"ٻري جن ٻاري" "ٽنڊي الهيار ضلع جا استاد صاحبان " سلسلي جي ڪڙي نمبر (4) سائين محمد صديق پتافي صاحب "سائين وڏو" تحرير : عبدالله جروار 1988ع سال جو تاريخ مهينو ياد نه آهي پر ان ڏينهن منهنجي مامي سائين خان محمد جروار مرحوم هجت ڪندي چيو ته منهنجي فرزند خداداد جو ماستري جو آرڊر گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل پتافي ۾ ٿيو آهي. ان کي جوائن ڪرائڻ لاء توکي خداداد سان گڏ وڃڻو آهي. ماما سائين جي حڪم کي اکين تي رکي ڳوٺ بچل پتافي روانا ٿياسين. ان وقت روڊ رستي سواري جي ايتري سهولت نه هئي. موٽر سائيڪل به ايترا عام نه هئا تنهن هوندي به ھوند وارن اها سواري موجود هوندي هئي. باقي غريب غربي جي وٺڻ کان قصو زور هو. ڳوٺ بچل پتافي اسان جي تر جو پتافي برادري جو وڏو ڳوٺ آهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالھ آھي جڏھن هي ڳوٺ پراڻن پڊن تي قائم هو. اسڪول جي جاء به ڪچي هئي. اسڪول جي ان جاء ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو کن شاگرد هئا اڪيلو استاد هو. جيڪو استاد به پاڻ هيڊ ماستر به پاڻ هو. نه اسڪول جي پڪي عمارت نه پٽيوالو نه بجلي موجود پر سائين کي ڪا شڪايت نه هئي. ٻروچڪا ٻار جن کي ماٺ ڪرائڻ به مشڪل هو. سائين اسان سان خوش اسلوبي سان مليو. هڪ وڌيڪ استاد ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪيائين. سائين خداداد کي همت ڏياري ته ڪو مسئلو ڪونهي گڏجي پڙهائينداسون. سائين جي تربيت سان جي تربيت جا اثر سائين خداداد جي مزاج تي اڄ به آهن. ڳوٺ بچل پتافي ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيڻ کان اڳ هن ڳوٺ ۽ آس پاس جا ٻار تي چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري کوکر ڳوٺ پڙهڻ ويندا هئا. هن ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ٿيڻ ۽ سائين محمد صديق جو هن اسڪول ۾ مقرر ٿيڻ هن ڳوٺ جا ٻار هتي پڙهڻ لڳا هئا. سائين هن جو اڪيلو استاد هو جنهن جي محنت سان هن ڳوٺ جا ٻار پڙهيا. هن ڳوٺ جو هر گهر جا فرد سائين محمد صديق جا شاگرد رهيا آهن. جيتوڻيڪ سائين محمد صديق گهڻو عرصو اڳ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو آهي. پر سڄي ڳوٺ ۾ هر ننڍي وڏي وٽ سائين لاء ادب ۽ احترام اهو ساڳيو آهي. سائين اڳيان ڪو به ننڍو وڏو فرد وڏي آواز سان نه ڳالهائيندو آهي. سمورو ڳوٺ اڄ به سائين محمد صديق جو نالو وٺڻ بجاء "سائين وڏو" چئي مخاطب ٿيندو آهي. سچ پچ ته سائين جنهن ڏکين حالتن ۾ هن ڳوٺ جي ٻارن کي تعليم ڏني آهي. سائين جو هر ڳوٺاڻي جي دل ۾ ادب احترام ڏسي ائين لڳندو آهي ته هي استاد جي ڏنل تعليم جي قدرداني ڪري سٺي شاگرد ھجڻ جو حق ادا ڪري رهيا آهن. دعا آهي ته ﷲ پاڪ سائين وڏي کي وڏي حياتي ۽ سٺي صحت عطا فرمائي آمين. Haji Ghulam Mustafa Pitafi Allahbakhsh Pitafi Abdul Ghafoor Pitafi Haji Ghulam Hussain Pitafi