ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان (09)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سلسلي جي ڪڙي (9)
    سائين غلام قادر جروار مرحوم
    ڳوٺ داد جروار تعلقه چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    منهنجي خوشنصيبي جو مون کي انهن استادن وٽ پڙهڻ جو موقعو مليو. جيڪي تمام سادگي پسند، مزاج ۾ ٿڌا ۽ علم ۾ گوهر هئا. پهريون ٻيو ڪلاس سائين شاھ علي خان لنڊ ۽ ٽيو ڪلاس سائين محمد رحيم خاصخيلي مرحوم ۽ چوٿون ۽ پنجون ڪلاس بابا سائين وٽ پڙهيس.
    1971ع ۾ پنجون پاس ڪيم ان وقت ملڪ تي جنگ جا ڪڪر ڇانيل هئا. ان ڪري اسڪول توڙي تعليمي ماحول به ڪجھ ڊسٽرب رهيو. 1972ع ۾ انگريزي پڙهڻ لاء بابا سائين فڪرمند هو ڪٿي پڙهڻ لاء ڇڏجي. ان دوران ئي ڳوٺ داد جروار ۾ سائين شفيع محمد مرحوم جي ڪوششن سان برانچ مڊل اسڪول کلڻ جي نويد پهتي. جنهن تي بابا کي يقينن خوشي ٿي هوندي پر مون کي گهڻي خوشي ٿي. جو ڳوٺ داد جروار منهنجي نانئ جو ڳوٺ هو. اهڙي طرح برانچ مڊل اسڪول داد جروار ۾ داخلا ملي. برانچ مڊل اسڪول داد جروار ان وقت مڊل اسڪول چمبڙ جي برانچ هئي. هي 1971ع ۾ کليل برانچ مڊل اسڪول داد جروار جو ٻيو دور هو. هن کان اڳ ۾ داد جروار ۾ مڊل اسڪول ڪجھ عرصو هليو هو بعد ۾ بند ٿي ويو.
    مڊل اسڪول داد جروار ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس. اتي في الحال پڙهائڻ جو ذميواريون سائين غلام قادر جروار جي حوالي هيون. منهنجي ڪلاس فيلوز ۾ سائين معظم علي جروار، غلام رسول جروار ( سائين رفيق جروار جو ڀاء) احمد علي ۽ عبدالله لغاري ( هي ٻئي ڀائر حاجي شير محمد لغاري جا فرزند هئا) رئيس غلام قادر لنڊ ۽ سندس ڀاء خالد خان لنڊ ( هي ڀائر رئيس حاجي دريا خان لنڊ جا فرزند) چوڌري رحمت الله آرائين جو فرزند خورشيد احمد آرائين، مولوي مشتاق لنڊ، غلام رسول لنڊ، قاسم لنڊ ، عبداللطيف لنڊ ، عبدالمجيد لنڊ ، بهرحال ڪافي ٻيا به دوست هئا.
    سائين غلام قادر مرحوم بهترين درويش صفت انسان سڄو ڏينهن بنا ڪنهن ناغي جي پڙهائيندا هئا. رڳو رسيس جو وقفو ڪندا هئا. اسان کي اي بي سي کان پڙهائڻ شروع ڪيائين. وڏي اي بي سي، ننڍي اي بي سي، گلڻ واري اي بي سي، گڏيل اي بي سي کان ويندي ڪتاب تائين ۽ واري واري سان ٻيا سبجيڪٽ به وٺندا هئا. ان وقت پرائمري ۾ انگريزي نه پڙهائي ويندي هئي. نه پرائمري اسڪول ۾ فيئر ڪاپين جو رواج هو. پنجين تائين سليٽ تي لکپڙه ٿيندي هئي. سمورو لکڻ جو ڪم سليٽ تي ڪيو ويندو هو.
    سچ پچ ته اسان اڻ گهڙيل ڪاٺن کي سوڌي سنواري پڙهڻ جي قابل هنن محبتي ۽ محنتي استادن بڻايو. اسڪول جي ڪچي جاء هڪ ڪمرو جنهن ۾ نه بجلي وغيره نه ئي ڪو پٽيوالو وغيره نه پر هڪ پڙهڻ پڙهائڻ جو جنون هو. جيڪو استادن ۽ شاگردن کي هو. استاد پڙهائڻ ۾ يڪتا هئا. ته شاگردن محنت ۾ وسان نه گهٽايو. سائين غلام قادر مرحوم هڪ محنتي قابل ۽ سادو انسان هو. سندس سموري زندگي سادگي سان گذري. سائين جي جنم جي تاريخ ته نه ملي سگهي. سائين جي ڪيل تعليمي خدمتن تي کيس اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو.

    ( ڳوٺ داد جروار ۾ سائين غلام قادر جروار نالي ٻه استاد رهيا آهن. ٻيو سائين غلام قادر جروار اصل ڳوٺ داد جروار جو جيڪو بعد ۾ ڳوٺ مٺو جروار ۾ رهيو)

    Mumtaz Jarwar
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو