ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان (7)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سائين عبدالعزيز خاصخيلي مرحوم
    ڳوٺ بچل خاصخيلي تعلقہ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار
    ٽنڊي الهيار جي ناميارن استادن جي مڃتا طور شروع ڪيل هن سلسلي ۾ جنهن شخصيت کي ياد ڪري رهيا آهيون. اهو ئي سائين عبدالعزيز خاصخيلي مرحوم.
    سائين عبدالعزيز خاصخيلي مرحوم جن جو جنم 1932 ع ۾ ڳوٺ بچل خاصخيلي نزد ڪوارٽر اسٽاپ تي ٿيو. سائين ابتدائي تعليم ڪامارو شريف ۾ حاصل ڪئي. جتي سندن ڪلاس فيلو سائين پير اسماعيل صادق قريشي ۽ سائين پير خليل قريشي جن هئا. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوء سائين عبدالعزيز کي پرائمري استاد جي نوڪري ملي سندن پهرين پوسٽنگ ڳوٺ غلام حسين لنڊ ۾ ٿي. سائين بھترين انسان منهنجي چاچا سائين حاجي محمد عثمان جروار سان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ گڏ ٽريننگ ڪئي هئي چاچا سان سائين جو محبت جو رشتو آخر تائين رهيو. سندن فرزند سائين عبدالڪريم به چاچا جي تما گهڻي عزت ڪندو هو.
    سائين عبدالعزيز خاصخيلي صاحب جن وڏي عرصي تائين قديم ڳوٺ غلام حسين لنڊ ۾ پڙهايو هو. بعد ۾ 1966 ع ۾ سندن ڳوٺ بچل خاصخيلي ۾ پرائمري اسڪول کلڻ تي سائين کي پرائمري بچل خاصخيلي ۾ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ سائين کي پرائمري اسڪول ڀٽ ڀائٽي ضلع ٿرپارڪر ۾ بدلي ڪيو ويو. ڪافي عرصو ڀٽ ڀائٽي ۾ تعليم ڏنائون. جتان سندن بدلي پرائمري اسڪول جهلوري لڳ ميرپورخاص ۾ ٿي. جتان بعد ۾ تعلقي ماستر ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو. جتان 1981ع ۾ رٽائرڊ ٿيا. سائين عبدالعزيز خاصخيلي جن جي سال 1987 ع ۾ وفات ٿي.
    سائين جي فرزندن ۾ سائين عبدالڪريم خاصخيلي مرحوم ڪلارڪ طور ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار ۾ نوڪري ڪئي سندن نوڪري ڳچ عرصو ايس ڊي اي او آفيس ٽنڊو الهيار. ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيس سپرنٽنڊنٽ رهيا. سائين عبدالڪريم خاصخيلي انتهائي محبتي ماڻهو هئا. شال 2006ع ۾ سندن وفات ٿي.
    سائين جو ٻيو نمبر فرزند سائين ڪريم بخش خاصخيلي بطور ايڇ ايس ٽي گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن. سندن شمار بهترين محنتي استادن ۾ ٿئي ٿو. گسٽا ضلع ٽنڊي الهيار جي صدر سائين ميهار خان خاصخيلي جن جو ڳوٺ به بچل خاصخيلي آهي.
    سائين عبدالعزيز خاصخيلي مرحوم جن جون تصويرون ۽ معلومات ڊاڪٽر جاويد خاصخيلي ۽ سائين ڪريم بخش کان ملي.
    Mehar Ali Khaskheli
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو