”اُھي ويچارا جنگ جا ماريل آھن، مرضيءَ کان بغير واپس نہ موڪليو وڃي”

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2023۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    اسان سنڌ ۾ ڌارين جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادڪاريءَ ۽ سنڌ جي ڊيموگرافيءَ تي پوَندڙ اُن جي خطرناڪ اثرن تي پنھنجي گھري تشويش جو اظھار ڪريون ٿا.

    سنڌ جي ماڻھن جي مھمان نوازيءَ، رواداريءَ ۽ انسان دوستيءَ جي گواھي تاريخ ڏئي ٿي جنھن کي سڄي دُنيا مڃي ٿي؛ پر ھر شيءِ، ھر ڳالھہ جي ھڪ حد ھُوندِي آھي. سنڌ ۾ ٻين صُوبن ۽ ٻين مُلڪن کان ماڻھن جي آمد ۽ آبادڪاري سڀ حدون پار ڪري چُڪِي آھي، جيڪا سنڌ جي سياست، معيشت، معاشرت؛ مطلب تہ سمُوري سماجي ڍانچي کي مُتاثر ڪري رھي آھي. اسان پُورِيءَ ذميواريءَ سان چئون ٿا تہ آباديءَ جي اِن يلغار (Influx) جي پويان فطري عنصرن کان وڌيڪ رياست جي پاليسين ۽ اُن جي ڪِردار جو ھٿ آھي.

    ھُونءَ تہ پاڪستان ٺھڻ جي پھرئين ڏينھن کان لڳاتار سنڌ ۾ ماڻھن جي اچڻ جو سِلسِلو جاري آھي پر اِن ۾ يڪ دم وڏي پيماني تي ڇُڙواڳ واڌارو افغانستان جي جنگي صُورت حال جي ڪري آيو آھي. اِن يلغار جي سياسي، سماجي، اقتصادي نتيجن ۽ بد امنيءَ جي حوالي سان سڄو مُلڪ مُتاثِر ٿيو آھي پر سڀ کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ اثر سنڌ تي ۽ خاص ڪري اِن جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ تي پيا آھن جن جو اِدراڪ ۽ اِظھار ميڊيا ۽ اعليٰ عدالتن ذريعي بہ آڏو ايندو رھيو آھي.

    تازو حڪُومت غير قانوني غير مُلڪين کي، جن ۾ وڏي اڪثريت يقيني طور افغانين جي آھي، واپس موڪلڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آھي، اُن حوالي سان خاص طور سِنڌ ۾ ھِڪڙِي مُھم شروع ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ اقوامِ متحدہ جي پناھہ گيرن بابت پاليسيءَ جو حوالو ڏيندي چيو پيو وڃي "اُھي ويچارا جنگ جا ماريل آھن، اُنھن کي سندن مرضيءَ کان بغير واپس نہ موڪليو وڃي."

    حقيقت اِھا آھي تہ سڄيءَ دُنيا ۾ پناھہ گيرن کي اقوامِ متحدہ جي نگرانيءَ ھيٺ سرحدن جي ويجهو ڪيمپن ۾ رکيو ويندو آھي ۽ اُنھن جي روز مرھہ جو انتظام ميزبان مُلڪ جي حڪُومت اقوامِ متحدہ جي تعاوُن سان ڪندي آھي. اِن جي اُبتڙ افغان پناھہ گير ھِتي سماج جي اندر گهِڙي ويا آھن. اُنھن ملڪيتون خريد ڪيون آھن ۽ ملڪيتن تي قبضا بہ ڪيا اٿن. سرڪاري زمينن ۽ روڊن رستن کان علاوہ مقامي ماڻھن جي نجي ملڪيتن تي بہ قبضا ڪيا اٿائون جن جي نتيجي ۾ جهيڙا جهَٽا ۽ خوني ٽڪراءَ معمُول بڻجي ويا آھن. ڪرپٽ رياستي ڪارندن جي مدد سان اُنھن مقامي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل بہ ٺھرائي وَرتا آھن جنھن سان سنڌ جي شھرين جا حق مارجي رھيا آھِن؛ خاص ڪري ڪراچيءَ جي مسئلن ۾ اِضافو ۽ وسيلن تي بار وڌندو پيو وڃي.

    اسان مُطالِبو ٿا ڪريون تہ افغانين سميت سمُورن غير مُلڪينِ کي واپس اُنھن جي مُلڪ موڪليو وڃي. خاص ڪري ھاڻي جڏھن افغانستان ۾ جنگ ختم ٿي وئي آھي تہ جنگ مُتاثِرن جو ھِتي ترسڻ جو ڪو جواز ناھي رھيو. واپسيءَ تائين اُنھن کي ڪيمپن ۾ رکيو وڃي. اِن سان گڏ ئي اسان جو مُطالِبو آھي تہ ٻين صُوبن کان روزگار لاءِ سنڌ ۾ ايندڙن لاءِ بہ قانون سازي ڪئي وڃي جنھن ھيٺ اُنھن کي 'ورڪ پرمٽ' جاري ڪئي وڃي ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جي حق کي محدُود ڪيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو