ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سلسلي جي ڪڙي نمبر (5)
    سائين حاجي عبدالله جروار مرحوم
    ڳوٺ مبارڪ جروار ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    مون کي تاريخ توڙي يادن جا ورق ورائيندي خوشي ٿيندي آهي. جتي سموري سنڌ جا رهواسي تعليم جي حاصلات لاء ڪوشان هئا. اتي جروار برادري به پاڻ ملهايو. جروار برادري جي اڪثريت زراعت پيشه آهي. ڪي ماني مڇي وارا زميندار ته ننڍا آبادگار آهن اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪري رهيو آهي. ان جو تعلق به هڪ زميندار گهراڻي سان آهي. اهو آهي ڳوٺ مبارڪ جروار جو سائين حاجي عبدالله جروار مرحوم. ڳوٺ مبارڪ جروار جي جروار برادري جي ڪوشش سان ڏيڍ صدي اڳ سرهندي پير صاحبان جي مدد سان مڪتب کوليو ويو هو جنهن لاء سرهندي پير صاحبان سائين مولوي عبدالڪريم مجروح مرحوم کي هن ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪري ڳوٺاڻن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي هدايت ڪئي. سائين مجروح صاحب جي ڪوشش سان هتي مڪتب قائم ٿيو. منهنجي پڙڏاڏي ڏاڏا حاجي پيروز مرحوم به ڪجھ عرصو سائين مجروح صاحب وٽ پڙهيو هو. سائين حاجي عبدالله مرحوم به هن ڳوٺ جا پڙهيل لکيل استاد پيشي سان منسلڪ شخصيت هئا. ان سان گڏ ڳوٺ جي مراداڻي پاڙي جي نيڪ مرد اوطاقي گهراڻي جا فرد هئا. سندن تعليم سان گهڻو چاه هو. ٻارڙن جي تعليم جي حاصلات جي ڪوشش ۾ سائين جو پنهنجي پرائي ۾ ڪو فرق نه هوندو هو. غريب توڙي امير جو ٻار هجي پر پڙهي لکي وڃي. انهي ڪوشش ۾ سندن ساٿ ۾ سندس گهر جا ڀاتي جن ۾ ماما حاجي بچل مرحوم، ماما حاجي هاشم مرحوم، ماما حاجي اسماعيل ۽ ماما علي بخش جروار جن جو ساٿ شامل هو. ان سان ڳوٺ مان اڻ وقت جي معزز شخصيتن جن حاجي احمد مرحوم، غلام صديق جروار مرحوم، حاجي غلام حسين جروار مرحوم، مرحوم جمع خان، حاجي دين محمد، رئيس شادمان خان جروار جي فيملي سميت آس پاس جي ڳوٺن جن ۾ رئيس شادمان جروار جي رئيسن، ڳوٺ بيگن جروار جي ڪامريڊ الھ بچايو جروار، حڪيم حاجي هاشم عمراڻي ڳوٺ مٺو جروار جي رئيسن پڻ ساٿ ڏنو. برادري جي ساٿ سان پرائمري اسڪول کي مڊل اسڪول جو درجو مليو. سائين حاجي عبدالله جروار مرحوم جو آرڊر ان اسڪول ۾ بطور ڊرائنگ ٽيچر ٿيو. هن اسڪول ۾ مقامي استاد اڪيلو سائين حاجي عبدالله هو باقي استاد پري پري کان آيل مقرر ٿيا. هتي جي ڳوٺاڻن جن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، انهن پري جي استادن جي رهائش جون ذميواريون ورهائي کنيون. جن کي ڳوٺاڻن خوب نباهيو. استادن کي وڏيون عزتون مليون. استادن به تعليم ڏيڻ ۾ وسان نه گهتايو. اسڪول ۾ ڊيوٽي بعد شام جو اهي استاد ٻارن کي بنا معاوضي جي پڙهائيندا هئا . پري پري جا استاد هن ڳوٺ ٿوري ڀرپاسي جي ڳوٺن بيگن جروار، ڳوٺ مٺو جروار، ڳوٺ شادمان جروار ۾ رهيا. هنن ڳوٺاڻن نه رڳو استادن کي پنهنجي اوطاقن ۽ اجهن ۾ رهايو. انهن لاء پنهنجي دلين جا دروازا پڻ کولي ڇڏيا. هنن استادن کي ڳوٺاڻن کان وڏي عزت ۽ مان مرتبو مليو. استادن کان علاوه پري پري جا شاگرد به هتي رهي پوندا هئا. جن کي سائين حاجي عبدالله مرحوم توڙي ڳوٺ وارن پاڻ وٽ رهايو. مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهائي بعد نائون ۽ ڏهون ڪلاس پڙهڻ لاء مسڻ وڏي ويندا هئا. پر ڳوٺاڻن جي ڪوشش بعد هن اسڪول کي هاء اسڪول جو درجو مليو. ان سموري ڪم جي سرواڻي سائين حاجي عبدالله جي هوندي هئي. اسڪول ۾ ڇوڪرن سان گڏ نياڻين جي تعليم جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. هن سمورين ڪوششن جي نتيجي ۾ هن اسڪول کي هاء اسڪول جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جڏهن اسڪول ۾ ٻارن جي في مقرر هئي ته سائين جن غريب ٻارن جي في هڙان وڙان ڀريندا هئا. هن اسڪول ۾ بکر جمالي، سعيد آباد، حيدرآباد، هالا مطلب پري پري جا استاد مقرر ٿي آيا. جن کي ڳوٺاڻن وڏي عزت ڏني آهي. اهي استاد اڄ به هن اسڪول توڙي ڳوٺاڻن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا. سائين حاجي عبدالله جروار مرحوم ۽ ڳوٺاڻن جي ڪوشش سان پڙهي نڪتل سوين شاگرد، شاگردياڻيون سٺن سرڪاري عهدن تي فائز آهن. هن علائقي جي توڙي ٽنڊي الهيار ضلع جي مختلف هنڌن رهندڙ جروار برادري جي تعليم لاء جاکوڙ قابل قدر آهي. هاء اسڪول مبارڪ جروار جنهن کي هاڻ هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو ويو آهي ان ۾ مقرر مقامي استادن جي اڪثريت سائين حاجي عبدالله جي شاگردن جي آهي. اڄ جڏهن هن اسڪول جي تاريخ جو ذڪر ٿئي ٿو سائين حاجي عبدالله جروار مرحوم کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
    ڪجھ وقت اڳ هاء اسڪول مبارڪ جروار وڃڻ ٿيو. شايد ڇهين ڪلاس جي ڪلاس روم جي ڀت تي سائين حاجي عبدالله جروار مرحوم جي تصوير هٿ سان ٺهيل لڳل هئي. پڇا ڪرڻ تي معلوم اها تصوير هن ئي اسڪول جي ڊرائنگ جي استاد سائين ڀوڄو مل جي ٺاهيل هئي. جيڪو سائين حاجي عبدالله جو شاگرد آهي.

    Khan Jarwar Mohammed Ishaqe Adil Jarwar Abdul Hakeem Jarwar Muhammad Juman Jarwar
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو