ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان (10)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    " ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سلسلي جي ڪڙي نمبر (10)سائين حاجي محمد سومار گهراڻو مرحوم
    تحرير : عبدالله جروار

    نصرپور ٽنڊي الهيار ضلع جو تاريخي شهر آهي. هي شهر ڪيترن حوالن کان مشهور آهي. ڪنهن زماني ۾ درياء سنڌ جي ڪناري هن آباد شهر وڏو واپاري مرڪز هو ان وقت واپار ٻيڙين رستي ٿيندو هو. هتي جو ڪپڙو، کيس، لونگيون، گربي توڙي اجرڪون گهڻيون مشهور هيون، ڪاشي جو شاندار تاريخي ڪم ڪنهن زماني کان اڄ به ٿي رهيو آهي. نصرپور جي کيرپڙا مشهور آهن. اهڙي طرح هن شهر ۾ ناليوارين شخصيتن جنم ورتو جن ڪافين جو بادشاھ مصري شاه، ٻيا ڪيترائي بزرگ اولياء الله نيڪ ٻانها هن شهر ۾ مدفون آهن. تعليمي، سياسي سماجي خدمتن جي ميدان تي هتي جي شخصيتن پاڻ ملهايو آهي جن ۾ سائين قاضي عبداللطيف قاضي عبدالمجيد، سائين محمد طيب ابڙو صاحب هن علائقي جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ هو. سائين يوسف شاڪر ابڙو، سائين سعدالله سپاهي، سائين خليل الرحمان دائود پوٽو ، گل نصرپوري ، سائين درٻار علي شاھ، سائين مريد شاھ، سائين اميد علي شاھ ، سائين امان الله دائود پوٽو، سائين خادم گهراڻو. ناليوارو استاد علمي ادبي شخصيت سائين برڪت ابڙو صاحب. اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل ناميارو استاد سائين حاجي محمد سومار گهراڻو.
    سائين حاجي محمد سومار گهراڻي جو جنم 1932 ع ۾ نصرپور ۾ ٿيو. سنڌي فائنل امتحان پاس ڪرڻ کان پوء سائين کي پرائمري ماستري جي نوڪري ملي. سائين جي پهرين اسڪول جي ته خبر ناهي پر سائين پيارو لنڊ، پرائمري اسڪول مڪو فارم، نزد پيارو لنڊ، پرائمري اسڪول شير خان لنڊ، پرائمري اسڪول شاديون ولھار، مين پرائمري ميمڻ محلو نصرپور ۾ هيڊ ماستر رهيا جتان رٽائرڊ ٿيا.
    سائين پنهنجي مزاج ۽ سڌي ۽ کري ڳالھ ڪرڻ وارا انسان هئا. استادن جي تنظيم قائم ڪرڻ ۾ سندن اهم ڪردار هو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان هئا. پاڻ ڪيترائي هالا سب ڊويزن جا صدر چونڊيا ويا. پنهنجي ان عهدي جانفشاني سان ڪم ڪيائون. استادن ۾ سندن وڏي عزت ۽ مان مرتبو هو.
    سائين بنيادي طور مذهبي فڪر رکندڙ هئا سائين قصيده، حمد، نعت، ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري ۾ مزاحيه شاعري به ٻڌائيندا هئا. سائين حاجي محمد سومار پنج يا دفعا حج ادا ڪرڻ جي سعادت ماڻي هئي. ان کان علاوه هڪ دفعو ايران ۽ عراق زيارت تي به ويا هئا. اسان جي وڏڙن سان سائين جو پراڻو تعلق هو. بابا سائين جا حج جا رفيق هئا. پراڻي زماني مقامي عازمين حج جي فارم ڀرڻ کان ويندي بحري جهاز ۾ کين سفر حجاز موڪلڻ تائين ماڻهن جي مدد ڪندا. پاڻ زماني شناس انسان هئا. جن دنيا پنهنجي انداز سان ڏٺو. قاعدي ۽ اصول جا پختا انسان هئا.
    وڏي عمر ۾ کين قرآن شريف حفظ ڪرڻ جو شوق جاڳيو. جنهن ۾ تقريبن 22 سيپارا قرآن شريف جا حفظ ڪيائون. وڏي عمر پيري ۽ ڪمزوري سبب وڌيڪ ياد نه ڪري سگهيا.
    سائين جي فرزندن سائين سچل ۽ سائين عبدالعزيز ب پرائمري استاد رهيا.
    پاڻ نصرپور ۾ مقامي مسجد ۾ ويھ سال موذن ۽ پيش امامت ڪيائون.
    سائين حاجي سومار گهراڻي صاحب جي وفات 28 مارچ 2008 ع تي ٿي. سندن آخري آرام گاھ مخوم ميون ڏنو قبرستان آهي.
    سائين مثالي استاد ۽ سماجي خدمتگار هئا. دعا آهي ته ﷲ پاڪ سائين جن کي جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين.
    #nasarpur
    Sain Barkatabro Karimi
    Rehan Abro
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو