ليکڪ مهدي حسن پنهور انسا ني شعور جي جيئن پختگي وڌي يا انساني شعور سوچن کان اڳتي نڪري تمام بهتر ۽ مثبت انداز ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان وقت ڪيئي مسئلا ۽ مونجهارا پڻ انساني ذات کي جڪڙيل هئا. جيڪي هر حوالي سان انساني عقل جي ارتقا ۾ رڪاوٽ بنجي رهيا هئا. انسان مس مس وڃي فطرت جي رازن رمزن کي پرکيو پروڙيو هئو. چنڊ تارا، پکي پکڻ ڌرتي تي رهندڙ پوري جيوت يا انساني مزاج رهڻي ڪهڻي اٿڻ ويهڻ زراعت ۾ جديديت کاڌ خوراڪ، پوشاڪ يا ان کان به وڌيڪ ڪيئي، سائنسي ڄاڻ يا علم حاصل ڪري ماڻهن هوريان هوريان قدامت پسندي يا انڌيري دور جي پيدا ڪيل سسٽم مان نڪري هاڻ جديد رنگين ۽ خوبصورت دور ۾ داخل ٿي رهيا هئا. پر پوءِ به کوڙ ساريون ڏکيائون انساني نفاست ۽ ارتقا ۾ پيش اچي رهيون هيون. جن کي ختم ڪرڻ يا حل ڪرڻ في الحال مشڪل پئي لڳو پر پوءِ به دور جي ڏاهن ۽ عقل وارن سٺي طريقي سان اهو ڄاتو پئي يا سمجهي ويا هئا ته جيسين ڪا به ڳالهه انسان کي مهذب بنائڻ لاءِ يا ترتيب سان رهڻ لاءِ تحرير ۽ شڪل ۾ نه لکي ويندي تيستائين ڪير به ڪنهن جو چيو ڪو نه ڪندو. طاقتور هيڻي کي کتاريندو رهندو. خون خرابو يا ڦرلٽ جهڙا واقعا ٿيندا رهندا. جنگجو قبيلا هيڻن قبيلن کي فتح ڪرڻ لاءِ انسان آزاريندڙ عمل ڪندا رهندا. انتهائي طاقتور قبيلن جا سردار ڌرتين کي ليڪا پائي ان کي پنهنجي ملڪيت ڄاڻائيندا يا ظاهر ڪندا يا ڪيئي جاهلاڻا طريقا جيڪي انساني جبلت بنجي چڪا هئا. سي پڻ الائي ڪيترو وقت هلندا رهن يا انهن کي روڪڻ جو ڪو به وس نه هلي سگهي ان لاءِ چند نڪتا جن کي وڏي غور ويچاري ڏينهن رات هڪ ڪري ٺاهيا ويا. تن ۾ روينيو يا ان سان ملندڙ سسٽم معنيٰ ڪير به ڪنهن جي ملڪيت جيڪا تحريري شڪل ۾ هوندي ان کي ڦٻائي نه سگهي. فورس جيڪي حڪومتن جي ماتحت هوندي ۽ ڌرتي تي امن امان ڪرائڻ يا هر ممڪن انسان آزاريندڙ عمل کي روڪي ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ملوث فرد يا قبيلي کي قانوني زمري ۾ وجهي ڪاٺ ۾ هڻڻ يا زنجيرن ۾ ٻڌڻ يا لاڪپ ڪرڻ. عدلت ڏوهي بي ڏوهي کي ٻڌڻ يا ثابت ڪرڻ لاءِ قاضي يا ججن جو قيام عمل ۾ آڻڻ هاڻ هوريان ڏاڍيان ماڻهن پنهنجي مرضي يا منشا موجب انهن سڀني کي وضاحت يا تشريح سميت لکت يا تحريري شڪل ۾ آندو ۽ ان کي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن ڏينهن ڏهاڙي ۽ وقت تيزي سان گذرندو رهيو تيئن تيئن ان تحريري لکت ۾ سڌارا پڻ ايندا رهيا۽ ان کي مضبوطي سان قانوني شڪل پڻ ملندي رهي. هوريان هوريان ملڪي سرحدون توڙي امن امان واسطي فورس جي سٺي تربيت لاءِ ادارا جوڙڻ جي پڻ ضرورت پيش اچڻ لڳي جنهن لاءِ ڌرتي جي گولي تي ڪيئي ادارا جڙي راس ٿيا جنهن ۾ فورس جا جوان سٺي طريقي سان پڙهي تربيت وٺي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ لڳا. ان فورس ۾ اهم ۽ عوامي امن امان لاءِ پوليس جو ڪردار اهم بنجڻ لڳو. جن جي ضرورت پڻ واضح محسوس ٿيڻ لڳي. جڏهن برطانيه جي قابض حڪومت اڌ دنيا جي فتح کانپوءِ آهسته آهسته پويان پير ڪري رهي هئي ۽ مفتوح قومون پنهنجا وڃايل ملڪ واپس وٺڻ لاءِ ويڙهاند ڪري رهيون هيون ته برصغير جو ڏاکڻو خطو معنيٰ ته تڏا ويڙهاند ۾ شامل هئي. انگريزن اها بغاوت محسوس ڪندي سنڌ ۾ 1943ع ۾ پوليس تربيت لاءِ پوليس ٽريننگ جو بنياد رکيو. پوري سنڌ ۾ ضلع سانگهڙ کي ان ڪري به چونڊيو يا پوليس جو تربيتي سينٽر کوليو ته جيئن هن ئي خطي مان حر تحريڪ جيڪا سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه هلائي رهيو هو ان کي ٻنجو ڏئي سگهجي. بهرحال ان پوليس ٽريننگ سينٽر جو پهريون پرنسپل ايل ايڇ ڪرسچل انگريز هو. ٺيڪ چئن سالن کانپوءِ انگريز برصغير ڇڏي ويا ۽ پاڪستان جو بنياد پيو جنهن وقت پهريون مسلمان پرنسپل ظهيرالدين هو جيڪو پوليس جي جوانن کي پڙهائي ۽ ڊسيپلين سيکاريندو رهيو ۽ پنهنجا فرض نڀايا. واضح رهي ته پوري پاڪستان جو هيءُ ٽريننگ سينٽر تمام پراڻو جيڪو پاڪستان جي ورهاڱي کان به 4 سال اڳ ٺهيو ۽ اڄ به پوري ملڪ جي پوليس ٽريننگ ادارن کان وڏو ۽ خوبصورت آهي هن اداري ۾ پهريان ته صرف نون ڀرتي ڪيل پوليس جي جوانن کي قانون، هٿيار هلائڻ ۽ ڊسيپلين جهڙا سبق پڙهايا ويندا هئا۽ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جا گر پڻ سيکاريا ويندا هئا پر آهسته آهسته ان پڙهائي سان گڏ 1994 ۾ هن اداري کي اپ گريڊ ڪري pts مان ترقي ڏئي ptc ڪيو ويو. جنهن ۾ رنگروٽ کان وٺي dsp تائين آفيسرن جي سکيا پڻ ٿيڻ لڳي. 2007 ۾ پرنسپل جي جاءِ تي ڪمانڊنٽ آفيسر مقرر ٿيا. جيڪي dig رينڪ يا پوسٽ جا هئا. هن اداري جي 66 سالن جي ڄمار ۾ 133 دفعا پاسنگ آئوٽ ٿي چڪي آهي. هر 6 مهينن جي هن تربيتي ڪورس ۾ پوري ملڪ جا لڳ ڀڳ 300 کن پوليس جوان پڙهي ڪورس ڪري مختلف ضلعن يا علائقن ۾ وڃي ڊيوٽيون ڪري پنهنجو فرض نڀائين ٿا. هن اداري مان نڪتل پوليس فورس جا جوان dig پوسٽن تائين پڻ پهتا. 100 جي لڳ ڀڳ استاد ڏينهن رات هڪ ڪري جوانن کي پڙهائيندا يا سيکاريندا رهن ٿا. ۽ وقتن به وقتن پوليس قانون ۽ نفسيات جا ماهر ٻاهرين ملڪن مان اچي هت تربيت ڏين ٿا. جن جو پڻ سٺو اثر ٿئي ٿو. 127 ايڪڙن تي مشتمل هي ادارو شهدادپور جي اوڀر طرف سانگهڙ ڏانهن ويندڙ مين رستي تي واقع آهي.جنهن کي شهدادپور شهر جي مين ريلوي لائين ۽ اسٽيشن پڻ ويجهي پوي ٿي. جنهن جي ڪري پوليس جا تربيت وٺندڙ نوجوان آزادي سان موڪلن ۾ يا واپسي تي پنهنجن اجهن ڏانهن وڃي سگهن ٿا. هن اداري جي خوبصورتي يا دلڪشي ان ۾ به آحي ته ان 127 ايڪڙن جي زمين تي 13 ايڪڙ انبن جو باغ ۽ 3 ايڪڙن تي ڀاڄيون پوکيون وڃن ٿيون. جنهن جي ڪري به هي ادارو ٻاروهي ساوڪ ڀريو رهي ٿو. باقي 93 ايڪڙن ۾ گرائونڊ، سکيا ميدان، آفيسون، رهائش لاءِ هاسٽلون ، چانهه جون هوٽلون، سيڌي جا دڪان، حجام، درزي گاڏين جو گيرج وائرليس آفيسون ٽيليفون ايڪسچينج ۽ ٻيون خوبصورت آفيسون جڙيل آهن. جيڪي پڻ هن اداري جي شان شوڪت ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته ملڪي سلامتي يا ڪنهن به هنگامي حالتن ۾ هن اداري مان فوري پوليس جوانن کي پنهنجو فرض نڀائڻ لاءِ گهرايو وڃي ٿو. پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور مان پاڪستان جي مختلف صوبن مان پوليس جا نوجوان ٽريننگ حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. جنهن ۾ ايف آئي اي ، اينٽي ڪرپشن، ريلوي، نادرن ايريا، نارڪوٽيڪس، اسپيشل برانچ، جيل پوليس، ڪرائم پوليس، ٽريفڪ پوليس، موٽر وي پوليس، فيلڊڪنسٽل وارا ٽريننگ حاصل ڪن ٿا. جن کي برطانيه، فرانس، آمريڪا، جرمني ۽ ٻين ملڪن جا ماهر ليڪچر ٽريننگ ڏين ٿا. ان کان سواءِ ڪلاس موجود آهن جڏهن ته گيمز سهولت، ڪمپيوٽر ليب، هيلٿ ڪلچر پروگرام اينفي ٿئيٽر موجود آهن. ٽريننگ ڪاليج ۾ 1994ع ۾ dsp جو ڪورس شروع ٿيو. انکان سواءِ psi انسٽرڪر فزيڪل، سڪٽري پروسل asi، ڊرل انسپيڪٽر جا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا. پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ ڪيترا ئي ناليوارا پرنسپل ڪمانڊنٽ پوسٽ تي رهي چڪا آهن جن ۾ اي ڊي خواجا، رخسار کهاوڙ، بشير ميمڻ، خادم رند، عبدالخالق شيخ،ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، الطاف ڀٽي، مظهرنواز ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ جتي سموريون سهولتون ۽ خوبصورت شعبا آهن ان اداري ۾ وقت به وقت ڪرپشن جو رحجان جنم وٺندو رهيو ڪڏهن وڻن جي واڍي ته ڪڏهن وري ميس وارن جي کاڌ خوراڪ ۾ گهوٻين جا انڪشاف ٿيندا رهيا جنهن لاءِ اختيارين انهن ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪندي کين سخت کان سخت سزائون پڻ ڏئي چڪي آهي هن وقت هن اداري ۾ چورديواري، صفائي ڪواٽر زبون حالي سميت صاف پاڻي ۽ ٻين مسئلن جو شڪايتون عام آهن جنهن لاءِ ڊي آئي جي ڪمانڊنٽ ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي جو چوڻ آهي ته اسان اهڙن مسئلن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار کان چوديواري لاءِ 2 ڪروڙ جي بجيٽ حاصل ڪئي آهي. جنهن تي تعميراتي ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته ٽريننگ ڪاليج ۾ صاف پاڻي جي لاءِ فلٽر پلانٽ جنريٽر۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيو آهن. هن چيو ته اسان پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ ڪرپشن جو خاتمو آندو آهي ۽ ٽريننگ ڪاليج ۾ موجود مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٽرينين جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ درٻار ٿيندي آهي ۽ کين بهتر ڪارڪردگي تي انعام پڻ ڏنا ويندا آحن کين تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ (بڙا کانا) ڪلچر ميوزيڪل شو پروگرام پڻ ڪرايو ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ اندر هن پراڻي تربيتي اداري کي اڃا به وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت بنائڻ ۽ ٽرينين جي مسئلن توڙي سهولتن جي کوٽ کي لاڳاپيل ادارا ترجيحي بنيادن تي ڪم ته جيئن عوام جا محافظ ۽ خادم پوليس عملدار وڌ کان وڌ عوام جي خدمت ڪري سگهن. ***