس ٿئي ٿو ته محترمه بينظير ڀٽو صرف سندس ڌي نه پر ساٿي پڻ هئي. شهيد ڀٽي جهڙي طرح زندگي کي سمجهيو ته اهڙي طرح هن پنهنجي ڌي کي زندگي جي فلسفي کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي سياست ڇا آهي ۽ ان مظلوم قوم کي آزادي جو رستو ڪهڙي طرح ڏيکارجي؟ شهيد ڀٽو ان حوالي سان پنهنجي سوچ ۽ نظريات ۾ پنهنجي وڏي ڌي کي حصيدار بڻايو. هن چيو ته آئون پنهنجي عوام جو هٿ تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو. انهي خط ۾ هن وڌيڪ لکيو ته انسان جي سڀ کان قيمتي شيءَ ان جي زندگي هوندي آهي. جڏهن اهو انسان هن فاني دنيا مان وڃي ته ان جو ضمير ايترومطمعن هجي ته هُن الله پاڪ جي ڏنل اها زندگي سڀ کان عظيم مقصد جي لاءِ گذاري. دنيا ڏٺو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سڀ کان پياري ۽ لاڏلي نياڻي سچ به بي نظير هئي. 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو دبئي کان ڪراچي جي لاءِ رواني ٿي ته گهڻن ماڻهن کيس مشورو ڏنو ٿي ته هوءَ وطن واپس نه وڃي. عوام دشمن قوت سندس جان جون دشمن آهن. دبئي ايئر پورٽ تي صحافين ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي زندگي ۽ منهنجي جان عوام جي امانت آهي، مان عوام جي ليڊر آهيان. منهنجو مرڻ ۽ جيئڻ پاڪستان جي غريب عوام جي لاءِ آهي. اڄ جمهوريت جي طرف هڪ سفر جو آغاز آهي. علامتي، طور تي هي هڪ تمام وڏو سفر آهي. هي پاڪستان جي 16 ڪروڙ عوام جو سفر آهي، انهي ۾ 16 ڪروڙ عوام جون تمام وڏيون اميدون آهن. محترمه بينظير ڀٽو عوام سان ڪيل انهي واعدي کي نڀائڻ جي لاءِ اچي رهي هئي جنهن جي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو هو. هو اٺ سالن جي جلاوطني کان پوءِ پنهنجي ڌرتي تي پير رکي رهي هئي. جتي سندس استقبال جي لاءِ 30 لک عوام جو هڪ سمنڊ سندس آجياڻي جي لاءِ پنهنجا نيڻ وڇائي بيٺل هو. جهاز ۾ صحافي کيس سوال ڪري رهيا ته توهان هن وقت ڇا محسوس ڪري رهيون آهيو؟ ته شهيد راڻي انتهائي خوشي ۽ اوسيئڙي واري انداز ۾ چوڻ لڳي ته پنهنجي عوام جي وچ ۾ پهچڻ کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي. آئون پنهنجي ڌرتي تي هڪ سفر جي پڄاڻي جي لاءِ نه پر هڪ نئين سفر جي شروعات جي لاءِ قدم رکڻ وڃي رهي آهيان. زماني ڏٺو ته شهيد راڻي وطن موٽي ۽ پنهنجن جي ئي وچ ۾ انسان ذات جي ڀلائي جي عظيم مقصد تي قربان ٿي وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انهي ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته سندس شهادت کان پوءِ عالمي، ملڪي ۽ علائقائي حالتون ڪهڙي طرح تبديل ٿينديون. جڏهن کين جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ اخبارون به نه ڏنيون وينديون هيون، جڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي تائين به سندس پهچ نه هئي ته هو جيل جي عملدارن کان پڇاڻو ڪندو هو ته ڇا سوويت يونين افغانستان تي حملو ڪري ڏنو آهي. جيل جا عملدار سندس انهي ڳالهه تي کلندا هئا. کين ڇا خبر ته جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ ويٺل هڪ قيدي مستقبل ۾ ٿيندڙ واقعن کي سندس دور انديش نظر سان ڏسي رهيو آهي. شهيد ڀٽي کي اهو به يقين هو ته ضياءِ الحق کي آمريڪا ڇو آندو آهي ۽ ڪهڙي طرح پاڪستان ۾ سامراجي مفادن جي لاءِ جنگ واري صورتحال بڻائي پئي وڃي. هو اهو ڄاڻيندو هو ته مستقبل ويجهڙائي ۾ پاڪستان جا حالات جمهوري قوتن جي لاءِ ڪهڙي طرح خطرناڪ هوندا. انهي جي ڏسو صفحو 7 باوجود ذوالفقار علي ڀٽي ساڳي ڪال ڪوٺڙي ۾ پنهنجي جانشين نياڻي کي اهو لکي هڪ تمام وڏي ذميواري حوالي ڪئي ته آئون پنهنجي عوام جو هٿ تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو. آسمان ڏٺو ته محترمه بي نظير کي اڳتي هلي جن حالتن جو منهن ڏسڻو پيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان جو صرف خيال ۽ تصور ڪري پئي سگهيو. 1967ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو ته عالمي صورتحال پنهنجي عروج تي هئي. عالمي سامراجي قوتن جي طرح پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ عوام سان دشمني واري صورتحال ۾ هئي. جمهوريت پسند اڳواڻن کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا هئا. وڌ ۾ وڌ اهو ٿيندو جيڪو شهيد ڀٽي سان ٿيو، مطلب جيڪو شهيد ڀٽي کي عدالت ذريعي قتل ڪرايو ويو. عوامي ميڙاڪن لٺيون وسايون وينديون هيون. ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويندو هو ايتري قدر جو گوليون به هلايون وينديون هيون. هاڻ ته ماڻهن کي اندازو ٿي ويو هو ته رياست جي طاقت ڇا آهي ۽ جنهن جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو پر محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد جو پورو دور انتهائي پيچيده ۽ خطرناڪ هو. ڀٽو صاحب جي شهادت کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ اهڙو پاڪستان مليو جيڪو افغانستان تي سووويت يونين جي حملي کان پوءِ دهشتگردي ۽ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو هو. ڊالر جي طاقت سان اٻوجهه ماڻهن کي انتهاپسندي جي طرف ڇڪيو پيو وڃي. هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف پاڪستاني سماج جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا هئا. پورو ملڪ بم ڌماڪن سان سڙي رهيو هو. 1988ع جڏهن شهيد بينظير ڀٽو واپس آئي ته پاڪستان آمريڪا جي جنگ ۾ مڪمل طور تي ڦاسي چڪو هو جڏهن ته عوام ۽ قومي جمهوري قوتن کي ڪا صحيح راهه نظر نه اچي رهي هئي. ٻيو ڀيرو جڏهن 2007ع ۾ شهيد راڻي 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس آئي ته آمريڪا ۽ انتها پسند ظاهري طور تي هڪ ٻئي جي سامهون جنگ واري صورتحال ۾ هئا. هن جنگ سان نه صرف پاڪستان جي جهموري قوتن کي دٻائڻ جو ڪردار هلي رهيو هو پر پاڪستان کي تهذيبي بحران ۾ به وجهي ڇڏيو هو. انهي مشڪل وقت شهيد راڻي پنهنجي ۽ هڪ عظيم جهموري ليڊر سان ڪيل وچن کي ورجايو ۽ سندس نقش قدم واري ڪردار کي سامهون آندو. 21 جون 1953ع جهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو خوش هئا تهڙي طرح جيڪڏهن هو 27 ڊسمبر 2007ع تي هجن ها ته سندس سڀ کان پياري وڌيڪ نياڻي جي شهادت تي ماتم ڪن ها. عوام سان جان به ڏيڻ جو ڪيل وچن پورو ٿيندو ڏسن ها ۽ هڪ ٻيو باب به پنهنجي اکين سان ڏسن ها. جهڙي طرح اڄوڪي سالگرهه تي پاڪستان جو 16 ڪروڙ عوام سندس سالگرهه تي ڳوڙهن سان ملهائي رهيو آهي هو کيس ڳوڙهن سان ڀيٽا ڏئي ها.