ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان (8)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سلسلي جي ڪڙي نمبر (8)
    سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم
    تحرير : عبدالله جروار

    بڪيرا شريف ضلع ٽنڊي الهيار جو تاريخي اهميت وڏو ڪاروباري مرڪز آهي. هن شهر جي شهرت جو سبب اولياء ڪرام جو درگاهون، ٻيو شهر جو وڏي دڙي تي قائم هجڻ آهي. جنهن اسرار کي اڄ تائين ڪو سمجهي نه سگهيو آهي. هن شهر جو اصل حصو هڪ قديم دڙي تي قائم آهي. جيڪو عام زمين سطح کان تقريبن 15 کان ويهن فوٽن جي اوچائي تي آهي. هن شهر ۾ آبادي جي وڌڻ ڪري دڙي کان هيٺ به وڏي حصي تي شهر آباد ٿي چڪو آهي. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي علمي ادبي شخصيتون رهيون آهن. اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪنداسين اهو آهي ناليوارو استاد سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم. سائين محمد اسماعيل پنهنجي وقت جو بهترين استاد ۽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف جو هيڊ ماستر. سائين جو تعلق هن شهر جي وڏي برادري قنبراڻي سان هو. قنبراڻي برادري جي ماڻهن جو پنهنجو مزاج آهي. اڳوڻي دور ۾ اڪثريت تعليم کان پري رهي آهي. پر تنهن هوندي به سائين محمد اسماعيل قنبراڻي ۽ سائين لقمان قنبراڻي جهڙا هيرا پڙهي استاد جي منصب تي پهتا. اڄ هن برادري جا ڪافي نوجوان پڙهي نوڪريون ڪن پيا. هاڻ اڳي جي ڀيٽ ۾ سندن دلچسپي تعليم جي حاصلات ۾ گهڻي وڌي آهي.
    سائين محمد اسماعيل قنبراڻي جن 07 جولاء 1920ع تي بڪيرا شريف شهر ۾ الھ بچائي قنبراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سائين جن جي سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ تي کين 1944 ع ۾ بطور استاد نوڪري جو آرڊر مليو. ان وقت سائين جو پگهار صرف ٽيھ روپيا هو. سائين محمد اسماعيل محنتي، جفاڪش تعليم لاء جاکوڙيندڙ انسان هو. سائين جا ڪيترائي شاگرد ٻڌائين ٿا ته سائين روزانو قميص جو کيسو کٽمٺڙن سان ڀري ايندو هو. جيڪي ٻارن ۾ رهائيندو هو. جيئن ٻارڙن کي ترغيب ملي شوق مان اسڪول اچن. ان زماني بڪيرا شريف پرائمري اسڪول جي ڪچي عمارت هئي. جنهن جا ڪمرا ڪشادا ۽ وڏا ويڪرا هئا. ان ڏينهن بجلي وغيره نه هئي تنهن هوندي به ڪمرا هوادار ۽ انهن ۾ مناسب روشني هوندي هئي. سائين اسماعيل جي ڪوششن سان اسڪول کي وسيع عريض پلاٽ مليو. جنهن تي پرائمري اسڪول بوائز جي عمارت ٺهي. اڳيان پلاٽ جو هڪ حصو گرلس پرائمري اسڪول لاء مختص ڪيو ويو. جنهن تي اڄ گرلس پرائمري اسڪول بڪيرا شريف اپ گريڊ ٿي ويو جيڪو شاندار عمارت ۾ گرلس هاء اسڪول بڪيرا شريف هلي رهيو آهي. جنهن ۾ اڄ بڪيرا شريف ۽ آس پاس جو سوين نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون. جڏهن ته گرلس هاء اسڪول بڪيرا شريف جي ڏکڻ طرف سائين اسماعيل جي ڪوششن سان قائم ٿيل مڊل اسڪول اڄ اپ گريڊ ٿي هاير سيڪنڊري اسڪول جي حيثيت ماڻي چڪو آهي. هي سمورا تعليمي ادارا سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم جي ڪوشش سان قائم ٿيا. شهر جي پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ سائين جي شاگردن جي اڪثريت هئڻ ڪري انهن به سائين جو ڀرپور ساٿ ڏنو.
    سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم رٽائرڊ ٿي وڃڻ کان پوء به روزانو ڪڏهن هڪ اڌ ڏينهن جي وقفي سان آسڪول جو چڪر ضرور لڳائيندو هو. جنهن سان ائين محسوس ٿيندو هو ته سائين جو جسم عمر جي لحاظ کان ڪمزور ٿي چڪو آهي پر سندس روح اسڪول ۽ ٻارن سان اٽڪيل آهي. سائين ڪافي سال اڳ وفات ڪري ويو آهي. سائين هڪ عظيم انسان هو جنهن سموري زندگي تعليم ڏيندي ۽ علم پکيڙڻ جي جاکوڙ ڪندي گذاري. سائين کي بڪيرا شريف جو "محمد صديق مسافر " چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اڄ به بڪيرا شريف ۾ تعليم ۽ علم جي حوالي سان ذڪر ٿئي ٿو. سائين جي يادگيري ضرور ايندي آهي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو